رَائي ڪَئي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ ٽَاڪِيَو چَڙَهَي لَانچَي لَڪَ لَطيفُ چَئَي، هَلَي هَوتَ حُضُورَ رَهِيَا سَڀِ رُڃَن ۾، سَسُئيءَ جَا سَالُورَ سَاجَنَ مَيڙِيُسِ سُورَ، سُکَ نَه مَيڙِيُس سُپَرِين سُرُ سَسُئي آبري رَائي = رئي، واري - جبل جي واري رَنجُورَ = ڦٽيل، زخمي، رتورت، گهايل ٽَڪَرَ = جبل، پهاڙ ٽَاڪَيو = ڀڃيو، ٽڪر ٽڪر ڪيو، پرزا پرزا ڪيو، ٽوڙيو لَانچَي = لتاڙي حُضُورَ = سائين، محبوب، پنهونءَ ڏانهن سَالُورَ = ويس وڳا، هار سينگار، حسن، سونهن سوڀيا، سندرتا مَيڙيَس = ملايس، گڏايس، ملاقات ڪرايس بيت جو پس منظر ~ سسئيءَ جا پنڌ ڪندي ڪندي پير ڦٽجي پيا هن، پر پوءِ به جبل کي ڀڃي ڀورا ڪري چڙهندي ٿي وڃي. ~ لڪن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندي پنهنجي محبوب پنهونءَ ڏانهن ڪاهيندي ٿي وڃي. ~ هن برپٽ، رڻ ۽ رُڃَ ته سسئيءَ جا حال ڪال، ويس وڳا، هار سينگار ئي وڃائي ڇڏيا هن. ~ اهي ڏک ئي هيا جن پنهونءَ سان ملايس نه ته سک طلبي ها، ڪشالا نه ڪري ها ته محبوب ٿورئي مليس ها. سمجهاڻي ڀٽائي اسان کي سمجهائي ٿو ته سسئيءَ پنهنجي محبوب پنهونءَ لاءِ پنڌ ڪيا، جبل جهاڳيا، لڪ لتاڙيا، ويس وڳا، حسن، سونهن ۽ سينگار گهوري ڇڏيو تڏهن ئي ته محبوب مليس. پر جي سک طلبي ها ۽ هي ڏک نه ڏسي ها ته پوءِ پنهون ڪيئن پسي ها ؟ سو اچو ته غور ڪيون ته اڪيلي عورت جيڪا صنف نازڪ به آهي سا ڦٽيل ۽ رتورت پيرن سان پنڌ ڪري ٿي، جبل جهاڳي ٿي ۽ پنهنجي محبوب کي ڳولي ٿي. ته پوءِ هن ڌرتيءَ جا پنج ڪروڙ ماڻهو اڃان ڇو ستل آهن ؟ اڃان ڪنهن جي انتظار ۾ آهن ؟ اچو ته سسئيءَ جي مسلسل جدوجهد واري واٽ وٺي اسان به پنهنجي محبوب ۽ منزلن کي تلاشيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل