گوگل جا اهم لنڪس جيڪي هر ڪنهن کي معلوم هجڻ گهرجن

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا مان معلوم ڪري سگهان ٿو ته مون ڪهڙن ڪهڙن گوگل اشتهارن تي ڪلڪ ڪيو آهي..؟
    ڇا گوگل کي خبر آهي ته مون تازو ئي ڪهڙا ماڳ ۽ مقام گهميا آهن..؟
    گوگل جو ماسٽر پاسورڊ وساري ويٺو آهيان.. هاڻي ڇا ڪجي...؟
    ڇا گوگل کي خبر آهي ته منهنجيون دلچسپيون ڇا آهن...؟

    [​IMG]

    اهڙا سوال يا وڌيڪ دلچسپ حقيقتون توهان کي گوگل جي اڪائونٽ ڊيش بورڊ مان معلوم ٿي سگهن ٿيون.. پوءِ اچو ته توهان کي ٻڌايان ته گوگل توهان بابت ڇا ٿي ڄاڻي... :) گڏ گوگل جا اهي سيڪريٽ لنڪس به ٻڌايان جيڪي هر انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ کي معلوم هجڻ گهرجن...
    • پنهنجي موجوده اي ميل ايڊريس ذريعي گوگل جو نئون کاتو بڻايو... هوئن ته عام طور سائين اپ پروسيس ۾ گوگل طرفان يوزر کي gmail.com@ تي کاتو ٺاهڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.. ته هيٺين اسپيشل يو آر ايل ذريعي ڪنهن ٻي اي ميل ذريعي توهان گوگل کاتو بڻائي سگهو ٿا..
    https://accounts.google.com/SignUpWithoutGmail

    [​IMG]

    • گوگل توهان جو پروفائيل توهان طرفان سائيٽس جي وزٽ، گوگل پلس ۽ ٻين اشارن تحت ٺاهيندو آهي.. گوگل توهان جي جنس جو اندازو، عمر جو اندازو ۽ توهان جي دلچسپين کي سامهون رکي توهان اڳيان پنهنجا اشتهار رکندي آهي.. هيٺين يو آر ايل تي اچي توهان معلوم ڪري سگهو ٿا ته گوگل توهان کي ويب تي ڪيئن ٿي ڏسي.. ​
    • گوگل توهان جي سموري ڊيٽا کي گوگل ايڪو سسٽم تي ايڪسٽريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي.. توهان پنهنجا فوٽو، ڪانٽيڪٽ نمبر، جي ميل ميسيج، بلاگر، بوڪ مارڪ ۽ ايسيتائين جو اپلوڊ ڪيل يوٽيوب وڊيوز به ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا.. ان لاءِ هيٺين ٽاڪ آئوٽ ويب پيج تي اچو ۽ ڊائونلوڊ لنڪ جنريٽ ڪريو..
    • جيڪڏهن توهان پنهنجو مواد ڪنهن ٻي اهڙي سائيٽ تي ڏسو جيڪا گوگل جي هڪ يا وڌيڪ پروڊڪٽ جهڙوڪ بلاگر، اشتهار، گوگل پلس يا وري يوٽيوب وغيره استعمال پئي ڪري ته توهان ان سائيٽ خلاف DMCA complaint لانچ ڪري پنهنجي مواد بابت ٻڌائيندي ان سائيٽ تان ختم ڪرائي سگهو ٿا.. ان سلسلي ۾ هڪ وزارڊ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن سان توهان ان سائيٽ کي گوگل سرچ تان ريموو ڪري سگهو ٿا..
    • توهان جي اينڊروائيڊ ڊيوائيس اڪثر توهان جي موجوده لوڪيشن ڊيٽا ۽ توهان جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمڻ ڦرڻ جي رپورٽنگ گوگل سرورن کي موڪليندي رهندي آهي.. جيڪا توهان گوگل جي نقشن تي وڃي ڏسي سگهو ٿا.. ۽ جي چاهيو ته ان کي KML فائيل ۾ ايڪسپورٽ پڻ ڪري سگهو ٿا.. KML فائيل گوگل ارٿ ۽ گوگل ڊرائيو تي امپورٽ ڪري ڏسي سگهجي ٿي.. پنهنجي لوڪيشن هسٽري ڏسڻ لاءِ هيٺين لنڪ کي کوليو..
    • گوگل توهان جي هر ان ڳولا کي جيڪا توهان گوگل سرچ تي ڪندا آهيو جو ريڪارڊ محفوظ رکندي آهي.. ايسيتائين جو توهان جنهن گوگل اشتهار کي جنهن ويب سائيٽ تي گهمندي ڪلڪ ڪيو هو سو به سندن وٽ محفوظ هوندو آهي.. رڳو ايترو ئي نه پر جيڪڏهن توهان گوگل وائيس ڳولا به جيڪر ڪئي آهي ته ان جو ريڪارڊ پڻ گوگل وٽ محفوظ رهندو آهي.. جنهن کي ڏسڻ لاءِ توهان هيٺيان لنڪ گهمي سگهو ٿا..
    https://history.google.com
    https://history.google.com/history/audio
    • توهان لاءِ ضروري آهي ته 9 مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو پنهنجو جي ميل کاتو ضرور کوليو ٻي صورت ۾ گوگل پنهنجي program policies تحت توهان جو کاتو ختم ڪري سگهي ٿي.. ۽ اهو عمل توهان کي وڌيڪ تڏهن به الجهائي سگهي ٿو جيڪڏهن توهان وٽ گوگل جا هڪ کان وڌيڪ کاتا موجود آهن.. پر ان جو حل توهان اهڙي طرح ڪري سگهو ٿا جو توهان پنهنجو هڪ کاتو جيڪو اڪثر کوليندا آهيو کي ٻين کاتن لاءِ ٽرسٽيڊ طور رکي سگهو ٿا.. جنهن سان گوگل توهان کي توهان جي سيڪنڊري کاتن بابت اي ميل ڪندي رهندي ته توهان ڪيتري وقت کان انهن کاتن تي لاگ ان نه ٿيا آهيو.. ان سلسلي ۾ هيٺين لنڪ تي اچو..

    https://www.google.com/settings/account/inactive
    • جيڪڏهن توهان کي شڪ ٿو رهي ته ڪو ٻيو به آهي جيڪو توهان جو گوگل کاتو ڏسي يا استعمال ڪري رهيو آهي.. ته توهان ايڪٽوٽي رپورٽ تي اچي پنهنجي هر ڊيوائيس جا لاگس ڏسي سگهو ٿا.. ته توهان گوگل کاتي تي ڪڏهن ۽ ڪاٿان لاگن ان ٿيا آهيو..
    • هيٺين لنڪ تي ويب ايپس، برائوزر ايڪسٽينشن، گوگل ايڪسٽينشن ۽ موبائيل ايپس جيڪي استعمال ڪندي توهان گوگل کي ريڊ ۽ رائيٽ جا اختيار ڏنا آهن جي فهرست آهي..
    • هيٺيون لنڪ گوگل ايپس يوزر لاءِ انتهائي اهم آهي.. جيڪڏهن سندن گوگل کاتو هيڪ ٿو ٿي وڃي ته هيٺيون سيڪريٽ لنڪ استعمال ڪندي پنهنجي ماسٽر ايڊمن پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري سگهي ٿو .. جنهن لاءِ کائن پڇيو ويندو ته پنهنجي ڊومين جو نالو ويريفائي ڪريو.. جيڪو DNS ۾ CNAME ريڪارڊ ذريعي ٺاهي سگهجي ٿو..
    https://admin.google.com/domain.com/VerifyAdminAccountPasswordReset [*]
    هتي domain.com کي پنهنجي ڊومين سان تبديل ڪريو..

    *******************
    اميد ته هي موضوع سڀني گوگل يوزرس لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.. :)
     
  2. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    واه ادا واه بهترين ڄاڻ ادا ان قسم جي شيئرنگ اول هن فورم تي ڪڏهن به نه ٿي آ......
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هل ...... هيڏا ڪم پيا ٿين ۽ اسان کي خبر ئي ناهي ....

    لک قرب قيمتي ڄاڻ واري شيئرنگ آهي. اميد ته ڪمپيوٽنگ ۽ انٽرنيٽ ٽپس جو هي سلسلو جاري رکندا ۽ ڪو وڏ بريڪ نه لڳندو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪڏهن ڪڏهن دوستن جو فرمائشون پوريون ڪرڻ ڪري بريڪ لڳي به ويندا آهن.. :)
    پر جي بريڪ کان اڳ يا پوءِ وارو ليک قيمتي لڳي .. ته جهڙوڪ قيمت ملي وئي.. :)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    code.google.com منهجي هي پسنديدو لنڪ آهي. جتان مان ضرورت گهڻو ڪجهه سکندو آهيان. اوهان به اچو ۽ OpenSource جي دنيا مان سکو سيکاريو ۽ فائدو حاصل ڪريو
     
  6. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين ونڊ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين شيئرنگ
    لک قرب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين معلومات آهي سائين دوستن لا۽

    اميد ته ان مان لاڀ حاصل ڪندا

    فقير
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    بهترين ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. شا هنواز

    شا هنواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زبردست سائين!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو