فيس بوڪ جون تنگ ڪرڻ واريون شيون ٺيڪ ڪريو..

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    اڄ ڪلهه توهان کي پنهنجو هر ڄاڻ سڃاڻ وارو ماڻهون فيس بوڪ تي ملندو .. وري جڏهن کان مختلف موبائيل نيٽورڪ ڪمپنين فيس بوڪ برائوزنگ مفت ڪئي آهي ته توهان جي فرينڊ لسٽ وڌڻ شروع ڪيو آهي.. ايتري تائين جو اڳ هڪ ٻئي کان ڪانٽيڪٽ نمبر گهرندڙ ماڻهون به خدا حافظ چوڻ وقت هڪ ٻئي کان فيس بوڪ آئي ڊي پڇندا آهن.. :)
    اهڙي صورت ۾ فيس بوڪ کي استعمال ڪندي ڪافي الجهائيندڙ، تنگ ڪندڙ ۽ ناپسنديده شيون به سامهون اينديون آهن... ان جو مثال مان ايئن ڏيندس ته هڪ دوست جميل احمد عباسي مون کي اڪثر ڪال ڪري پڇندو رهندو آهي ته مان ڪهڙي طرح ڪنهن دوست کي ان فرينڊ نه ڪريان پر ان جون تحريرون نه پڙهان؟ يا پنهنجا فوٽو رڳو ڪجهه ماڻهن لاءِ رکان؟ يا دوستن طرفان انويٽيشن وصول نه ڪريان؟ وغيره وغيره... مان کيس هميشه ياد ڏياريندو آهيان ته ڀاء هي سوشل نيٽ ورڪ آهي جنهن جو مقصد ئي ٻين سان ڳنڍجڻ آهي.. توهان درياء ۾ گهڙي پاڻي جي ڇنڊن کان بچي نه ٿا سگهو...
    پر ان باوجود زخم به پاڻ ڏيڻ ۽ مرهم به پاڻ رکڻ وانگر فيس بوڪ جي سيٽنگ کي بهتر ڄاڻي ڪافي مسئلا سلجهائي سگهجن ٿا.. هتي ڪوشش رهندي ته فيس بوڪ تي تنگ ڪندڙ شين کي ظاهر ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن کي سلجهائڻ به ساٿين کي سيکارجي...

    *********​

    دوستن کي نيوز فيڊ مان غائب ڪريو
    • فيس بوڪ نيوز فيڊ ۾ اڪثر اهڙيون پوسٽون سامهون اينديون آهن جن کي ڏسڻ اسان پسند ناهيون ڪندا.. اهڙين پوسٽس کي ڊيليٽ ڪرڻ کانسواءِ ئي نيوز فيڊ مان غائب ڪري سگهجي ٿو.. پر هي مسئلي جو حل ناهي.. ڪو نه ڪو دوست اهڙو هوندو آهي جيڪو مسلسل اهڙيون شيون شيئر ڪندو رهندو آهي جن سان توهان کي الجهن ٿيندي هجي ۽ توهان انهن کي ڏسڻ پسند نه ڪندا هجو..
    • گڏو گڏ اهي فيس بوڪ يوزرس جن جي فرينڊ لسٽ ڪافي وڏي هجي انهن لاءِ نيوز فيڊ ڏسي ڪم جو مواد پڙهڻ بلڪل به آسان نه هوندو آهي.. ۽ وري هرڪو دوست اهڙو به ناهي هوندو جنهن جي هر اپڊيٽ تي اطلاع وصول ڪجي پر جيڪڏهن توهان ڪنهن دوست کي ان فرينڊ به نه ڪندي به پنهنجي نيوز فيڊ کي مختصر ۽ ڪارائتين پوسٽن جي لائق بڻائي سگهو ٿا...
    • هڪ دفعي عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم مون کي هڪ پوسٽ ڏيکاري جنهن ۾ ڪنهن گهٽيا انسان حضور جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.. جنهن تي هڪ بنياد پرست مسلمان جو رت ٽهڪڻ عام ڳالهه آهي.. اهڙن ماڻهن کي جيڪي توهانجي يا توهان جي دوستن جي فرينڊ لسٽ ۾ موجود آهن پر توهان جي بنيادي مذهبي عقيدي جي خلاف پوسٽس موڪليندا رهندا آهن ته انهن جي اهڙين ناپسنديده پوسٽن کي پنهنجي نيوز فيڊ مان فلٽر ڪري سگهجي ٿو...
    مٿي ٻڌايل سمورن مسئلن جو حل مون وٽ موجود آهي..:)
    ڪنهن اهڙين پوسٽس کان بچڻ لاءِ ان دوست جي پروفائيل تي وڃو ۽ فرينڊز سان گڏ موجود Following بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو جيڪو فورن Unfollowٿي ويندو...
    هاڻي ان دوست جي ڪابه پوسٽ توهان جي نيوز فيڊ ۾ نظر نه ايندي.. ۽ ان کي خبر به نه پوندي ڇو ته اهو بطورِ دوست توهان وٽ شامل رهندو.. ان طرح جيڪڏهن چاهيو ته سندس پوسٽس ٻيهر پنهجي نيوز فيڊ ۾ رکڻ لاءِ ان کي Followڪريو..

    [​IMG]


    فيس بوڪ اشتهار بلاڪ ڪريو..

    فيس بوڪ جي پراڻن استعمال ڪندڙن کي شايد ياد هجي ته پهريان ان ۾ نه هئڻ جي برابر اشتهار هوندا هيا.. پر بدقسمتي سان هاڻي ائين ناهي.. اڄ ڪلهه فيس بوڪ اشتهارن سان ڀريو پيو آهي.. رڳو ايترو ئي نه پر اهڙا ته واهيات اشتهار هوندا آهن جو ماڻهون برداشت ئي نه ڪري سگهي.. ان مسئلي کان بچڻ انتهائي آسان آهي.. پنهنجي برائوزر ۾ ايڊ بلاڪ پلس انسٽال ڪريو.. جيڪو سمورن اشتهارن جو صفايو ڪري ڇڏيندو..

    adblockplus.org

    ايڊبلاڪ پلس سمورن برائوزرس جهڙوڪ انٽرنيٽ ايڪسپلورر، گوگل ڪروم، موزيلا فائرفاڪس، سفاري ۽ اوپيرا لاءِ مفت موجود آهي.. سمارٽ فون تي هي اينڊروائيڊ لاءِ پڻ موجود آهي..
    ايڊ بلاڪ پلس انسٽال ٿيڻ کان پوءِ پاڻمرادو سمورين ويب سائيٽس تي ظاهر ٿيندڙ اشتهارن کي بلاڪ ڪري ڇڏيندو آهي.. ان طرح صرف ضرورت جو مواد سامهون رهندو آهي.. جنهن سان نه صرف ويب سائيٽ پڙهڻ پر سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ ۾ به انتهائي آساني ٿي پوندي آهي.. ڇو ته هي پروگرام کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ فالتو بٽڻ کي غائب ڪري صرف اصلي سورس کي باقي رهڻ ڏيندو آهي..
    جيڪڏهن فيس بوڪ جي ڳالهه ڪجي ته ان جا فلٽرز به استعمال ڪري سگهجن ٿا.. ته جيئن فيس بوڪ جي سائيڊ بار ۾ موجود اشتهار غائب ٿين يا فيڊ ۾ ظاهر ٿيندڙ سمورا اشتهار مڪمل بلاڪ ڪري ڇڏجن...
    فلٽر ايڊ ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي اچو..

    facebook.adblockplus.me/en
    [​IMG]


    تنگ ڪرڻ واريون گيم اويٽيشنز بلاڪ ڪريو..

    فيس تي سڀ کان وڌيڪ تنگ ڪرڻ واري شيءَ اهائي گيم کيڏڻ لاءِ دعوتون آهن.. مون ته ڪئي دفعا زاهد سومرو کي فون ڪري دڙڪا به ڏنا آهن ته اهڙيون نه وڻندڙ دعوتون نه موڪل پر مجال آ جو چوڻ وٺي... دراصل گيم کيڏڻ واري کي ٻين دوستن کي انوائيٽ ڪرڻ تي گيم جي طرفان فائدا ملندا آهن ان لاءِ هو ڌڙا ڌڙ ٻين کي به انوائيٽ ڪندا رهندا آهن.. يقينن توهان کي به ڪنهن نه ڪنهن گيم چاهي اها فارم ولي هجي يا ڪينڊي ڪرش ساگا کيڏڻ جي دعوت ڪنهن دوست ضرور موڪلي هوندي...
    ڪنهن گيم کي بلاڪ ڪرڻو هجي، ڪنهن دوست طرفان گيم جون دعوتون بلاڪ ڪرڻيون هجن يا وري ڪنهن دوست کي مڪمل بلاڪ ڪرڻو هجي .. اهو سڀ ڪجهه فيس بوڪ جي سيٽنگ پيج تي موجود Blocking آپشن سان ڪري سگهجي ٿو..
    گيم جي تنگ ڪندڙ دعوتن کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ هيٺين صفحي تي وڃو ۽ Block app invites جي سيڪشن مان Block invites from جي سامهون موجود فيلڊ ۾ پنهنجي ان دوست جو نالو ٽائيپ ڪريو جنهن طرفان توهان وصول ٿيندڙ انويٽيشنز بلاڪ ڪرڻ چاهيندا هجو..

    facebook.com/settings?tab=blocking

    [​IMG]



    نيوز فيڊ جو معيار بهتر بڻايو


    ايڊ بلاڪ پلس جي استعمال ۽ ڪئي دوستن ۽ صفحن کي ان فالو ڪرڻ جي باوجود جيڪڏهن توهان پنهنجي نيوز فيڊ جي معيار مان مطمئن ناهيو ته توهان غير معياري مواد کان فيس بوڪ کي پاڪ رکڻ لاءِ فيس بوڪ جي ئي مدد وٺي سگهو ٿا.. ان لاءِ هر پوسٽ جي ساڄي ڪنڊ ۾ هڪ بٽڻ موجود هوندو آهي جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان آئنده لاءِ اهڙين پوسٽس کي غائب ڪري سگهو ٿا..
    ان ڪم کي وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪرڻ لاءِ هڪ پلگ F.B. Purity نالي پڻ موجود آهي جنهن کي هيٺين لنڪ تان انسٽال ڪري سگهجي ٿو..
    www.fbpurity.com
    هي پلگ ان فالتو ۽ غير ضروري اسٽوريز جهڙوڪ گيمز ۽ ايپليڪيشنز جي اسپيم پوسٽس، ان کان علاوه فيس بوڪ جي اسپانسرڊ پوسٽس کي نيوز فيڊ مان هٽائي صرف ڪم جي شين کي توهان جي سامهون آڻيندو آهي.. نيوز فيڊ ۾ موجود جيڪو به باڪس توهان ڏسڻ نه چاهيو ته هن جي مدد سان غائب ڪري سگهو ٿا...

    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    پر جيڪڏهن ڪنهن دوست کي فريند لسٽ مان غائب ڪرڻو هجي ته ڪيئن ڪجي..؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    انفرينڊ ڪيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو