سنڌين ۾ منفي لاڙو / ڇا ان مان جند نه ٿي ڇٽي سگھي؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    اسان سنڌين ۾ هڪ وڏو مرض آهي ـ جيڪڏهن ڪنهن سياسي اڳواڻ جي چڱي ڪم جي واکاڻ ڪر ته هڪدم انهيءَ تي، واسطيدار پارٽيءَ جو سدائين لاءِ ٺپو لڳي وڃي ٿو ـ مونکي به ڪجھه اهڙو ذاتي تجربو آهي ـ
    اسان وٽ ائين آهي ته جنهن جي مخالفت ڪرڻي آهي ته ان جي هر چڱي ڪم جي مخالفت ڪبي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي ساراهه ڪرڻي آهي ته ان جي هر بُري ڪم جي به ساراهه ڪبي ـ عجيب لاڙو آهي، اسان سنڌين ۾ ـ جيڪڏهن انهيءَ مان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪيو ويو ته سنڌي وڏي ڏچي ۾ پوندا ـ
    تازو مون واسطيدار ڪالم جي حوالي سان صدرالدين هاشواڻيءَ تي پوسٽنگ ڪئي ـ مون رڳو 2 ڳالهيون لکيون: هڪ ته هو غريب ماڻهوءَ کان کرب پتي ڪين بڻيو؟ ۽ ٻيو ته ڪجھه وقت اڳ مون سندس ٽي وي انٽرويو ڏٺو هو جنهن ۾ هن دعوى ڪئي هئي ته بشير خان قريشي سميت ٻن ڄڻن کي انهيءَ ڪري جيل کان آزاد ڪيو ويو هو ته جيئن کيس قتل ڪن ۽ اهڙو اطلاع کيس ان وقت جي فوج جي سربراهه آصف نواز جنجوعا ڏنو هو ـ
    مون پنهنجي راءِ ڏني هئي ته صدرالدين هاشواڻيءَ جي، بشير خان قريشيءَ طرفان کيس امڪاني قتل ڪرڻ جي دعوى، منهنجي خيال ۾ ڪوڙي آهي ـ ڪلاسرا جي ڪالم ۽ هاشواڻيءَ جي ڪتاب جي باري ۾ ٻين لکيل ڳالهين بابت، مون دوستن کي چيو ته هو پاڻ تبصرو ڪن ۽ مون ٻين ڳالهين تي تبصرو ڪونه ڪيو هو ـ
    مون وڌيڪ نه ته ڪنهن جي مخالفت ڪئي ۽ نه ئي حمايت ـ پر اسان جو هڪ پراڻو دوست، صدرالدين هاشواڻيءَ خلاف لکڻ تي خبر ناهي ته ڇو ڏمرجي پيو؟ ممڪن آهي ته سندس مفاد ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ساڻس وابستا رهيا هجن ـ همراهه بدتميزيءَ جي ته حد ڪري ڇڏي ـ انهيءَ جو نتيجو هن اهو ڪڍيو ته مان آصف زرداريءَ جو حامي آهيان جڏهن ته مون اهڙي ڪابه ڳالهه نه لکي هئي پر وضاحت جي باوجود هن جون بدتميزيون جاري رهيون ـ
    جڏهن مون زرداريءَ خلاف ڪيل پنهنجن ٻن ٽن درجنن پوسٽنگس مان، تازو ڪيل هڪ پوسٽنگ کيس موڪلي تڏهن هن منهنجي جند ڇڏي ـ
    مون کي سندس اهڙي بدتميزيءَ تي سخت افسوس ٿيو ـ بهرحال، اختلاف راءِ جو حق ته سڀني کي آهي پر بدتميزيءَ جو حق ڪنهن کي نه ٿو ڏئي سگھجي، ڀلي اهو ڪيڏو به پراڻو دوست ئي ڇو نه هجي ـ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو