يورسٽ جي اوچائيءَ جو جهيڙو ختم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شاهده سمون طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2010۔

  1. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    يورسٽ جي اوچائيءَ جو جهيڙو ختم

    چين ۽ نيپال جي وچ ۾ دنيا جي بلند ترين جابلو چوٽي ايورسٽ جي اصل اوچائيءَ جو پراڻو تڪرار نبري ويو آهي ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي موقف کي تسليم ڪري ورتو آهي. ايورسٽ چين ۽ نيپال کي ورهائڻ واري سرحد تي واقع آهي پر ٻنهي جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان ان جي اصل اوچائيءَ جي معاملي تي اختلاف هئا. نيپالي ماهرن موجب، ان پهاڙي جي اوچائي 8.848 ميٽر آهي، جيڪا چيني ماهرن جي ڪيل پيمائش کان لڳ ڀڳ چار ميٽر وڌيڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي عملدارن جي وچ ۾ نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊوءَ ۾ ٿيل اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿي ويو آهي، ٻنهيءَ جي پيمائش جو حوالو ٻه مختلف شيون آهن، چين جي پيمائش ايورسٽ جي جابلو اوچائيءَ کي ظاهر ڪري ٿي جيڪا 8844.43 ميٽر آهي، جڏهن ته نيپال جو موقف آهي ته برف سميت اها اوچائي 8848 ميٽر آهي، نيپال جي سروي ڊپارٽمينٽ جي هڪ عهديدار جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي موقف کي تسليم ڪيو آهي. پهرين ڀيري ايورسٽ جي اوچائيءَ جي پيمائش 1856ع ۾ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته شرپاتن زن نارگي ۽ ايڊمڊ بلري 1953ع ۾ سڀ کان پهرين ان کي سر ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو، پر دنيا جي هن بلند ترين چوٽيءَ جي اصل اوچائي اڃا تائين تڪراري هئي. 1955ع ۾ هڪ ڀارتي سروي ۾ ايورسٽ جي برفاني چوٽيءَ جي تعين 8848 ميٽر ڪيو هو، جنهن کي لڳ ڀڳ سڀني تسليم ڪيو آهي، جاگرافي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايورسٽ جي اوچائيءَ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، ڇو ته زمين جي هيٺيان پليٽن جي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقليءَ جي ڪري ڀارت ترتيبوار چين ۽ نيپال کان هيٺ ٿي رهي آهي. مئي 1990ع ۾ آمريڪي ماهرن جي هڪ ٽيم جي پي ايس ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي ايورسٽ جي اوچائي 8850 ميٽر ماپي هئي ۽ آمريڪي نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي به ان ماپ کي استعمال ڪندي آهي، پر نيپال اڃا تائين سرڪاري طور تي ان کي تسليم نه ڪيو آهي.

    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: يورسٽ جي اوچائيءَ جو جهيڙو ختم

    شاهده سمون ڀيڻ توهان تمام گهڻي معلوماتي ونڊ کڻي آيا آهيو، جڏهن اسان شاگرد هُئاسين منهنجي خيال ۾ ميٽرڪ ۾ ڪنهن سوال ڪيو هو ته تنهنجي سڀ کان وڏي خواهش ڪهڙي آهي، مون کيس برجستو جواب ڏنو هو مانس ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي چوٽي مائونٽ ايورسٽ سر ڪري ان چوٽي تي شاهه سائين جو بيت ” سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ پڙهڻ‌ٿو چاهيان“ ان وقت سڀني منهنجي انهي خواهش تي ٺٺوليون ڪندي منهنجي مزاق اُڏائي هُئي، خير ڀيڻ توهان کي جس هُجي جو اڄ توهان مائونٽ ايورسٽ جي باري ۾ اهم ترين ڄاڻ‌ اسان تائين پهچائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو