ڀَڳو آئُون نَه چَوَان، مَاريَو تَه وِسَهَان ڪَانڌَ مُنهَن ۾ ڌَڪِڙا، سَيڪِيندَي سُونهَان تَه پِڻَ لَڄَ مَرَان، جَي هَونِسِ پُٺِ ۾ سُرُ ڪَيڏَارَو وسَهَان = اعتبار ڪيان، مڃان - هي لفط ويسهُه يا ويساهَه مان ورتل آهي. ڪَانڌَ = ورُ، مڙس، محبوب سَيڪَيندَي = لڳل زخمن کي ٽڪور ڪيان نيم گرم پاڻيءَ سان سُونهَان = فخر ڪيان، ڳاٽ اوچو ڪري گهمان هَونس= هجنس، لڳنس بيت جو پس منظر جنگ ۾ وڙهندڙ هڪ سورمي جي زال يا محبوبه ٿي چئي ته جي ڪير چئي ته تنهنجو مڙس هلندي جنگ مان ڀڄي آيو آهي ته مون کي اعتبار ئي نه ايندو، پر چون ته وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو آهي ته اها ڳالهه دل سان لڳندي، ڇو ته هو بهادرته آهي ئي. مان پنهنجي مڙس جي مُنهَن ۾ لڳل ڌڪن کي سيڪا ڏيندي فخر محسوس ڪنديس ڇو ته هو مُنهُن ڏئي بهادريءَ سان وڙهيو جو آهي. پر جي خبر پئي ته کيس پٺيءَ ۾ ڌڪ لڳا آهن ته جيڪر ٻڏي مران، ڇو ته هو هلندي جنگ مان پٺي ڏئي ڀڳو هوندو تڏهن ته پٺيءَ ۾ ڌڪ لڳا اٿس. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو ته مظلوم ۽ محڪوم قومون جڏهن پنهنجي آزاديءَ لاءِ وڙهنديون آهن ته ڪجهه فرد پنهنجي قوم سان غداري ڪري ظالم قوم سان ملي ويندا آهن، جيئن اڄ سنڌي قوم جا ڪجهه ماڻهون هڪ شهري نسلي ۽ دهشتگرد تنظيم ۾ شامل ٿي سنڌ ورهائڻ واري عمل ۾ شريڪ آهن. اهڙن چنيسرن ۽ قاضي قادنن جي هڪ وڏي کيپ هر مظلوم قوم جي اندر موجود هجي ٿي جيئن اڄ جا غدار وڏيرا، پير، مير ۽ وقت جا حڪمران اڄ سنڌ سان نه پر سنڌ جي دشمنن سان بيٺل آهن. هي فرد ۽ ٽولا نه رڳو هلندي جدوجهد پر جنگ ۽ ويڙهه واري محاظ تان به قوم سان ويساهه گهاتي ڪن ٿا. ڀٽائي هن بيت ۾ اهڙن سورمن ۽ سورهين جي به ڳالهه ڪئي آهي جيڪي وڙهندي وڙهندي رتورت ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجي ريٽي رت سان جيجل امڙ جو ڳاٽ اوچو ڪري تاريخ ۾ امرتا ماڻن ٿا. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل