ڪَو جَو وَرِيَو وَاءُ، جِيئَن ٻَانهُنِ ٻَرُ ڇَڏِيَو اَڳَي اِنَ تَڙَاءُ، اُوندَاهِيَان ئي اُڪِرَان سُرُ سُهُڻي وَاءُ = هوا - اهڙي ڪا هوا گهلي، ڪو سبب ٿيو، ڪو غضب ٿيو، ڪا بدنصيبي چئبي ٻَرُ = ٻَلُ، طاقت، قؤت، شڪتي، Energy تَڙَاءُ = تڙ تان، ان هنڌان، ان گهير تان اُوندَاهيَان = اونداهي رات ۾ اُڪرَان = تري ويندي هيس، تري پار پهچندي هيس بيت جو پس منظر ~ سهڻي چئي ٿي ته اڄ الائي ڪهڙو سبب ٿيو، ڪا بدنصيبي چئبي يا شايد منهنجي مقدر ۾ ايئين هو جو منهنجو جسم ساڻو ٿي پيو. ٻانهُن مان طاقت ۽ سَتُ نڪري ويو. ~ جي نه ته اڳ ۾ ته مان اونداهين راتين ۾ بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ ڊاءَ جي درياهه تري ويندي هيس پنهنجي محبوب ميهار سان ملڻ لاءِ. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو ته مايوسيون، نراسائيون، نااميديون، شڪستون ۽ ناڪاميون به زندگيءَ جو حصو، حقيقت ۽ سچ آهن. ضروري ناهي ته انسان سدائين ڪاميابيون ماڻي. عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ مائوزي تنگ چيو ته شڪست ملڻ کان پوءِ مايوس نه ٿيو، پوئتي هٽو، وري پنهنجي قؤت گڏ ڪيو ۽ ڀرپور طاقت سان حملو ڪيو. مايوسي ڪفر ۽ گناه آهي. بزدل ماڻهون هڪ دفعو ناڪام ٿيڻ کان پوءِ همٿ هاري ويهندا آهن. پر دلير ۽ بهادر ماڻهون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ به شڪست تسليم ناهن ڪندا. سنڌ جي تاريخ ۾ پڻ سنڌين کي جي ناڪاميون ۽ شڪستون مليون به آهن ته وري هنن ٻاهرين حملي آورن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور به ڪيو آهي۽ وري ڪاميابيون ماڻيون آهن. تنهنڪري اچو ته پنهنجي ناڪامين تي پڇتائڻ جي بجاءِ قومي جذبي ۽ قومي ٻڌيءَ سان اڳتي وڌون ۽ محبوب ۽ منزلن تي پهچڻ جا ڪي نوان گس ۽ رستا ڳوليون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل