• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀرڳڙي ٽيمپليٽ ۾ مسئلو..!

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم محترم سائين ذيشان رشيد ...

ڀرڳڙي ٽيمپليٽ جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ ٿيندي، ڇو ته هي هڪ سهڻو ۽ وڻندڙ ٽيمپليٽ آهي ۽ اوهان کي جَس هُجي جو اوهان پنهنجي مصروفيتن باوجود ٽيمپليٽ ٺاهيو ۽ ان کي رليز به ڪيو ۽ ٽيمپليٽ ۾ ايندڙ مسئلن، مونجهارن بابت هڪ آگاهه به ڪيو..
ڀرڳڙي ٽيمپليٽ ۾ جيڪو مسئلو سامهون آيو آهي اُهو هِي آهي ته جڏهن اسان ڪوبه پيج کوليون ٿا ته ان ۾ تبصرو ڪرڻ جو خانو (ڪامينٽ باڪس) ظاهر نٿو ٿئي، جڏهن ته ٻين پوسٽس ۾ اهو خانو ظاهر ٿئي پيو.

وضاحت لا هِي منهنجي بلاگ ۾ هڪ پيج جي لِنڪ آهي ۽ هيٺ تصويرون به آهن..
http://ubedthaheem.blogspot.com/p/blog-page_24.html

HvcPCg.jpg
 
مون کي لڳي ٿو توهان پنهنجي بلاگ تي تبديليون آڻيندي بلاگر بجاءِ فيس بوڪ جا ڪمينٽس ٿا رکڻ چاهيو ... اهڙي سيٽنگ ۾ جڏهن توهان بلاگر ڪمينٽس لڪائڻ چاهيندو ته اهي بلاگ پوسٽ سان گڏو گڏ بلاگ پيجز تي به ظاهر نه ٿيندا.. صرف ان جاءِ تي ظاهر ٿيندا جنهن تي اڳ ڪمينٽس آيل هجن... توهان کي گهرجي ته سيٽنگ کي ٻيهر ريويو ڪريو..
ThreadedComments-6.jpg


ها البته جيڪڏهن توهان پيجز تي به رڳو فيس بوڪ ڪمينٽس رکڻ ٿا چاهيو ته فيس بوڪ ڪمينٽس کي شامل ڪرڻ واري سبق کي ٻيهر پڙهو.. مون کي لڳي ٿو ته توهان سيٽنگ ڪندي ڪو عمل وساري ويٺا آهيو.. :)
مطلب ثابت ٿيو ته ٽيمپليٽ ۾ ڪو مسئلو ناهي.. :)
 
Back
Top