سَسُئِي آبِرِي جُدَائِيءَ جَو جَامُ، ڏِنَائون ڏُکِيءَ کَي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جُدَائِيءَ جَو جَامُ، ڏِنَائون ڏُکِيءَ کَي
    مَنگلُ مُنهِنجَي مَنَ ۾، ٻَارِيَو هَوتَ حِمَامُ
    اَرِکِ ٿِيَو آرَامُ، ڪَاڪُلُ پَسِي ڪَانڌَ جَو


    سُرُ سَسُئي آبري

    جَامُ = پيالو
    مَنگل = کورو، مَچ، ڪُلُ - سياري مند ۾ سگريءَ ۾ باهه ٻاري ويندي آهي.
    هَوتَ = بلوچ قوم جي ذات - ڀٽائيءَ پُنهونءَ کي ڪٿي آري ۽ ڪٿي هوت به سڏيو آهي.
    حمَامُ = غُسلخانو - جتي پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ باهه ٻاري ويندي آهي - پر هتي معنى ٿيندي باهه.
    اَرک = الڳ، جدا، ڪوهين ڏور
    ڪَاڪُلُ = زلف، گيسو، ڊگها وار - آڳاٽي دؤر ۾ ۽ هاڻي به بلوچ قوم جا مرد ڊگها وار رکائن ٿا.
    ڪَانڌَ = ورُ، مڙس - هتي معنى ٿيندي پنهونءَ جو

    بيت جو پس منظر

    ~ مون وٽ سورن جي ته اڳي ئي ڪمي ڪونه هئي ويتر محبوبن هي جدائيءَ جو پيالو پياري انتها ڪري ڇڏي.
    ~ اڳي ئي منهنجي مَنَ ۾ کورا ٿي ٻريا ويتر پنهونءَ باهين جا ڀڀڙ ٻاري ڇڏيا آهن.
    ~ مون جڏهن کان محبوب جا ڊگها، خوبصورت ۽ دلڪش زلف پسيا اٿم تڏهن کان ننڊ ڪوهين ڏور ٿي وئي آهي.

    سمجهاڻي

    ڀٽائي هن بيت ۾ محبوب جي جدائيءَ ۽ وڇوڙي جي عذاب ۽ اذيت جو ذڪر ڪيو آهي. محبوب جڏهن اکين کان پري ٿي ٿو وڃي ته ان عذاب، اذيت، ڀوڳنا ۽ پيڙا جي شدت کي عاشق ئي سمجهي سگهي ٿو, ڇو ته هنڌ اهو سڙندو آهي جتي باهه ٻرندي آهي.
    جڏهن سسئيءَ کان پُنهون ڏير کسي ويا ته سسئي اڪيلي رهجي وئي. کيس پنهونءَ جي جدائيءَ بدن م باهيون لڳائي ڇڏيون. هوءَ هر وقت ۽ هر پل پنهونءَ کي ياد ڪري پئي لڙڪ لاڙيندي هئي. پنهونءَ جو پيار، سندس ڳالهيون، واعدا، وچن، عهد، اقرار جڏهن ياد ٿي پيس ننڊ نيڻن کان اڏامي ڪوهين ڏور هلي وئي هئس.
    جڏهن پهريون ڀيرو پنهون ڀنڀور ۾ قافلو وٺي آيو هو ته سرتين سان گڏ سسئي به قافلو ڏسڻ وئي هئي. اتي پنهونءَ جي سونهن، سوڀيا، سندرتا ۽ ڊگها وار جيڪي سندس ڪلهن ۽ منهن تي ٿي پيا ڏسي سسئي مٿس موهت ٿي پئي هئي.

    _____
    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سهڻي چونڊ سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو