مَرِجُ وَٽِ مَيهَارَ، مَتَان مَوٽِين سُهُڻِي سَاهَڙ جَا سِينگارَ، مَتَان ڏَمَ ڏَيکَارِئِين سُرُ سُهُڻي سُهُڻي = ميهار جي محبوبه - ذات جي واهوچي هئي، سنڌو درياهه جي الهندي ڪناري تي سندس ڳوٺ هو. سَاهَڙُ = ميهار جو نالو، سهڻيءَ جو محبوب - ذات جو سمون هو. ڀٽائيءَ کيس ڄام به سڏيو آهي. جيڏيون ڏٺيان جي، صورت “ساهڙ ڄام جي”. سر سهڻي داستان پهريون بيت 4 ڏَمُ = سهڻيءَ جي مڙس جو نالو - ڏم ذات جو سامٽيو هو. حوالو : ڪتاب "سر سهڻي" صفحو 13ليکڪ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ. بيت جو پس منظر ~ او سهڻي هاڻي جڏهن ميهار وٽ وئي آهين ته ميهار وٽ ئي مري وڃجان. ڪڏهن به ڏم جي پاسي موٽي نه وڃجان. ~ هي تنهنجا هار سينگار، تيل ڦليل ۽ ويس وڳا صرف ساهڙ لاءِ ئي آهن. واپس موٽي ڏم کي نه ڏيکارجان. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ۾ سهڻيءَ کي هدايت ٿو ڪري ته تنهنجو پيار ميهار سان ئي آهي ۽ ان کان سواءِ رهي به نٿي سگهين. پوءِ روز موٽي ڇو ٿي اچين ان گهر ۾ جنهن ۾ ڏم رهي ٿو، جنهن کان تون سخت نفرت ٿي ڪرين. هي ويس وڳا ۽ هار سينگار جيڪي ميهار لاءِ ٿي ڪرين سي وري ڏم کي ڏيکارڻ لاءِ ڇو ٿي موٽي اچين؟ سهڻي تنهنجو مرڻ جيئڻ هاڻي ميهار سان آهي تنهنڪري ان جي ئي هنج، ڀاڪر ۽ ٻَانهُن ۾ پساهه پورا ڪر. اڄ جي دور جا ترقي پسند، لبرل، سيڪيولر ۽ سول سوسائٽيءَ جا ماڻهو عورت جي آزاديءَ جا هوڪا ڏيندا ٿا وتن پر ڀٽائي اڄ کان چار سؤ سال اڳ عورت جي آزاديءَ جو حامي هو. هي سماج جنهن ۾ عورت جي آدمشاري مرد کان وڌيڪ آهي پر کيس مڪمل حق ۽ اختيار ناهن مليا ته جيئن هوءَ به پنهنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذاري سگهي. سو اچو ته اسان به سوچون ته ڀٽائيءَ جي هن ڳالهه تي اسان ڪيترو عمل ڪيو آهي؟ ۽ باقي ڪڏهن ڪنداسين؟ _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
تمام سهڻي ونڊ سائين دل جي معاملي ۾ عقل جو دخل نه هجڻ کپي عقل اٽڪلون ٿو سيکاري جڏهن ته دل دريا به پار ڪرائي ٿي وڃي.