”وقت “ اسان جي انتظار ۾ منتظر ! ___________

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ”وقت “ اسان جي انتظار ۾ منتظر !
    ___________
    الطاف حسين جو لعنتي ڪردار سندس 60 ساله عمر جي ڪري جلد ظاهر ٿي پيو ، جڏهن ته حقيقتن انهن يو پي سي جي ”بغيرت سنت “ ڪيل ماڻهن جي پاڪستان جي نالي سان لڏ پلاڻ جو مقصد ۽ خواب اهو ئي هيو ، جيڪو هن گذريل رات ظاهر ڪيو .
    انهيء هندوستاني پناهگير جي سول ملٽري مستقل مفاد جو خيال اهو آهي ته ” مسلم اڙدو “ کي هڪ الڳ ملڪ ، رياست ڏجي جنهن تي ” اڙدو “ ڳالهائيندڙن جي حڪومت ” بادشاهي “ هجي .
    اهي اهڙي قسم جا خواب ته پاڻ سان گڏ کڻي آيا ۽ انهيء لاء هو پنهنجي حڪمت عملي تحت ”وقت “ جي انتظار سان ” ڪم “ ڪندا اچن پيا
    ڪمزور اهڙا جو ” لتر “ ڏيکاربن ته هو توهان جي پيرن ۾ توهان جا مريد لڳا پيا هوندا ، انهن جي مفڪرن جو ڪردار ڏسي سگھو ٿا جيڪي جي ايم سيد جي چرنن ۾ پيا هوندا هئا ۽ انهن چئن ماڻهن جي ڪري اسين ٿڌا به ٿي وڃون ، مگر هو ڪم ڪندا رهيا.
    اڄ الطاف حسين وقت کان اڳتي ۽ پوئتي انهيء ڪري ٿئي ٿو جو هن کي ” موت “ جو ڊپ آهي ته اهو ڪم مان جلد ڪر وڃان ، 60 سال عمر ٿي وئي آهي ، متان جلد مري وڃان ته اهو ” ڪريڊٽ “ ڪو ٻيو نه کڻي وڃي.
    باقي اهي پنهنجي خيالن ۽ مقصدن سان اڳتي وڌي رهيا آهن
    اسان ڌرتي ڌڻين کي هڪ هنڌ گڏ ٿي ويهي ، پنهنجي ” ڊاڪٽرائن “ ٺاهڻي پوندي
    ” ڇڙواڳي “ ” غداريون “ فضول جو عياشيء لاء قوم جو وڪرو کوڙ ڪيوسين
    انهيء سموري ڇڙواڳيء کي روڪڻو پوندو
    ڀتي خور، چور ، ڌاڙيل ، ڪار لفٽر ، شرابيء ، غنڊه ، داداگير کي پنهنجن ۾ صفن ۾ شامل ڪرڻ يا انهن کي پنهنجن ادارن يا پارٽيء ۾ رکڻ جو ڪهڙو سبب هوندو . ڇا اهڙن غير اخلاقي پارٽي ميمبرن کان سواء انقلاب ، آزادي نٿي ملي سگھي ؟
    سڀ ڪجھ ممڪن آهي
    جيڪڏهن اسان جا ليڊر ماضيء جي ليڊرن جي ” غدارين “ ڀتا خورين ، عياشين ۽ تنظيمن کي وڪرو ڪندڙن تي لعنت ڏئي ، اڳتي پنهنجي مقدس سنڌ جي مقصد تي اڳتي وڌڻ آهي .
    اهو سمورو انهيء لاء ضروري آهي جو ” وقت “ اسان جو انتظار ڪري رهيو آهي
    جڏهن ته اها حقيقت آهي ته ” وقت “ ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو “
    الله شڪر جو شڪر آهي ته ” وقت “ اسان سنڌين جو اڄ به انتظار ڪري اڳتي وڏڻ جو منتظر آهي . صرف توهان اسان پاڻ ۾ سچائي ، ايمانداري ۽ قربانيء جو جذبو ايمانداريء سان مظبوط نٿا ڪريون ، تيستائين وقت به اسان جو انتظار ته ڪندو رهندو ، پوء شايد اسين انهيء پوزيشن ۾ نه هجون جو نه لکي سگھون ۽ نه ئي ڪوئي اسان جي لکيل ڳالھ پڙهي سگهڻ وارو ” سنڌي “ رهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو