جي توهان گهوسڙو اُستاد ناهيو! يا توهان گهوسڙو اُستادن جا ساٿاريدار ۽ ٻانهه ٻيلي ناهيو ته پوءِ توهان کي گهوسڙو اُستادن خلاف هلندڙ مهم تي اعتراض نه ورائڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ اعتراض وارائڻ وارو مٿين ٻن ڪيٽاگرين ۾ شمار ٿيندو آهي. ياد رهي ته (اُستاد) هڪ مُحترم پيشو آهي جيڪو ڪشش ثقل (گريوٽي جي مخالف سفر ڪرائي ٿو. يعني اُبتڙ رُخ ائين جيئن (ما ۽ پيءُ) جو! انسان کي(ڪشش ثقل) طرف اُماڻڻ. ماءُ پيءُ (آدم ۽ حوا) جي تخليق الله جي مهربانيءَ سان انساني نسل وڌائڻ لاءِ هُئي (يعني روحن کي عالم ارواح مان ڪڍارائي زمين تي لاهڻ جي، ته اُستاد (جبرئيل) وري انهن رُوحن ۾ الله جي حڪم سان علم ڦوڪي ، دين و دُنيا جي اڀياس ڪرائي عالم اروح ۽ ٻين الله جي نعمتن (ڪائنات)سان روشناس ڪرائي ٿو زمين کان آسمان طرف ئي ٿو. سائنسي بُنياد تي به گريوٽي جي خلاف سفر جاري رکڻ ڏکيو مرحلوآهي انڪري اُستاد کي ماءُ پيءُ کان به افضل قرار ڏنل آهي.
پر گهوسڙو اُستاد ته ان شيطان مثل آهي جيڪو ُاستاد جي پيشي ۾ بد ديانت ٿو ڪري ۽ علم ته نٿو ڏي پر پنهنجي دُنياوي ضرورتن لا وياساگهاتيون ڪري پنهنجيون ۽ پنهنجن ڀوتارن جون گهرجون پوريون ٿو ڪري، شيطان وانگر ، جنهنکي الله علم ته ڏنو پر هن اُن علم جو غلط استعمال ڪيو ۽ الله جي سيکاريل علم جي مخالفت ۾ غير فطري عمل ڪرائي ٿو. ۽ انسان کي چرس، ڀنگ، آفيم، وڏيرن جي گهوسٽ اسڪولن جي رکوالي، پاٿاريداري، ڪرڻ سان گڏوگڏ ماستري يا ٻين ڪوڙين نوڪرين جا آرڊر (اهي گهوسٽ اُستاد ئي ورهائيندا آهن) ۽ اوهان کي هر هوٽل ، ڪچهريءَ ۾ آسانيءَ سان ملي ويندا. پوءِ ڪي پنهنجي گهوسٽ ماستري بچاءَ لاءِ ميڊيا (اخبارن ۽ چئنلن) جو به سهارو وٺندا آهن ۽ ڳوٺن جي اسڪول ۾ رهي به شهرن ۾ اخبارن ۽ چئنلن لاءِ ڪم ڪندآهن، عزتدارن جي پڳڙي به لاهڻ ۾ عار محسوس ڪونه ڪن ۽ بليڪ ميل ڪري پئسا به اوڳاڙين،اخبارن، مئگزينن، ٽيوي چينلن جي آڌار تي اثر رسوخ وارن سان لهه وچڙ ڪن ۽ پوءِ هڪ گروپ جوڙي علم ۽ ميرٽ وارن جو رستو بند ڪندا آهن. انهن کي چئبو آهي گهوسڙو اُستاد. انهن جي سڃاڻپ جي خاص نشاني (ڇاپ يا ٽريڊ مارڪ) آهي (موالي ڪلچر). جنهن آڌار تي هي جُڙن به ته ٿڙن به.
RESPONSIBLES OF DESTRUCTION OF EDUCATION IN SINDH (GHOST TEACHERS)
تمام بهترين موضوع ڇيڙيل آهي ۽ هر ڪنهن کي، هر ڪنهن اشو تي ته ڳالهائڻ جي ۽ لکڻ جي آرٽيڪل 19 تحت مُڪمل آزادي آهي ما سواءِ ذاتي ۽ شخصي تنقيد تي جنهن ۾ ڪنهنجي عزت نفس داءُ تي لڳي ٿي، اهڙي صورت ۾ قانون موجب، شهادتون پيش ڪري ٻنهين ڌُرين کي قانوني چاره جوئيءِ سميت (سُو) به ڪري سگهجي ٿو. مضمون قومي اشو تڏنهن بڻجي ٿو، خاص طور جڏنهن سنڌيت ۽ قومي شعور داءَ تي لڳل هُجي. جنهنجو گُنهگار اُهو اڻ سيکڙاهٽ ۽ معمولي پڙهيل ليکڪ، اديب ۽ شاعر ۽ گهڻي ڀاڱي گهوسٽ اُستاد آهي جيڪو سنڌي ميڊيا ۾ به ته سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جاءِ وٺي ٿو پر فرض جي ادائگي نٿو ڪري. ۽ اها ٽهي جيڪا عشق مشق ۽ ڀنگ سُوٽي ۽ ٺري ۾ وڦلجي سنڌي ٻولي، رسمن، رواجن، تهذيب ۽ تمدن سان گڏ صحيح سنڌي تاريخ سان کلواڙ ڪري ٿو. انهن ڪرتوتن جي ڪري ئي ۽ اثر رُسوخ سان علم ، ادب ۽ تعليمي ميدان ۾ گهسڻ وارن گهڻي ڀاڱي سنڌي ٻوليءَ جو خانو خراب ڪيو آهي. جنهن ۾ بلخاص سنڌي اصلي رسمن، روايتن ۽ تهذيبن کي ڪڍي، هلاڪو خانن، جابلي جاگيردارن ۽ ڌارين (غير سنڌين) قومن ۽ جي جاهل پڻ کي(جهڙوڪ ڪارو ڪاري ڪلچر، مفت ونگار وٺڻ، ڌاڙيلگيري، موالي ڪلچر وغيره)۽ غير اسلامي دينن کي (نبي جو سيکاريل دين، ّجيڪو اڳيان آندو ويو خلفاءِ راشدين، تابعين ۽ طبع تابعين) طرفان، مُسلم ۽ غير مُسلم سنڌي ڪلچر مڪس ڪري پيش ڪجي ٿو. هتي هن اشوز تي جهڙيءَ به طرح، (صحيح يا غلط) بحث به لازمي آهي ته اڀياس ڪري اصليت تي پهچجي. مُسلم سنڌي ۽ هندو سنڌي ڀلي پنهنجون رسمون ۽ رواج گڏ کڻي هلن پر اُهي ڌار ڌار پيش ٿيڻ گهرجن جن ۾ يڪسانيت يا مذهبي ڇيد نه هُجي. ڇو جو سنڌ ۾ خراب ۽ نه هُجڻ جهڙو مُڪمل تباه و برباد ٿيل تعليمي نظام، سنڌ جي بقاءَ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ ان جو ڪاڙن اُهي گهوسٽ اُستاد آهن، جيڪي يونيرورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ سرڪاري نوڪري ڪري به ڪونه ٿا وڃن ۽ خانگي اخبارن، ٽي وي چينلن تي يا ادارن ۾ پنهنجو گهڻو وقت ڏين ٿا ۽ قانون ۽ سول سروينٽ ۽ سروس ايڪٽ 1973 تحت پهرئين پنهنجي اداري کان اجازت ناهي ورتل. ته اهڙا ادارا، اخبارون، يا چينل جن کي خبر پوي ٿي ته فلاڻو گهوسٽ اُستاد سرڪاري ملازم آهي ۽ گڏوگڏ سندس اداري سان به واباستيل آهي ته اُهو به اوترو ئي مُجرم آهي جيڪڏنهن هو ان سرڪاري ملازم کان سندس اداري ۾ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي اداري کان اجازت نامون ورتل نٿو پيش ڪري. ته ٻنهين پارٽين (اداري ۽ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم) تي قانوني ڪاروائي ڪو به عاري ڪرائي سگهي ٿو. هن وقت اڪثريت گهوسٽ اُستادن جي آهي جيڪي پنهنجي اثر رُسوخ سان ۽ رشوتون ڏئي، تعليمي ڊپارٽمينٽس يا ايجيڪيشن سيڪريٽريٽ يا ايم.پي.اي، ايم.اين.اي، منسٽرن جي ڪارندن جي مدد سان ڪوڙيون نوڪريون وٺي ميدان تي لٿل آهن اُهي به سنڌ جي تعليمي ميدان ۾ ايترا ئي مُجرم آهن، جن جي ڪري ميرٽ سنڌي بيروزگار آهي ۽ سنڌي معاشرو به، غلط سنڌي ٻولي، الفابيٽ، محاورن وغيره سان پنهنجي ٻيڙي اهڙن ئي گهوسٽ اُستادن يا جيڪي اسڪولن ۽ ڪاليجن بدران، جرنلزم، رپورٽنگ، ٽي وي چينلن يا اخبارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙن گهوسٽ استادن جي نشاندهي لازمي هُئڻ گهرجي ڇو جو اُهي قومي مُجھرم آهن ۽ سنڌي جو تعليمي نظام تباه و برباد ڪرڻ جا جوابدار به . اهڙن ناسورن کي سوشل ميڊيا تي پبلڪ ڪرڻ کان پوءِ سڌو سئنون لاڳاپيل ادارن کي لکت ۾ موڪلجي ته انهن گهوسٽ اُستادن کي يا رُشوت ڏئي آرڊر وٺندڙ اُستادن کي کي جيڪي ٻن سالن کان پوءِ هاڻ ننڊ مان اُٿيا آهن ۽ پنهنجا حق پيا گهرن، اُنهن جو احتصاب ڪرڻ سان گڏ، اُنهن خلاف عدالت ۾ به وڃڻ گهرجي ۽ قوم کي انهن قومي مُجرمن ۽ تعليم جي تباهي ڪندڙن کي هرگز معاف نه ڪرڻ گهرجي. جن وٽ ڪوڙيون يا سچيون ڊگريون ته آهن پر هو هڪ سٽ به لکي يا سمجهي نٿا سگهن ماسواءِ سياست، نوڪري وڪڻڻ ۾ ڀائيواري، اسڪينر ۽ ليزر پرنٽر جي مدد سان ڪوڙا نوڪرين جا آرڊر وغيره. اسان هر اُن ماڻهون سان گڏ آهيون جيڪو اهڙن سنڌ دُشمن ۽ قومي مُجرم ناسورن جي نشاندهي ڪري، واکو ٿو ڪري سنڌي ٻولي، سنڌي پُراڻي لکيل پٽي ۽ تعليمي نظام کي تباه ٿو ڪري. اسان چئنلن جي مالڪن ۽ اخبارن جي مالڪن کي به سنڌ جو واسطو ڏئي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙن گهوسٽ اُستادن کي جيڪي ڪنهن به صورت ۾ سندن اداري سان لاڳاپيل آهن کي نوٽيس موڪلي ته هو پنهنجي سرڪاري محڪمي مان اداري جي هيڊ جي صحيح سان اجازت نامون آڻي ٻي صورت ۾ پنهنجا ٽپڙ گول ڪري ته بيروزگار ميرٽ سنڌي ان جاءِ تي اچي ۽ قومي ٻوليءَ جو تشخص وڌائي ۽ جهالت، غربت، مُفلسي مان قوم جي جان ڇڏائي.