مستقبل ۾ جهاتي..

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اڄ آفيس ۾ ويهندي خبر ئي نه پئي.. ڪم ئي ڪجهه اهڙو هو.. اوهيو ٿئي.. پنج وڄي ويا.. ۽ گهر وڃڻ جو وقت به ٿي ويو.. ليپ ٽاپ بيگ ۾ وجهي ٽيبل تي موجود سامان سنڀالي ئي رهيو هيس ته موبائيل فون تي هڪ ميسيج وصول ٿيو.. اوهيو ٿئي.. فرج ايس ايم ايس ڪيو آهي ته ”آنا ختم ٿي ويا آهن.. ۽ ڏهي به ڪانهي .. واپسي تي مارڪيٽ مان وٺيون اچ..“
    سامان سنڀاليندي دل ۾ سوچيم .. هي فرج به ڪنهن زال کان گهٽ ناهي.. :)

    پر اڃان ڳالهه بس نه ٿي هئي.. ڇو ته موبائيل جي گهنٽي وري وڳي.. هن دفعي پيغام گاڏي موڪليو هو.. ”ٽائرن ۾ هوا گهٽ پئي ٿئي.. ۽ گاڏي ۾ فيول به ختم ٿيڻ وارو آهي..“
    ”ضرور ڪنهن ٽائرن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي هوندي..“ مون دل ئي دل ۾ چار نيڪيون وڃايون.. !

    خير سامان سنڀالي گاڏي طرف روانو ٿيس ته سمارٽ واچ بيپ ڏيڻ شروع ڪئي.. اڙي لڳي ٿو مينهن وسڻ وارو آهي.. واچ ڏانهن ڏٺم ته اسڪرين اهو ئي پئي ٻڌائي.. لڳ ڀڳ ڪلاڪ کن کان پوءِ مينهن وسڻ وارو هو.. ان ڪري مون فٽافٽ گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ گهر ڏانهن ڀڄڻ ۾ ئي خيريت سمجهيم..

    گاڏي جي ٽائرن ۾ هوا ۽ فيول ڀرائي سچل ڳوٺ جي رستي تي آيس ته گاڏي الارم وڄائڻ شروع ڪيو.. چوي پئي ته گرو مندر کان شديد ٽريفڪ جام آهي..
    ”اي ڪاش! ڪو گرو مندر چورنگي کي ڪٽ ڪري ڪراچي کان ٻاهر پيسٽ ڪري ڇڏي..“ اڄ کان ڏهه سال اڳ به اتي ٽريفڪ جو اهو ئي حال هو..
    خير گاڏي جي هدايت مطابق گرو مندر چورنگي وڃڻ کان پاڻ کي روڪڻ ئي بهتر ڄاتم..

    سگنل کلڻ جو انتظار ڪندي سوچيم گهر جي ٽينڪي ۾ پاڻي ئي چيڪ ڪري وٺان .. پنهنجي موبائيل تان هڪ بٽڻ دٻائي پڇيم..ته ”ميان اهو ته ڏس گهر جي ٽينڪي ۾ پاڻي آهي.. يا نه.. ؟“
    ٿوري ئي دير ۾ ٽينڪي جو ميسيج اچي پهتو ته .. ”ٽينڪي ۾ پاڻي جام آهي..“
    واه سائين .. واٽر بورڊ وارن جون مهربانيون چئجن..

    گهر پهچي گاڏي پارڪنگ ۾ روڪڻ جي ئي دير هئي ته فون جي گهنٽي هڪ دفعو وري وڳي.. اف آنا ۽ ڏهي وٺي اچڻ ته وسري وئي.. خير فرج کي واپس ميسيج ڪري سمجهايم ته آنا ۽ ڏهي پاڻ ئي گهرائي وٺ..

    گهر پهچي غسل ڪرڻ کان پوءِ چانهن جون چسڪيون وٺندي اڃان سيڪنڊ ئي گذريا هوندا ته گهر جي گهنٽي وڳي.. دروازي تي سپر مارڪيٽ جو نمائندو ڏهي ۽ آنا کنيو بيٺو هو..
    اڙي واه.. اڄ ته سپر مارڪيٽ وارن وڏي ڦڙتي ڏيکاري هئي.. فرج سپر مارڪيٽ وارن کان آنا ۽ ڏهي پاڻ ئي گهرائي هئي.. پنهنجي سُستي کي داد ڏيندي سوچيم سٺو ئي ٿيو .. مارڪيٽ وڃڻ جي خواري کان بچي ويس.. :)

    ٻاهر مينهن شروع ٿي چڪو هو.. ۽ ڪمرو به ٿڌو ٿيڻ شروع ٿي چڪو هو.. پر فڪر جي ڳالهه نه هئي جو هيٽر پاڻ ئي گرمي پد کي گهٽجندو محسوس ڪندي ئي ڪمري کي گرم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو..

    ٽي وي به ڪجهه گهٽ هوشيار نه هئي.. هن کي خبر هئي ته رات جي 9 وڳي واريون خبرون ڏسڻ مون کي پسند آهن.. ان ڪري 9 ٿيندي ئي منهنجي پسند جو چينل پاڻ مرادو ئي آن ٿي ويو..

    سمهندي مون گهڙي تي صبح 7 وڳي جو الارم لڳايو پر جڏهن اک کلي ته صبح جا 8 وڄي رهيا هيا.. اصل ۾ الارم وڳو ئي 8 وڳي هو ڇو ته الارم کي اطلاع ملي چڪو هو ته صبح آفيس ۾ ٿيڻ واري ميٽنگ ڪينسل ٿي چڪي آهي.. ان ڪري ان مون کي وڌيڪ هڪ ڪلاڪ سمهڻ ڏنو..

    اي ميلز چيڪ ڪيم ته خبر پئي ته ڊاڪٽر صاحب چيڪ اپ لاءِ گهرايو آهي.. ڇو ته منهنجي ٽوٿ برش ڊاڪٽر صاحب سان ڪجهه اهم طبي مخبريون ڪري وڌيون آهن.. ۽ ڊاڪٽر صاحب چاهي ٿو ته ان لاءِ تڪڙو چيڪ اپ ڪجي ..

    اڳئين اي ميل بجلي جي ميٽر ڪئي هئي.. ته ميان بل ڀر نه ته......... !!

    ________________________​

    هي سڀ ڪجهه جيڪو مون مٿي لکيو توهان کي ڪنهن ديواني جو خواب يا ڪنهن افساني کان گهٽ نه لڳو هوندو .. يا وري توهان ان کي جديد الف ليليٰ جو داستان چئو.. پر يقين ڪريو اهو مستقبل قريب ۾ بس آيو سو آيو..

    مشهور برٽش ليکڪ سر آرٿر سي ڪلارڪ جي پيش ڪيل ”پيشنگوئين جا ٽي قانون“ مان ٽئين قانون جي مطابق ”جديد ٽيڪنالاجي جادو ئي لڳي ٿي..“

    جڏهن هوائي جهاز ايجاد ۽ عام نه ٿيو هو ته تڏهن انسان جي بڻايل ڪنهن شيء جو هوا ۾ اڏرڻ جادو ئي سمجهيو ويندو هيو..

    گاڏيون، فرج، مائڪروويو، استري، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ، سمارٽ فونز، جديد عمارتون هي سڀ شيون يارهين صدي ۾ رهندڙن لاءِ جادو جي حيثيت رکندڙ آهن.. ۽ مون مٿي جن ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي ان مان گهڻيون ته هن وقت ممڪن به ٿي چڪيون آهن.. ۽ جلد عام به ٿي وينديون.. بس توهان کان پڇڻو هو ته ڇا توهان ان لاءِ تيار آهيو..؟؟؟ :)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مون هي ليک پڙهي اڃان وڏيري تي روب ڄمائڻ جي ڪئي پئي ته هاڻ اوهان جي ذهن تي زور ڏيڻ ۽ فرج خالي ٿيڻ جي اطلاع ڏيڻ باوجود اسان کي وسرڻ تي دڙڪا ڏيڻ واري روايت ختم ٿي چُڪي.
    پر هُن هي ليک مون کان اڳ بي بي سي تي پڙهي ورتو هو. ڳالهه وري به اُها ئي ته مون جهڙا سُست پوئتي ئي رهندا جيسين هي سڀ اچي ۽ اپنائجي. دُنيا اڳتي نڪري چُڪي هوندي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سوچيم ته اڄ اڪبر جي استاد کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، صفا دماغ کي چڪر ڏيڻ واريون ڳالهيون پيو لکي. جڏهن پڇاڙي پڙهيم ته مٿي تي هٿ اچي ويا! مار ! هي ڇا ! دنيا واقعي به جديد ٽيڪنالاجي کي اپنائي پئي ۽ اسان ڪيڏانهن پيا وڃون ؟

    فرج به ڳالهائي پيو، واچ به موسم جو حال ٿي ٻڌائي، گاڏي به دانهون ٿي ڪري..!
    مونکي هڪ بزرگ جي نصيحت ياد آئي ته ”خود ڪو بدلو ! دنيا بدل جائي گي.“ واقعي به جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي جديد دنيا ۾ گم نه ڪنداسين ته پوئتي ڌڪجي وينداسين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا آلو ۽ ٽماٽي تي پاڪ نالا ڳولڻ ۽ فلاڻو ڪم اسان وٽ ڪڏهن ٿيندو يا فلاڻي شئي اسان وٽ ڪڏهن پُهچندي، کان ڪم گهڻو اڳتي آهي. اها جيڪا اسان کي پِٽ پيل آهي نه ”ڪم ايئن ئي پيو هلي“. اهو گهڻو وقت نه هلندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. راشد قريشي

    راشد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2009
    تحريرون:
    182
    ورتل پسنديدگيون:
    389
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    آفس ايگزيڪٽو
    ماڳ:
    dadu
    مون وري "فرج" کي ڪو شخص پئي سمجهيو :D
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو