سنڌي ٻولي جو عوامي شاعر پرسرام ضيا صاحب

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ abdullah jarwar طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2014۔

  1. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    [​IMG]


    ﭘﺮﺳﺮﺍﻡ ” ﺿﻴﺎ“ ‏[1912 ﻉ – 1958 ﻉ‏]
    ﻣﻴﻤﮡ ﻋﺒﺪﺍﻟﻐﻔﻮﺭ ﺳﻨﮅﻱ

    قومي درد رکندڙ ۽ غريبن، مسڪينن ۽ بي سهارن جي غم ونڊيندڙ، پرسرام ”ضيا“ پٽ ننديرام جهامناڻيءَ، ضلعي نواب شاه جي تعلقي ٽنڊي آدم ۾ 11 جولاءِ 1912ع تي جنم ورتو سندس پتا اکين کان ضعيف هو، جنهن ڪري ”پرسو“ سدائين سندس ڏڍ هيو. جڏهن ستن سالن جو ٿيو، ته کيس ڀر واري اسڪول ۾ وهاريائونس، جتان ست درجا سنڌي پاس ڪري، نواب شاه مان ور نيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين.
    هندو، اڪثر پرائي بزگيري پسند نه ڪندا هئا، ان جي عيوض وڻج واپار کي ترجيح ڏيندا هئا. حالانڪه پرسرام کي به ڪيترن ئي هنڌن تان ملازمت جي دعوت به ملي، مگر پاڻ مسڪيني حال سببان مجبوراً هڪ سيٺ جي دوڪان تي 22 روپين ۾ ملازم وڃي بڻيو؛ جتان آهستي آهستي وڌي، پنهنجي ذمي هڪ ڪپڙي جو ننڍو دوڪان کوليائين. طبيعت جو ڪنئرو هو؛ جنهن ڪري سندس دوڪان اوڌر ۾ خالي ٿي ويو ، پر پوءِ ته ويتر غربت جو گذران ڪرڻو پيس. جوانيءَ تي رسڻ سان ناڪام محبت جو شڪار ٿيو ؛ آخر ويچار پڙهائيندي، ”رنجور“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳو .
    شاعريءَ جي شوق ۾ پرسرام جي پڌرائي پري پري تائين وڃي پهتي. محفلين ۽ مشاعرن ۾ شوق سان وڃي شعر پڙهندو هو. باالاخر سخن جي سلسلي ۾ مراد علي ”ڪاظم“ کي باقاعده پنهنجو آگو ڪري مڃيو. ”ڪاظم“ ، پرسرام جو ”رنجور“ تخلص بدلائي ”ضيا“ رکرايو. پوءِ انهيءَ نئين تخلص سان پرسرام پنهنجي استاد جي رهبريءَ هيٺ شعر جو ٻيو مجموعو ”تصوير احساس“ نالي سان 1943ع ۾ منظر عام تي آندو .
    ورهاڱي وقت لڏ پلاڻ ۾ ڀارت (هندستان) هليو ويو، جتي بمبئي ۾ قيام ڪيائين. بمبئيءَ مان نڪرندڙ سنڌي اخبارن ۾ ”سوٽائي“ ”سودائي“ ۽ ”سپاهي“ عنوانن سان مستقل طنزيه ڪالم نويس بڻيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي فرضي نظم، سماجي اوڻاين بابت به لکيائين. مطلب ته ”ضيا“ ؛ هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏو گڏ قومي درد رکندڙ انسان هو. نياز ۽ نوڙت وٽس آل جال هئي. بک ڏک تي کيس غريبن لاءِ اونجهه لڳل هئي. اهوئي سبب هو، جو سندس شعري مجموعا عوام جي ڏکن ۽ سورن جي ذڪر سان همدرديءِ ۽ احساس جي انداز ۾ ڏٽيا پيا آهن. هڪ شعر ۾ چوي ٿو:
    آهي هيءَ بستي اها، جت اهڙا انسان ٿا وسن،
    ٿي اگهاڙا ٿا گهمن، روٽي ٽڪر لاءِ ٿا سڪن،
    فاقي کان مجبور ٿي، ٿا جرم جا قاتل بڻن،
    ڌرم جا دشمن ٿين، ايمان کان باغي ٿين.
    ”ضيا“ شعر“ جي سلسلي ۾ هر طبقي کان داد وٺندو هو. سندس ڪيترن ئي نظمن ۾ اڪثر اهو انو مان نڪرندو هو، ته اهو ڪنهن مسلمان جو چيل آهي. پاڻ ڪيترن ئي اردو شاعرن جو خيال به پنهنجي شعر ۾ آندائين.
    هي مسڪين انسان، پنهنجي لڄ لڪائڻ لاءِ رات ڏينهن ڏوريندو رهيو. کيس غربت جو احساس هو، مگر مالڪ آڏو ماٺ ۾ رهيو. ڌڻيءَ هيءَ ڏکن ۽ ڏوجرن واري ٿوري حياتي به سندس لاءِ ڊگهي ڪئي هئي، جنهن ڪري 47 سالن جي لڳاتار ڪشٽ ۽ ڪشالن پڄاڻان، 28 آڪٽوبر 1958ع تي ديهانت ٿيس. سندس ڪريا ڪرم بمبئيءَ ۾ ئي ٿيو .
    (1)– سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”گلزار رنجور“ نالي 1936ع ۾ شايع ٿيو هو؛ جنهن ۾ غزل، بيت، ڪافيون ۽ رباعيون ڏنل آهن.
    (2)– مذڪوره مجموعي ۾، استاد جي اثر هيٺ ڪافي عربي ۽ فارسي الفاظ؛ محاورا ۽ تشبيهون آندائين؛ اهوئي سبب هو؛ جو هن مجموعي تي؛ تڏوهڪي سنڌ سرڪار جي صلاحڪار ادبي ڪاميٽيءَ طرفان انعام به مليو هوس.
    (3)– تازو 1978ع ۾ ڀارت مان ”ضيا“ جي ڪلام جو ٽيون مجموعو سندس ياد تازي ڪرڻ لاءِ ”اکل ڀارت سنڌي سيميلين“ جي موقعي تي پڌرو ڪيو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تون ياد ڪرين يا نه ڪرين مان ياد ڪريان ٿو

    يا وري

    دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳوليان
    بازار محبت ۾ ٿو طلبار کي ڳوليان

    پرسرام ضياء تمام وڏو شاعر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو