ڇا ڪراچيءِ جي ڏنل ووٽ کي پوري سنڌ جو ووٽ چئي سگهجي ٿو؟

'راءِ شماري' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڇا ڪراچيءِ جي ڏنل ووٽ کي پوري سنڌ جو ووٽ چئي سگهجي ٿو؟
    عمران عباس خواجا

    مهاجر جي معنى آهي هجرت ڪري اچڻ وارو مطلب ته ڪنهن پري واري جڳهه کان لڏي اچي ڪنهن ٻي جڳهه تي آباد ٿيڻ واري کي مهاجر چئبو آهي اهڙي طرح 1947 ۾ جڏهن پاڪستان آزاد ٿيو ۽ انڊيا مان لڏي جيڪي ماڻهو پاڪستان اچي آباد ٿيا اهي هتي پاڻ کي مهاجر سڏائيڻ لڳا پر جڏهن انهن مهاجرن کي هتي رهندي گهڻو عرصو گذري چڪو ۽ ان جي اولادن جون اولادون هتي ئي پيدا ٿي آباد ٿي ويون ته پوءِ اهي مهاجر نه رهيا ڇو ته مهاجر ته اُهي ئي ٿيا جيڪي ان وقت اتان کان لڏي اچي پاڪستان ۾ آباد ٿيا انهن مهاجرن جي اڪثريت سنڌ جي هڪ وڏي شهر ڪراچي ۾ آبادي ٿي 1978 ۾ ٺهڻ واري هڪ تنظيم جنهن جو نالو مهاجر قومي موومينٽ رکيو ويو جنهن جو باني الطاف حسين کي ٺاهيو ويو ان تنظيم جو هڪ اهم مقصد ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ اردو ڳالهائڻ وارن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هو پر هن تنظيم پنهنجي دائري کي وڌائيندي 1997 ۾ پنهنجي تنظيم جو نالو مهاجر قومي موومينٽ مان بدلائي متحدا قومي موومينٽ رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي تنظيم جا دروازا سنڌ جي ٻين قومن لاءِ به کولي ڇڏيا، گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي شهر کي ايم ڪيو ايم جو ڳڙهه سمجهو وڃي ٿو، ايم ڪيو ايم مختلف حڪومتن سان انهن جي اتحادي رهي آهي پر گهڻو وقت هنن سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ گذاريو آهي، مختلف وقتن ۾ انهي ٻنهي اتحادين جو پاڻ ۾ اختلاف ٿيندو رهيو آهي ۽ اڪثر ايم ڪيو ايم وارا ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي ويندا آهن پر ڪجهه عرصي ۾ پي پي وارا وري انهن کي پرچائي به وٺندا آهن، ڪجهه عرصو پهرين جڏهن الطاف حسين اهيو بيان ڏنو ته سنڌ ۾ نوان يونٽ ٺاهيا وڃن ته سواءِ ان جي پنهنجي پارٽي جي ميمبرن کان باقي سنڌ جي ڪنهن به پارٽي ان جي ماڻهن ان جي حمايت نه ڪئي ۽ پي پي وارا جيڪي انهن جا حمايتي هئڻ ڪري هر ڳالهه ۾ انهن جو ساٿ ڏيندا هئا انهن به الطاف جي هن مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم وارا دٻيل لفظن ۾ حڪومت سنڌ کان ناراضگي جو اظهار ته ڪندا رهيا پر موقعي جي تلاش ۾ هئا چوندا آهن نه ته” ڏاهو ڪانگ ڪڏهن نه ڦاسي پر ڦاسي ته ٻه ٽنگو ڦاسي “جن کي موقعو ملي ويو ۽ قرباني جو ٻڪرو وري خورشيد شاهه کي ٿيڻو پئجي ويو جنهن انهن کي راضي ڪرڻ لاءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي لفظ مهاجر تي هڪ بيان ڏنو حقيقت ۾ ان جو مقصد اهو هرگز نه هو جيڪو ان مان ڪڍيو ويو ايم ڪيو ايم جي مزاحمتي بيانن اچڻ کان پوءِ وري انهيءَ رات خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته ان جي بيان جو اهڙو ڪو به مطلب نه هو جيڪو ايم ڪيو ايم وارن ان مان ڪڍيو آهي هن چيو ته منهنجو مقصد هو ته مهاجر هاڻ پاڻ کي مهاجر نه سڏائين اهي به سنڌ ڌرتيءَ جو حصو آهن پر پوءِ به اگر منهنجي ڪنهن بيان سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي آهي ته آئون انهن سان معذرت ڪريان ٿو، ٻه ڏينهن ته ماٺ ٿي وئي پر وري خورشيد شاهه جي ان بيان کي باهه وانگر پکيڙيو ويو ۽ هڪ ٻئي جي پٺيان مزاحمتي بيان اچڻ شروع ٿي ويا ڪجهه ڏينهن جي اندر پوري ڪراچي ۾ خورشيد شاهه خلاف وال چاڪنگ به شروع ٿي وئي جنهن کان پوءِ علمائن جو هڪ اجلاس پڻ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ خورشيد شاهه جو رسو ڇڪرائڻ لاءِ بيان کي توهين رسالت تائين به کنيو ويو پر الله سائين عالمن جي من ۾ وڌي جنهن ان ڳالهه کي ايترو سيريس نه ورتو ها ڪجهه علمائن ان بيانن تي فتوائون جاري به ڪري ڇڏيو آهن ان سان گڏو گڏ نيٺ هنن اهو ڪيس ڪورٽ ۾ به اڇلائي ڇڏيو ۽ خورشيد شاهه جي خلاف هڪ ڪارو ڏينهن به ملهائي ڇڏيو هڪ ٻئي جي پٺيان بيانن کان پوءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ ايم ڪيو ايم پاران پي پي خلاف ۽ پي پي پاران ايم ڪيو ايم خلاف بيان بازي شروع ٿي وئي جنهن ڏينهن ايم ڪيو ايم وارن يوم سياه ملهايو ان ڏينهن انهن اهيو به اعلان ڪيو ته خورشيد شاهه جو فيصلو هاڻي عدالت ۽ اسلام جا عالم ڪندا ۽ محرم الحرام جي مهيني کان پوءِ اسين باقاعده سنڌ ۾ الڳ صوبن لاءِ تحريڪ هلائينداسين..

    تحريڪ ڪهڙي ڳالهه جي؟ بقول ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا جي ته ”اگر ڪنهن کي مهمان طور پنهنجي گهر ۾ رهايو وڃي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو مهمان اهيو چئي ته اسان کي هن گهر مان حصو کپي ته ڇا ان کي حصو ڏئي ڇڏبو“ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هڪ ٻي به ڳالهه ڪئي ته ”اسان هنن کي انڊيا مان لڏي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ دعوت نامه نه موڪليا هئا جو هي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا پاڪستان جا ٻيا به صوبه هئا ٻيا به شهر هئا“ هن وڌيڪ چيو ته جيستائين سنڌ جو هڪ ٻچو به زندهه آهي اسين هنن کي سنڌ ٽورڻ نه ڏينداسين، حقيقت ۾ ته تحريڪ سنڌ واسين کي هلائڻ گهرجي هن ايم ڪيو ايم جي خلاف ڇو ته سنڌ ڌرتيءَ کي جيڪو ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ان خلاف تحريڪ هلائي وڃي، هن وقت متحدا جو اثر سنڌ جي پنجن شهرن ۾ آهي جنهن ۾ سڀ کان پهرين ۽ وڌيڪ ڪراچي پوءِ حيدرآباد جو شهري علائقو ۽ ان کان پوءِ سکر، ميرپور خاص ۽ شڪار پور آهن باقي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ان جي اڪثريت اٽي ۾ لوڻ برابر آهي وڌ ۾ وڌ انهن جي تحريڪ ڪراچي کان شروع ٿئي ۽ وري ڪراچي ۾ ئي ختم ٿي ويندي ڇو ته انهن جو زور صرف ڪراچي ۾ ئي هلي ٿو جنهن جي ڪري هو ڪراچي کي جنهن مهل به چاهين بند ڪرائي سگهن ٿا باقي اگر سنڌ خلاف ڪنهن به ٻي شهر مان اهڙيون تحريڪون هليون ته سنڌي انهن کي هلڻ نه ڏيندا ها هڪ ٻي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته ڪراچي هڪ وڏو علائقو آهي جتي انهن جا ووٽر گهڻا آهن ۽ اتي جون مقرره سيٽون به گهڻيو آهن ان ڪراچي وارين سيٽن ۽ ٻين هنڌا ملائي هنن جي پوزيشن هن ريت وڃي ٺهي ٿي جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ٽوٽل 272 سيٽن مان انهن جو 24 سيٽون آهن ۽ سينٽ جي 100 سيٽن مان انهن جو 7 سينٽون آهن جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي ڪل 168 سينٽن مان هنن جي 54 سيٽون آهن جنهن جي ڪري هنن ايترو وڏو فيصلو ڪيو آهي پر ڇا ڪراچي جي ووٽ کي پوري سنڌ جو ووٽ چئي سگهجي ٿو ڇا هنن سنڌ ۾ رهي سنڌ کي الگ ڪرڻ جي نه صرف ڳالهه ڪئي آهي پر ان جي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو اٿن ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ حڪومت ۾ ان جي واضح اڪثريت آهي ۽ سنڌ حڪومت ٺهڻ لاءِ هر ڪو انهن کي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوششون پيو ڪندو آهي پر اگر اسين هنن جي صوبو ٺاهڻ واري مطالبي کي ۽ هنن جي تحريڪ هلائڻ واري اعلان کي ٿورو ٻئي طرف کان ڏسون ته ڪجهه ٻيو ئي نظر اچي ٿو هن وقت ايم ڪيو ايم جي پارٽي اندر ڌڙابندي نظر اچي ٿي ان پارٽي جا ڪيترائي وفادار هاڻ انهن سان اختلاف رکن ٿا ۽ هن وقت پاڪستاني سياست جو جيڪو موسم هلي رهيو آهي ان مان لڳي ٿو ته حڪومت پنهنجو ٽائيم پورو نه ڪري سگهندي ۽ اليڪشن جلد ٿيندي. هن وقت پاڪستاني سياستدانن جو وڏو زور صاف اليڪشن ڪرائڻ تي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻاهرين ملڪن جي دٻاءُ تحت ووٽ ڪاسٽ اليڪٽرانڪس مشينن ذريعي ٿيندا مٿان وري تبديلي جي دعويدار عمران خان کي نه صرف پنجاب ۾ پر سنڌ ۾ به سٺي موٽ ملي پئي ۽ گذريل اليڪشن ۾ هن ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه ڪراچي مان سيٽون کڻي اهيو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ڪراچي جو عوام به هاڻ تبديلي چاهي ٿي جنهن کان پوءِ ايم ڪيو ايم وارا هڪ اڻڄاتل خوف جو شڪار ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري انهن پراڻو نعرو هڻڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته ”جاڳ مهاجر جاڳ“ هي هڪ الڳ صوبي جي نه پر نئين اليڪشن جي تياري لڳي ٿي، هن وقت سنڌ ۾ حڪومت ته پيپلز پارٽي وارن جي آهي پر پيپلز پارٽي وارن اڳ وانگر هن ڀيري به عوام کي مايوس ڪيو آهي ۽ عوام جي اها مايوسي ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي وارن کي ڏکي پئجي وڃي آخر پيپلز پارٽي ڀٽو ۽ شهيد محترمه جي نالي تي ڪيترا ڀيرا ووٽ وٺندي هن وقت جيڪا ٿوري گهڻي اميد سنڌ واسين جيڪا پيپلز پارٽي مان آهي اها اميد شهيد ڀٽي پاڪستان سان گڏ سنڌ وارن کي به ڏياري هئي ۽ سنڌ واسي اڃا به انهن ئي اميدن جي آسري تي ويٺا آهن اگر هاڻي به پيپلز پارٽي وارن پنهنجي ووٽرن سان پنهنجا رويا درست نه ڪيا ۽ سنڌ واسين جي اندر موجود مايوسي کي ختم نه ڪيو ته پوءِ مون کي يقين آهي ته ماڻهو انهن جو ساٿ ڇڏي ڏيندا اڳين ماڻهن وٽ ٻيو ڪو متبادل نه هو پر هينئر گهڻا ئي آپشن موجود آهن جن اسان جي غريب، مسڪين ۽ اٻوجهه عوام کي پهرين کان به وڌيڪ خواب ڏيکاريا آهن ۽ اسان جو عوام هميشه انهن خوابن تي ئي زندهه رهيو آهي جن خوابن جي ڪابه تعبير نه هوندي آهي…..
    (روزاني مهراڻ تان ورتل)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو