حَسَنُ نَاهِه حُسَينَ وَٽِ، ٻَيلِي نَه ٻَاهُون سَاڙيه شَهَزَادَن جَو، آهَي آڳاهُون يَزيدَ جُلَاهُون، تَيلَان ڪَريَين تَڪڙِيُون سُرُ ڪَيڏَارَو ٻَيلي = همراهه ٻَاهُون = مددگار، سهارو، ڏڍ، آٿت آڳاهُون = پري، ڏور جُلَاهُون = ڪاهون، هلائون، حملا تَيلَان = تڏهن، تنهنڪري ساڙيہ = سڙي مرين، شل باھ لڳئي بيت جو پس منظر امام حسن عه کي ڪربلا جي واقعي کان ٻارهن سال اڳ يزيدي ٽولي زهر ڏئي شهيد ڪيو هو. هاڻي ته اهو به نه رهيو جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪري هان. حسين عه اڄ اڪيلو ٿي ويو آهي، کيس سهارو، ڏڍ ۽ آٿت ڏيڻ وارو ڪو به ناهي. او شل باه لڳئي يزيد هنن شهزادن جو وطن به هتان تمام گهڻو پري آهي. تڏهن ئي ته تون شهزادن کي اڪيلو ڏسي پيو وري وري حملا ڪرين. سمجهاڻي ڪربلا جو واقعو سڄي دنيا جي پيڙهيل، مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ۽ قومن لاءِ وڏي وٿ، ڏڍ، آٿت ۽ اتساهه آهي. امام حسين عه ۽ ان جي ساٿين ثابت ڪيو ته جنگ رڳو وڏي لشڪر ۽ هٿيارن سان نه پر عزم ۽ حوصلي سان به کٽي سگهجي ٿي.دنيا جا مظلوم ۽ محڪوم ماڻهون ۽ قومون هن ڪربلا جي واقعي کي Ideal ۽ Symbol طور پنهنجي اڳيان رکي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻي سگهن ٿا. اچو ته اسان به پنهنجا حوصلا ۽ عزم هماليه جي پهاڙن جيڏا مظبوط بڻايون ۽ وقت جي يزيدن سان مهاڏو اٽڪائي امن، انصاف، آزادي ۽ آجپو ماڻيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل