سنڌ جي هندن اسان مسلمان سنڌين کي ڪڏهن به سنڌي ناهي سمجھيو.......؟؟

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2014۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    اصل ۾ هندوئن ۾ ذات پات جي وڏي تفريق آهي، هندوئن جون گهڻيون ذاتون ٻين ذاتين کي پاڻ کان گهٽ ۽ ڪمتر سمجهن ٿيون، بلڪل ائين ئي هندو مسلمانن کان مذهبي مت ڀيد رکن ٿا، ڪيترائي اهڙا هندو ڪٽنب آهن جن جي گهر ۾ ڪنهن مسلم جو پير پئجي وڃي ته هو ان جڳهه کي پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سو لڳي ٿو گجراتي صاحب اهڙن رواجن کان متاثر ٿي هندوئن بابت اهڙي را قائم ڪئي آهي، باقي هندو مسلمانن کي سنڌي ته الائي سمجهن ٿا يا نه پر پاڻ جهڙو بهرحال ناهن سمجهندا، ۽ اهو انهن جي مذهبي تعليم جي ڪري آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    سائين توھان جي ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه آئي. شايد توھان ھندستان ۾ موجود سنڌين بابت چئي رھيا آھيو؟
     
  3. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    سر ڪنھن حد تائين توھان صحيح آھيو پر وقت سان گڏ سوچ به تبديل ٿي آھي، جيستائين مان ھندو مذھب کي سمجھيو آھي انھي مطابق ذات پات جي تفريق ماڻھن جي اپنايل پيشي جي ڪري پيئي مثال جي طور ھندن ۾ ئي ھڪ ميگھواڙ قوم (معذرت سان ڪنھن ميگھواڙ ڀا جي دل آزاري لا نه پر حوالي طور لکي رھيو آھيان) ڪنھن وقت ۾ چمڙي جو ڪاروبار ڪندي ھُئي جيڪو مردار جانورن جي کلن مان ڪيو ويندو ھو جڏھن ته ڪيترائي ھندو گوشت خور نه ھوندا ھئا جنھن سبب ڪري اھي ميگھواڙن کان نفرت ڪندا ھئا حالانڪ ڏٺو وڃي ته نفرت پيشي کان ھئي جيڪا اڳتي ھلي ذات پات جي ڀيد ڀاو ۾ ھلي ويئي. پر اڄ جڏھن ميگھواڙ قوم ترقي ڪري چڪي آھي ۽ نفرت جو اھو دور ھاڻ نه رھيو آھي جيتوڻيڪ اڃا به برابري جي بنياد تي اچڻ لا وقت درڪار آھي جو سوچ ھڪ ڏينھن ۾ نه پر وقت ۽ حالات سان تبديل ٿئي ٿي، تعليم ئي ھڪ واحد ذريعو آھي جيڪو انسان جي سوچ کي اعلي معيار طرف کڻي وڃي ٿو.
     
    سائل مهراڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌين کي جيڪر هندستان ۾ پنهنجو وجود سوگھو ڪرڻو آهي، هڪ سنڌي ٿي رهڻو آهي ته پنهنجي قيادت کي مٽڻو پوندو. ساڻ ساڻ پنهنجي قيادت جي ذريئي پنهنجا اجينڊا به رکڻا پوندا. پنهنجي ڳاله هر سياسي تنظيم جي اڳيا رکڻو پوندي ۽ ووٽ بينڪ جي سياست سکڻي پوندي.

    پر اهو سڀ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسين“ لوهاڻا (واڻيا) ئي رڳو سنڌي” واري ڪوايت مان پنهنجي جند چُڏائينداسين ۽ ڏاٺي، ڪچڇي کي سنڌي ڪري ليکنداسين . هر ڀيل، ميگھوار ، ڪولي کي سنڌي ڪري ليکنداسين . اسانجي وڌيل تعداد ئي اسان جي ووٽن جي آواز بڻبي .

    سنڌ مان لڏندڙ هندو جيڪر ڪنهن ڏانهن آليون اکيون سان اميد ۾ آهن ته اهو هندستان آهي پر هندستان تڏهن جاڳيندو جڏهن هندستان جي سنڌي قيادت جاڳيندي نه ته اسان کي هڪ معڪا پرست، پيٽ پرست قوم ٿيئڻ جو لڪاب پائيڻ لاءِ تيار ٿيئڻو پوندو جيڪا ڪنهن به قوم لان ڪنهن گار کان گھٽ ناهي ٿيندي آهي …
     
    سائل مهراڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مھتاب احمد

    مھتاب احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2016
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    مضمون پڙھي افسوس ٿيو. مان پنھنجي آسپاس ۾ ڪڏھن به ڪنھن اھڙي تجربي مان نه گذريو آھيان. مضمون ھندو ڀائرن جون دليون ڏکائڻ برابر آھي.
     
    اياز علي لغاري ۽ سائل مهراڻ هيء پسند ڪيو آهي
  6. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي
    منشي
    ادا اهڙا مضمون هميشه فساد ڦهلائن ٿا، پر اوهان اهو سوچڻ ڇڏيو ته ڪير اسان کي سنڌي سمجهي ٿو ڪير، شودر؟؟؟
    اوهان پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو
    سج جڏهن اڀري ٿو ته هو پنهنجي روشني سڀ ڪنهن کي ڏي ٿو
    اهو سوچڻ سان ڪو فرق نه پوندو الٽو فساد ڦهلندو
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو