سَهَسينِ سَائِرَ گَجَنِ، تَوءِ سَهَجَ نَه مَٽَي سُهُڻي تَه ڪَي نِينهَن ڇِڄَنِ، پَرِتَهِين پِرِيُن جَي ؟ سُرُ سُهُڻي سَهَسين = سوين، هزارين، ڪيترائي سَائرَ = درياهه، سمنڊ، ساگر گَجَن = رڙن، گجگوڙون ڪن، ڌڌڪا ڪن، دهشت ۽ خوف ڦهلائين تَوءِ = تنهن هوندي به، تڏهن به سَهَجَ = ريت، ڪار، طريقو، واٽ پَرتَهين = انهيءَ ريت، ان سان، اهڙي طريقي بيت جو پس منظر ~ جي سوين، هزارين درياهه گڏجي به رڙن، گجگوڙون ڪن، ته به سهڻي ميهار سان رات جو ملڻ کان هرگز نه مڙندي. ~ ڀلا هن ننڍڙي ۽ خسيس ڳالهه جي ڪري ڪي پيار ۽ محبتون ڇني ۽ ختم ڪبيون ڇا؟ سمجهاڻي درياه جڏهن موج، مستيءَ ۽ چاڙهه ۾ هوندو آهي ته وڏا خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آواز ايندا آهن.پاڻيءَ ۾ لهڻ جي ڪنهن ۾ همٿ ناهي هوندي. پر سهڻيءَ جو عزم ۽ حوصلو ته ڏسو چئي ٿي هي ته هڪ درياهه آهي پر سوين درياهه گڏجي پون مان ميهار سان ملڻ کان ڪونهمُڙندس.هن ٿوري ۽ خسيس ڳالهه جي ڪري ڪي واعدا، وچن، عهد، اقرار ۽ محبتون ڇني ڇڏبيون ڇا؟ ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي ته سهڻي عورت آهي اڪيلي سر درياهه جي دهشت ۽ خوف جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي محبوب ميهار سان روز رات جو ملڻ ٿي وڃي پنهنجو واعدو ۽ وچننٿي ڀڃي. تنهنڪري محبوب, ڌرتي ۽ قوم سان ڪيلcommitment اسان کي به پاڙڻ گهرجي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل