لَهَرِ مِڙَوئِي لَالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيَان وِتِرَو اَوٻَهَارَا عَبِيرَ جَا، جَرَ مَان اَچَنِ جَالَ ڪُنَنِ گهِڙِي ڪَالَ، سِڪَ پِرِيَان جَي سُهُڻِي سُرُ سُهُڻي لَالَ = هيرا، موتي، لعل جواهر وَهَڻُ = درياهه، واهڙ کَٿُوريَان = مشڪ، خوشبووئون، مهڪارون، هٻڪارون وِترَو = سرس، جهجهو، گهڻو، زياده، پُر، ڀريل، ٽٻٽار اَوٻَهَارَا = ٻاڦ، بخارات - پر هتي معنى ٿيندي هُٻڪار عَبيرُ = عنبير، عطر جَرَ = پاڻي جَالَ = زياده، گهڻي تعداد ۾ ڪَالَ = ڪالهه، گذري ويل ڏينهن بيت جو پس منظر ~ سهڻي چئي ٿي ته درياهه جي هڪ هڪ ڇولي مون لاءِ هيرن، موتين، لعل جواهرن سان ٽمٽار آهي ۽ درياهه مون لاءِ مُشڪ، کٿورين، خوشبووئن، هٻڪارن ۽ مهڪارن سان ڀريل آهي. ~ مون کي درياهه جي پاڻيءَ مان عطرن، عنبيرن جي خوشبوءِ ٿي اچي. سڄو درياهه هُٻڪارن سان واسجي ويو آ، هر طرف هر پاسي رڳو خوشبو ۽ خوشبو ڦهليل آهي. ~ سو تنهنڪري ته سهڻي ميهار جي سڪ ۾ هي درياهه جا خطرناڪ ڪُنَ تري هن پار ٿي وڃي. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي پيار، پاٻوهه، محبتن، خوشبووئن، مهڪارن، هُٻڪارن ۽ رومانس سان ڀريل بيت سهڻيءَ جي ميهار سان محبت جي عڪاسيٿو ڪري. محبوب سان پيار جي ڪري سندس سان لاڳاپيل هر شئي سان به پيار ٿيندو آهي. سهڻيءَ جو ميهار سان هي ازلي ۽ ابدي عشق ڪيڏو سگهارو، سمنڊن ۽ درياهن جي گهراين کان به کان گهرو، وسيع ۽ وشال آهي. ميهار جي پيار سان لاڳاپي ۽ نسبت جي ڪري هر اها شئي جيڪا ميهار سان طعلق ۽ واسطو ٿي رکي سا ڪيڏي سهڻيءَ کي سهڻي ۽ سندرٿي لڳي. جيتوڻيڪ درياهه ۾ بظاهر ڪي به هيرا، لعل، جواهر موجود ڪونه هئا ۽ ڪا خوشبوءِ به نظر ٿي آئي پر سهڻيءَ جي ميهار سان اٿاهه محبت جي ڪري سهڻيءَ کي درياهه جي هرهڪ لهر لهر ۽ ڇولي ڇوليءَ ۾ لعل، جواهر ۽ موتي ٿي نظر آيا. هي ميهار جي ئي پيار جو خمار هو جو سهڻيءَ کي درياهه سمورو ڪنهن پرفيوم ۾ ٻڏل ٿي نظر آيو. هر طرف هر پاسي رڳو خوشبووئون، مهڪارون ۽ هٻڪارون ٿي سهڻيءَ کي نظر آيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل