تَه ڪَرَ ڪِيئَن سُئي؟ جَي سِيرَ نَه گِهڙَي سُهڻِي هِتِ حَياتِيءَ ڏِينهَڙا، هَڏِهنِ تَان نه هُئي چُڪِي تَنهَن چَرِي ڪَئي، جو ڏِنَس اُنَ ڏُهي سُهڻِيءَ کَي سَيَدُ چَئَي، وِڌَو قُربَ ڪُهي هُنئَهِين هُوندَ مُئي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻَا ٿِيَا سُرُ سُهُڻي ڪَرَ = جيڪر، جيڪڏهن سُئي = ٻڌڻ ۾ آئي، ٻڌي وئي هَڏهن = هرگز چُڪي = سُرڪي، چُڪي، پڪَ اُنَ = ميهار هَنئَهين = اُئَئين، هونئن به هُوندَ = ضرور ٻيڻَا ٿيَا = هنَ ۽ هُنَ جهان ۾ امر ٿي، شهادت ماڻيائين بيت جو پس منظر جَي سُهڻي ميهار جَي سڪ ۽ محبت وچان درياهه ۾ ڪاهي نه پئي هان ته دنيا ۾ سندس نالو پوءِ ڪيئن ڳائجي هان؟ مري ته هونئن به وڃي هان. سُهڻيءَ کي ته ان سُرڪيءَ چريو ڪيو هو جيڪا ميهار پياري هيس, پوءِ ئي ته سهڻي ميهار جي محبت ۾ مست ٿي. سهڻي مري ته ڀلا هونئن ئي وڃي هان پر جڏهن درياهه ۾ ميهار لاءِ پاڻ لوڙهي ۽ ٻوڙي ڇڏيائين ته امر ٿي وئي. سمجهاڻي پيار، پاٻوهه ۽ رومانس جي هن خوبصورت بيت ذريعي ڀٽائي اسان کي قربانيءَ ۽ سر ساهه گهورڻ جي تعليم ۽ تربيت ڏئي ٿو. سهڻيءَ جي جڏهن ميهار سان اڃان محبت نه هئي ته هوءَ هڪ عام عورت هئي. پر جڏهن ميهار پنهنجي چپن تان لٿل سڪ جي سرڪي پياريس ته سهڻي ميهار جي محبت ۾ قيد ٿي. سهڻي جڏهن ميهار جي ڪري دهشت واري درياهه ۾ گهڙي ۽ ٻُڏي مئي تڏهن ئي ته هميشه لاءِ امرتاماڻيائين.ڀٽائي به اسان کي سيکاري ٿو ته پنهنجي محبوب، ڌرتي ۽ قوم سان ڪيل واعدا ۽ وچن نه رڳو نڀايو پر جي سر ساهه صدقي ڪيو ته اوهان به امرتا ماڻي سگهو ٿا. _____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
ميهار ملاحن کي .اُڀو آڇي اَڇ آئون پُڻ وج هان هٿڙا .آهين پُڻ وجهو رَڇ سَندئ ڪُنَ ڪُڻڇَ. مانَ ھوئن سلامت سُپرين