لَيَا ڏِٺَمِ لَارَ، سَانڀَارَا سَاهَڙ جَا هِنئِيَون هِتِ نَه وِندُرَي، ڌَرَاڙَئُون ڌَارَ مُنهِنجَو مَنُ مَيهَارَ، پَڳَهِيَو پَاڻَ ڳَرَي سُرُ سُهُڻي لَيَا = لَئَي جو وڻ لَارَ = ليَارَ - هي وڻ ليسوڙيءَ جيان ڦر جهليندو آهي پر ليار ليسوڙن کان گهڻو ننڍا، وڌيڪ مٺا ۽ گهٽ ڳردار ٿين ٿا. سندن رنگ به ڳاڙهسُرو ٿئي ٿو. سَانڀَارَا = سامهون، اکين آڏو ڌَرَاڙَنئُون = ڌنارن کان سواءِ پَڳَهيَو = قابو ڪيو، قيد ڪيو، رسيءَ سان ٻڌي ڇڏيو ڳَرَي = پاڻ وٽ، پاڻ سان بيت جو پس منظر ~ سهڻيءَ جي جڏهن لَئَي جي وڻ ۽ ليار تي اک پئي آهي ته کيس ساهڙ ياد اچي ويو آهي. ~ سندس دل ڌنارن کان سواءِ ٻي ڪنهن به شئي سان نٿي لڳي. ~ سهڻي چئي ٿي منهنجي دل ميهار پاڻ سان کڻي ويو آهي، جيئن ڪنهن کي ڪوٽ ۾ قابو ڪبو آهي تيئن ميهار مون کي پنهنجي پيار ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي رومينٽڪ بيت سهڻيءَ جي ميهار سان لازوال محبت ۽ عشق جي عڪاسي ٿو ڪري. محبوب سان محبت جي ڪري سندس گهر، اوڙي پاڙي، شهر، ڳوٺ، ولين ۽ وڻن سان به پيار ٿي ويندو آهي. تڏهن ئي ته جڏهن سهڻيءَ جي اک لئي جي وڻ ۽ ليار تي پئي آهي جيڪي ميهار جي پاسي ڏٺا هُيئين ته کيس ساهڙ ياد پيو آهي. سهڻي چئي ٿي ته منهنجي دل ڏم، سندس گهر ڀاتين ۽ ٻي ڪنهن به شئي م نٿي لڳي. مون کي ته ڏم جي هر شئي زهر ٿي لڳي. باقي مَينهُن جي ڌنار ساهڙ سواءِ منهنجو رهڻ ناممڪن آهي ڇو ته منهنجي دل ميهار پاڻ سان کڻي ويو آهي ۽ مون کي پنهنجي پيار ۾ قيد ڪري ڇڏيو اٿئين. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل