ڪتاب ”سالڪ جو سفر“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب يورپ جي نامياري مصنف جان بنين John Bunyan جي انگريزي ڪتاب Pilgrim's Progress جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناميارو محقق ۽ ليکڪ پرڀداس ڀيرومل آڏواڻي آهي. پهريون ڇاپو 1943ع ۾ موهن جي شهاڻي ايجوڪيشنل پبلشنگ پاران ڇپايو ويو ۽ ان جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا آهن. 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران نئين سر ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي اوهان سان ڪرزمه ويب جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
هن ڪتاب ۾ انساني سماج جي روحاني پاڪيزگيءَ ۽ روحاني سفر جو ذڪر بيان ڪيل آهي. جنهن ۾ مصنف دليلن ۽ حقيقتن جي ذريعي اهو ڏسي ٿو ته، سالڪ کي ٻن قسمن جي مصيبتن هڪ بيروني (دنيوي) تڪليفون ۽ ٻي اندروني (نفس ۽ نفساني) وِسوسن، کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيڪي انسان کي حق جي راهه کان گمراهه ڪن ٿيون، جنهن ڪري کيس ڪنهن ڪامل مرشد جي ضرورت ٿئي ٿي.