عُمِرِ سَڀِ عِشِقَ سِين، پُنُهُون جَي پُڇَنِ رِيسَ رَيذَالِيُون تنِ سِين، ڪُڄَاڙَي کَي ڪَنِ مَارَڳَ جَي مَرَنِ، وَڏَو طَالِعُ تنِ جَو سُرُ سَسُئي آبري رَيذَاليُون = هلڪڙيون، ڪميڻيون، سڌڙيون، بي همٿ ڪُڄَاڙَي = ڪنهن لاءِ، ڇالاءِ، ڇا جي ڪري، ڇو مَارَڳ = منزل، واٽ، راهه، گس طَالعُ = بخت، سڀاڳ، نصيب بيت جو پس منظر ~ جيڪي سڄي زندگي محبوب جي عشق ۾ گذاري ٿيون ڇڏين ۽ وتن پنهون پنهون ڪنديون. ~ انهن سان اهي ڪميڻيون ۽ هلڪڙيون ڀلا ڇاجي لاءِ ٿيون ريسون ڪن ۽ سڙن. ~ نصيبن ۽ ڀاڳن واريون ته اُهي چئبيون جيڪي پنهنجي محبوب جي تلاش ۽ ڳولا ڪندي ڪندي ساهه سِر گهوريو ڇڏين. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ۾ اسان کي درس ٿو ڏئي ته پنهنجي مقصد، محبوب ۽ منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ آخري دم تائين ڳولا، ويڙهه ۽ جدوجهد جاري رکو. ڇو ته محبوبَ ۽ منزلون ملڻ ڪو سولو ۽ آسان ڪم ناهي. ان لاءِ سچائي، اورچائي ۽commitment جو هجڻ لازمي آهي. جيڪي اڌ پنڌ م ٿڪجي ويهي ٿا رهن ۽ وڪامجي ٿا وڃن، انهن کي اهو حق ناهي ته هو الزام تراشيون ڪن، مايوسيون ۽ نا اميديون ڦهلائين. محبوبَ ۽ منزلن جي ڳولا ۽ جدوجهد م جيڪي ماڻهون ماريا وڃن ٿا، شهادتون ماڻن ٿا اهي ئي امرتا ماڻن ٿا. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل