
پياري دوست ۽ سدائين جاکوڙ ۾ رهندڙ نوجوان دوست ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري جو نوجوانن جي رهنمائي لاء انتهائي ڪارائتو ڪتاب ”گريجوئيٽس جون گهرجون“ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. نوجوان شاگردن لاء هي ڪتاب ڪنهن رهنما کان گهٽ ناهي، جيڪو نوجوانن کي اهڙن سوالن جا جواب ڏيندو جنهن ۾ هو منجهيل آهن.
ڪتاب ۾ شامل ڪجهه اهم سوال ۽ ڳالهيون:
• اوهان انٽر کانپوءِ تعليمي ميدان ۾ پنهنجي ڪيريئر جي چونڊ ڪيئن ڪريو؟
• اوهان جي پرسنلٽي ڪيئن هجڻ گهرجي؟
• اوهان کي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر سمجهه ۾ ڇو نٿا اچن؟
• اعلي تعليم جي حصول ۾ اوهان جا رويا ڪهڙا هجن؟
• ڪاميابيءَ لاءِ نصابي پڙهائيءَ کان علاوه ٻيو ڇا ڪجي؟
• گريجوئيشن ۾ ڪميونيڪيشن گيپ ڪيئن ختم ڪجي؟
• ڪچي انگريزيءَ جي چيلينج کي ڪيئن منهن ڏجي؟
• جي آر ايGRE ٽيسٽ ڇو ضروري آهي؟
• جي آر اي GRE ۽ ٽافل TOEFLجو طريقه ڪار ڇا آهي؟
• ڪاليج سائيڊ يا پرائيوٽ گريجوئيشن کي مفيد ڪيئن بڻائجي؟
• سي ايس ايس CSSجي امتحان جي تياري ڪيئن ڪجي؟
• پوسٽ گريجوئيشن ڏانهن وڌڻ جي پيش قدمي ڪيئن ڪجي؟
• ملڪ کان ٻاهر وڃي پڙهڻ جون تقاضائون ڪهڙيون آهن؟
• اسڪالرشپ جا موقعا ڪيئن ۽ ڪٿان حاصل ڪجن؟
• گريجوئيٽس کي نوڪريون نه ملڻ جا سبب؟ ۽
• گريجوئيشن جي خواهشمند نياڻين کي پيش ايندڙ رڪاوٽون.
هن ڪتاب ۾ ڪل 158 صفحا آهن ۽ قيمت اٿس 200 رپيا.
ملڻ جا هنڌ:
Sindhica Academy
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400 Phone: 021-32737290
website: www.sindhica.org, Email: sindhica_academy@yahoo.com
سنڌيڪا بوڪ شاب: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو فون: 03023468755-0744056571
مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو