ڪَامِلَ ڪَربَلا ۾، آيَا سَيَدَ شَيرَ مَارَي مِصِرِيُنِ سِين، ڍُونڍَ ڪِئَائُون ڍَيرَ دَهِلِيَا اُتِ دِلَيرَ، پَسِي حَمِلَو مِيرَ حُسَينَ جَو سُرُ ڪَيڏَارَو شَيرَ = شينهَن مڙس، پهلوان- شير فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي. مصريُن = جمع آهي واحد ٿيندو مصر - مصر ملڪ جون ٺهيل تراريون. آڳاٽي دور ۾ مصر جو ملڪ ترارين ٺاهڻ جي فن ۾ مشهور هيو. ڍُونڍَ = لاش، جنازا، مردا دَهليَا = ڏڪي ويا، ڪنبي ويا بيت جو پس منظر ڪربلا جي ميدان تي اهلبيت رسول صه جا شهزادا امام عالي مقام حضرت حسين عليه سلام پنهنجي ٻاهتر ساٿين سان پهچي ويا آهن. جنگ شروع ٿيندي ئي مصر ملڪ مان آندل ترارين ۽ ٻين هٿيارن سان حملو ڪري لاشن جا انبار لڳائيڇڏيا اٿن. هنن شهزادن ۽ انهن جي ساٿين جي ڏاهپ، بهادري، دليري، همٿ ۽ حشمت ڏسي يزيد جي فوج جا عام سپاهي ته ٺهيو پهلوان به خوف وچان ڪنبي ۽ ڏڪي رهيا آهن. سمجهاڻي ڪيڏارو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ڪيدار مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنى آهي جنگ جو ميدان. اها شاعري جيڪا جنگين متعلق هجي تنهن کي ڪيڏارو چئبو آهي. هن شاعريءَ ۾ جنگ بابت حڪمت عملين، ويڙهه جي سامان، اوزارن، هٿيارن ۽ شڪست توڙي فتحن بابت شاعر پنهنجا خيالات جوڙي ٿو. سپاهين جي پوشاڪ، وردين، کاڌ خوراڪ، رسد، سپلاءِ، زخمي ٿيندڙ سپاهين جي علاج، شهيدن کي مانَ ۽ مرتبي سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ انهن سڀني پاسن ۽ رخن تي شاعر تخليقون جوڙين ٿا.اڳئين دور جي جنگين ۾ اُٺ، خچر، گهوڙا ۽ هاٿي به استعمال ۾ ايندا هئا جن جو ڀٽائيءَ سر ڪيڏارو ۾ ذڪر به ڪيو آهي. هن بيت ۾ ڀٽائي ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عليه سلام ۽ سندس ٻين دلير ۽ بهادر ساٿين جي دليريءَ سان گڏ دشمن جي سپاهين جي ڀاڙيائپ ۽ بزدليءَ کي به ظاهر ڪيو آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل