آمريءَ جو مقام:

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    آمريءَ جو مقام:ميرپورخاص ضلعي ۾ ٽنڊي جان محمد لڳ پراڻ جي ڪناري تي هڪ قبرستان آهي، جيڪو ’آمريءَ جي مقام‘ جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ قبرستان 700 سال پراڻو مسلم دور جو چيو وڃي ٿو. ١١ ھين صدي عيسويءَ ۾ ھن علائقي تي قرامطي خاندان جي حڪومت ملتان تائين ھئي. ھي ماڳ مڪليءَ کان ٣٠٠ سال پراڻو آھي. روايت آھي ته محمود غزنوي ھتان، سکر ۽ شڪارپور کان ٿيندي موٽيو ھو ته سندس لشڪر ۾ وبا پکڙجي وئي ۽ ھزارين فوجي مري ويا، جن کي اجتماعي قبرن ۾ دفنايو ويو. -تحفة الڪرام- موجب هن جاءِ تي شيخ بهاءُ الدين ملتاني آمريءَ جو هڪ وڻ پوکايو هو، جيڪو بعد ۾ خدا وارن بزرگن جي مشهور زيارتگاهه بنجي ويو. شيخ بهاءُ الدين جي سلسلي جا فقير هن هنڌ سماع ۽ صحبت ڪندا هئا ۽ اهو سلسلو اڄ تائين -جاري- آهي. هڪ ٻي روايت موجب غوث -بهاءُ الدين ذڪريا- ھتي چلو به ڪڍيو. گدامڙيءَ جو وڻ ڪنھن بزرگ لڳايو ھو، جنھن جي اڳتي ھلي پوڄا ٿي ته عبدالرحيم گرھوڙيءَ -ان- کي وڍائي ڇڏيو. مشھور ھندو -ڀڳت- ھنس نارائڻ جي سماڌي ۽ مندر به ھتي آھي. قبرستان جي حالت زبون آھي، ڪنھن به اداري جي سنڀال ھيٺ ڪونه آھي. ڪلر جي ڪري ھتان جون سڀ تربتون ۽ مقبرا ختم ٿي ويا آھن. ھڪ مقبرو ڪجهه حال ۾ آھي، جنھن اندر چٽساليءَ جا نمونا بيٺل آھن. ھن قبرستان ۾ ستن ماموين جون قبرون پڻ موجود آھن، جن تي ڦرھي (ٻارن واري) جا نشان اڪريل آھن. ھتي شاهه ڪريم جي دور جو ميھار فقير نوھڙي به دفن آھي. ھي قبرستان ١٠ بلاڪن تي پکڙيل آھي. هن جاءِ تي ڪيترائي -اهل- -الله- آرامي ٿيا ۽ اتي تمام وڏو قبرستان ٺهي ويو. آمريءَ جي وڻ جي نسبت سان هن قبرستان کي ’-آمريءَ جو مقام-‘ سڏجي ٿو. ميين شاهه عنات رضويءَ به پنهنجي ڪلام ۾ هن مقام جو ذڪر ڪيو آهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. amresh kumar

    amresh kumar
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    271
    هن كتاب جو نالو بديندا ت مهرباني جيكو آمري قبرستان تي لكيل آهي ء ليكيو كهن آهي
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مٿي ڄاڻايل معلومات ۾ ڪتاب تحفته الڪرام جو ذڪر واضع آهي ۽ هي ڪتاب سرچ ڪندي اوهانکي نيٽ تي ملي سگهي ٿو
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هن ڪتاب جو مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي رحمت الله عليه اصل ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي
     
  5. amresh kumar

    amresh kumar
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    271
    مونكي ستن ماموين تي لكيل كتاب كبي تو
    مهرباني
    كتاب جي دكان موبائل نمبر ديندا ت مهرباني
     
  6. مير جمشيد اختر ٽالپر

    مير جمشيد اختر ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    ٽنڊو جان محمد
    آمري جو مقام عربن جي شيوعاتي دور جو ٻڌايو وڃي ٿو. محمود غزنوي 1026ع ۾ سومناٿ جي حملي کانپوءِ سنڌ ماٿر ۽ پراڻ رستي واپس غزنوي پئي ويو ته هتي آمري ۾ اچي رهيو جتي هن جا ڪيترائي سپاهي وبا ڦهلجڻ سبب وفات ڪري ويا ته انهن کي هتي دفن ڪيائين انهي کانپوءِ ان وقت سنڌ جي حڪمران خفيف سومري هن تي زبردست حملو ڪيو جنهن ڪري محمود غزنوي ڀڄي وڃين ملتان ۾ ساهه پٽيو ۽ پوءِ اتان غزني ويو.
     
  7. مير جمشيد اختر ٽالپر

    مير جمشيد اختر ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    ٽنڊو جان محمد
    ماموئي درويشن جو قبرون به هتي ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ ڪيترن ئي اسڪالرن انهن درويشن جي ڪيل پيشنگوئين تي تحقيق ڪئي آهي. پر حيرت آهي تحفته الڪرام ۽ تاريخ معصومي ۾ انهن درويشن جو ڪوبه ذڪر نٿو ملي..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو