”نادرا“ جي قانون تحت مستقل ائڊريس هيٺ ڏنل شرطن تي مٽجي سگھجي ٿي

'راءِ شماري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    عرض اهو آهي ته ”نادرا“ جي قانون تحت مستقل ائڊريس هيٺ ڏنل شرطن تي مٽجي سگھجي ٿي جنهن کان پوءِ هر ان شهريءَ جو ووٽ ان مستقل ائڊريس تي درج ڪيو ويندو آهي.

    نمبر هڪ ته: ڪو به اهڙو شهري جيڪو ٽن سالن کان وڌيڪ پنهنجو ڳوٺ، اصلوڪو شهر ڇڏي ڪنهن ٻي شهر يا هنڌ نوڪري يا ڪاروبار جي سلسلي ۾ رهائش ڪري ٿو سو پنهنجي مستقل ائڊريس تبديل ڪرائڻ جو حق رکي ٿو.

    نبمر ٻه ته: هو ڪابه پراپرٽي سند، نوڪريءَ جو آرڊر، ڪوارٽر جي الاٽمينٽ سرٽيفيڪيٽ يا اهڙو ڪو به دستاويز پيش ڪندو جنهن سان سندس رهائش سرڪاري حساب سان گذريل ٽن سالن کان وڌيڪ ڏيکاريل هجي ته هو سندس ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ تي درج ڪيل پراڻي ائڊريس مٽي مستقل ائڊريس نئين شهر جي ڪندا.

    هاڻي مٿين شرطن کي جي ڏسجي ٿو ته اسان جا سنڌي ڀائر گذريل ڪيئي سالن کان ڪراچي ۾ روزي ڪري رهيا آهن. پر سندن شناختي ڪارڊ ساڳيا ئي سندن ڳوٺن يا شهرن جا ٺهيل آهن.

    اها مڪمل اسان جي لاغرضائي آهي، جنهن جو ڏوهه نه ته آصف زرداريءَ جو آهي نه وري قائم علي شاهه جو! اها مڪمل طور تي اسان جي ذميواري آهي جيڪا صرف اسان پاڻ ئي ڪري سگھون ٿا. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”پڄي آءُ نه سگھان ۽ لعنت وري گوڏن کي“! ڪجھ پنهنجا به فرض سڃاڻو. الائي ڪٿان جا ڌاريا اچي سڙڪن، اگھاڙن روڊن تي سمهي پنهنجا شناختي ڪارڊ ڊوميسائيل ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ ۾ مگن آهن پر اسان جي حالت اها آهي ته گھر کان نڪري اهو ڪم ڪونه ڪندا سين!

    اليڪشن جو وقت ايندو ته ڳوٺ ڀڄڻ جي ڪبي ڄڻ ته اسان وارو نام نهاد ”ڍينگڙو خان مٽيئرو“ اسان جي ووٽ کان سواءِ سر سامونڊي پيو ڳائيندو... ”سر نسريا پاند اتر لڳا آءُ پرين....“ مهرباني ڪري پنهنجي دل پڪي ڪريو، عيدن مرادن تي ڳوٺ اوهان کان سواءِ چنڊ ضرور اڀرندو، هاڻي اها پراڻ پرستي بند ڪريو. هاڻي پاڻي اچي سيني تي بيٺو آهي، وارو وارو نه ڪندئو ته ويندي سنڌ هٿن مان... سو مڙسي ڪريو.. ڪراچي نه ڇڏيو.

    ڪيترا مرنداسين؟ ٻه سئو؟ ٽي سئو؟ هڪ هزار؟ ٻه هزار؟ گهڻا؟ کوڙ کرڙيون هڻندي مرن ٿا... هر روز ڪتي موت واهيات رسمن تي الائي ڪيترا مرن ٿا.. خير آهي... اوهان ڪونه مرندا، اوهان سدائين جيئرا آهيو، جيئرا ئي رهندا... سو مهرباني ڪري اجائي ”وطن (ڳوٺ) جي اڪير“ کي پاسيرو ڪري ڪراچيءَ کي به پنهنجو ڪريو. اتي عيدون ملهايو، اتي رهي پئو.... الله به آهي سائين! سنڌ پنهنجي آهي، پنهنجي ئي رهندي! ڪراچيءَ جا اصل وارث اسان آهيون، ڪوبه ٻيو ناهي!

    خدا خدا ڪريو!

    يار پنهنجي ڍڳي ڪهيو ڌاريا ويٺا ٿا هوڪا ڏين ۽ اسان پرتي بيٺا تماشبين ٿي حڪمرانن ٿي لعنت ملامت ڪرڻ کان سوا ڪيون ڇا ٿا؟ سو مڙسي ڪريو.... پنهنجا شناختي ڪارڊ ڪراچيءَ جا ٺهرايو، ووٽ اتي داخل ڪرايو، پنهنجي ٻولي سنڌي لکرايو.

    عيدون ڪراچيءَ ۾ ملهايو... ها عيد گذري ته ڪجهه ڏينهن ڀلي ڳوٺان نوان تاذا ٿي وڃو. بس اهو عرض ڪرڻو هئو....

    ياد رکو، صبحاڻي الله پناهه ڏي، ڪراچي جي هٿان وڃي ٿي ته اوهان به ان ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ ليکبئو.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    هتي بنگالين يا ڌارين کي ته ڪارڊ فوري طور تي ٺهي ملي ٿو پر لوڪل ماڻهن کي ايترو ته خوار ڪيو وڃي ٿو وڃي جو ڪارڊ ٺهرائڻ کان ئي دل کڄي ٿي وڃي هتي لوڪل ماڻهن هر ميدان ۾ ائين ئي خوار ڪيو وڃي ٿو چاهي پو هو تعليم جو حصول هجي يا نادرا مان ڪارڊ ٺهرائڻ اسپتالن مان علاج حاصل ڪرڻ يا ڪنهن به اداري مان ڪجه به حاصل ڪرڻ شل نه ڪنهن اداري ۾ ڪم پوي بس پو ته هفتي جي ڪم لا مهينو ڇٽومهيني جي لا ڇه مهينا ڇٽا باقي ڌارين جو ڪم بغير ڪنهن تڪليف جي ٿي وڃي. بحرحال هتي ڇا بحث ڪجي......
    باقي نادرا جون پاليسيون آهن اهي هڪ حصاب سان به آهن ته تڪليف زده به آهن. منهنجو چوڻ ته اهو آهي ته ٻولي ئي هر قوم جي سڃاڻپ آهي جيڪو علائقي جي حصاب سان اُهڙي ٻولي ڳالهائي سگهي ان کي بغير تڪليف جي مسئلو حل ڪيو وڇي..........
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سٺي معلومات اسان کي گهرجي ته مٿين ڏسين طريقن تي عمل ڪندي ڪراچي جي اڊريس به شناختي ڪارڊ ۾ شامل ڪرايون
     
  4. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ادا ڪراچيء ۾ سالن کان رهندڙ ڏهاڪن کان نوڪريون ڪندڙ ” سنڌين “ پنهنجا ڊوميسائيل ، پي آر سي ، شناختي ڪارڊ ڇو نه ٺهرايا آهن ۽ انهن پنهنجا ووٽ انهن ڪراچيء ۾ ڇو داخل ناهن ڪرايا ، جڏهن ته اهي پنهنجي ڳوٺ ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ پنهنجي توهين ۽ قومي عداري تصور ڪري ، قوم کي ٻتي غلاميء ۾ ڌڪي ، سنڌي قوم جو ” رت “ ڇو ته پي رهيا آهن ؟
     
  5. عباس علي قريشي

    عباس علي قريشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT, Technical Suppor, Graphics Designer, Designer
    ماڳ:
    Hyderabad, Sindh
    ادا توهان بلڪل سچ ٿا چئو اسان صرف حڪمرانن کي غلط چئون ٿا پر پنهنجي گريبان ۾ ڏسون ئي ڪون ٿا.
     
  6. عرفان چانڊيو

    عرفان چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 نومبر 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بهترين معلومات سنڌ جي سڀني عاشقن کي گهرجي ته هو سنڌ سان ٿيندڙ ويساه گهاتين تي آواز بلند ڪن
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مٿين لفظن کي توهان سنڌين جي بزدلي چوندي بيوقوفي يا جهالت ڪم عقلي جو اسان جي قوم ۾ قوميت جو شعور ڪونهي
     
  8. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نادرا جا به عجيب نخرا برداشت ڪرڻا ٿا پون .
    شناختي ڪارڊن ٺهڻ جي شروعات 1973 ع کان ٿي ، ان وقت ڪو به ناز نخرو ڪو نه هيو . ،بس پوسٽ آفيس وارو به ٻه رپيا فيس جا وٺي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيندو هو . پر هن وقت نادرا جڏهين جوان ٿي آهي ته ان جا نخرا به ناقابل برداشت ٿيندا ٿا وڃن . مثال طور ڪنهن بيوه ڪراڙي جي شناختي ڪارڊ جي تاريخ ختم ٿي ويئي ، ان کي نئون ڪرائڻ جي لا جڏهين نادرا جي دفتر پهتي ، فيس وٺڻ ۽ تفصيلن لکڻ کان پو ان کي هڪڙو ڪاڳر(پرچو) هٿ ۾ ڏيئي چيائونس ته هي تصديق ڪرائي اچ ۽ هنن ۾ جيڪي ڳالهيون يا شرط لکيل آهن اهي به پورا ڪري اچ .
    شرط وري ڪهڙا ؟
    1 . ڪمپيٽرائيزڊ برٿ (پيدائشي) سرٽيفڪيٽ .
    2 . ڪمپيوٽرائيزڊ نڪاح نامون .
    هاڻي سائين ڏيو منهن . جنهن عورت ان اداري جي پيدائش کان اڳي جنم ورتو هجي ۽ اڳ ۾ ئي شادي ڪئي هجي . اهي ٻيئي شيون ڪٿان آڻي . لازمن رشوت ڏئي يا ٻيئي سرٽيفڪيٽ ڪنهن کان ڪوڙا ٺهرائي . ٻيئي ڪم قانون مطابق ڏوه ،پر نادرا جو ضد ته بس سائين فائيلن جو پيٽ ڀرڻو آهي ۽ سرڪاري شرط ته پورا ڪرڻا آهن نه .
     
  9. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    عجب!!!!!!ٻڌي ڏاڊي کل آئي
     
  10. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين ڪنهنتي کل آئي ؟ عبدالڪريم تي يا نادرا تي .
     
  11. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچي ۾ رهندڙ سني سنڌين کي گذارش !
    جن به سنڌين کي ٻار ڄمن ٿا ته ڇهن مهينن جي اندر انهن جا ڪمپيوٽرائيزڊ پيدائشي سرٽيفڪيٽ ۽ فارم ٻي ٺهرائي ڇڏين .
    يا جن جون شاديون ٿين ٿيون ،اهي به نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ جنهن هنڌ اهو نڪاح نامون رجسٽر ٿئي ، ان مولوي جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي وٺي حد جي يونين ڪائونسل کان ڪمپيوٽرائيزڊ نڪاح نامي جو فارم وٺي تصديق ڪرائي اهو به يعني ڪمپيوٽرائيد نڪاح نامون ٺهرائي ڇڏين ،نه ته ڏاڍين ڏکيائن کي ڏسندا .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    چاچا اوهان تي ڇو ايندي اوهان ته حقيقت بيان ڪئي کل ته نادرا وارن تي آئي.
     
  13. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    چاچا اوهان تي ڇو ايندي اوهان ته حقيقت بيان ڪئي کل ته نادرا وارن تي آئي.
     
  14. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪجه ڏينهن اڳ منهنجي نياڻيءَ جي شناختي ڪارڊ جي تاريخ ختم ٿي ويئي ، ان کان اڳ انهي ئي نياڻيءَ کي ڇوڪرو به ڄائو هيو ، ان جوبه پيدائشي سرٽيفڪيٽ اهو به (ڪمپيوٽرائيزڊ )ٺهرائي ڇڏيو هو . مون کي نادرا جي افعالن جي اڳيئي ڄاڻ هئي . تنهن ڪري ان سان لاڳاپيل معاملن کي وقت سر پورو ڪري ڇڏيندو آهيان . ان نياڻيءَ کي ڊيوٽيءَ تان موڪل ڪرائي ، سندس ڄاول پٽ جي فارم بي ۽ سندس شناختي ڪارڊ جي تاريخ وڌائڻ سان گڏوگڏ ائڊريس تبديل ڪرائڻ جي لاءِ سفوران واري نادرا جي دفتر پهتس ، ٽوڪن وٺڻ جي لاءِ قطار ۾ بيهڻو پيو ، جڏهين کڙڪي تي پهتس ته ان تي موجود ويٺل صاحب فرمايو ته سائين پهريان هن کڙڪيءَ تان چيڪ ڪرايو ته مان اوهان کي گهربل شين جي لاءِ ٽوڪن ڏيئي سگهان ٿو يا نه ، جن به ڪمن جي هو اجازت ڏيندو صرف ان ڪم جي لاءِ پيسا وٺي ٽوڪن ڏيندس .اها قطار ڇڏي وڃي ٻي ۾ بيٺس ، واري اچڻ تي ان دريءَ (کڙڪيءَ ) واري چيو ته سائين پهريائين رڳو شناختي ڪارڊ جي تاريخ وڌندي ، ٻئي دفعي ٻار جو بي فارم ٺهندو ۽ ٽئين دفعي ائڊريس بدلبي ، فارف بي جا 500 رپيه ، تاريخ وڌائڻ جا 1500 رپيه ۽ ائڊريس بدلائڻ جا 1500 رپيه لڳندا ، خير پيسن جي ته پرواه نه پر نياڻيءَ کي هر دفعي موڪل ڪرائڻ ، قطار ۾ بيهڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو عمل ۽ محترمه نادرا کي ڏسو ته ڪمائي ڪرڻ جا ڪهڙا نه طريقا ڳولهي لڌا اٿائين .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    پر سائين
    پر سائين اهو ب سچ آهي ت اسان ڪوشش ب ت ن ٿا ڪيون ن۰ ڀلا جي ڪوشش ڪيون ت سۇ مۇن ڏھ ت ٺهندا پنج ت ٺهندا۰ مخالفت ۽ مقابلي واري حالت ۾ دانهن جي بدرۇن ڪوشش ڪجي ت چڱون ن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو