سُکَنِ وَارِي سَڌ، مَتَان ڪَا مُون سين ڪَرَي اَندَرُ جَنِين اَڌَ، ڏُونگَرَ سَي ڏَورِيندِيُون سُرُ سَسُئي آبري سَڌ = خواهش، تمنا، آرزو. ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا اڃان پوري نه ٿي هجي ۽ پوري ٿيڻ جي اڻ تڻ هجي ڏُونگرَ = جبل بيت جو پس منظر سسئي پنهنجي سرتين کي پئي چئي ته اوهين سڀ سک جون پليل آهيو، توهان کي خبر ئي ناهي ته ڏک ڪيئن ٿيندو آهي؟ سو جي مون سان گڏجي هلو منهنجي پنهل کي ڳولهڻ ته پوءِ، ڪنهن سک، آرام ۽ سڪون جي ملڻ جي ڳالهه نه ڪجو. مون سان ته اهي هلن جيڪي اڳيئي عشق جون ماريل هجن، وڍيل ۽ ڪپيل هجن. جن جو اندر ڳڀا ڳڀا ٿيل هجي، ڇو ته هي جبل جو پنڌ ڏاڍو اڙانگو، اذيت ناڪ ۽ ڪربناڪ آهي. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي ته اڪيلي عورت ٿي ڪري سسئيءَ پنهنجي محبوب لاءِ پنڌ ڪيا، سندس پير ڦٽجي پيا، پر پيرن مان رت ڳاڙيندي به اڳتي وڌندي رهي.جبلن جون لاهيون چاڙهيون، ماڻهن ۽ جانورن جو خوف، خطرو، اڃ ۽ بک سندس دليري، بهادري، عزم ۽ حوصلي کي لوڏينه سگهيا. سو اوهان به جڏهن پنهنجي محبوب ۽ منزلن جي تلاش ڪندئو ته توهان کي به تڪليفون، اذيتون، پيڙائون، ڀوڳنائون، سزائون، قيد، جيل، کوليون ۽ گوليون ملي سگهن ٿيون. پر اوهان جا عزم ۽ حوصلا پهاڙن جيان اوچا، ارڏا ۽ مظبوط هجڻ گهرجن. اڳيان ايندڙ هر رنڊڪ ۽ رڪاوٽ کي ڊاهي پنهنجا قدم اڳتي، اڳتي ۽ اڃان اڳتي وڌائيندئو ته محبوب ۽ منزلون توهان جي آجيان ڪندا. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل