اُٿِيَو ۽ اُٿِيَاڪُ، ڪَالهَوڪَو ڪَاڏَي گَيَو وَيَو جَاڳَائَي جَيڏِيُون، بِرِهُه، هِي بَيبَاڪُ چُرُ ڦُرُ ڪَارِي چَاڪُ، سُورُ سُمَهَارَي ڪِينَ ڪِي سُرُ سَسُئي آبري اُٿيَو = جاڳيو _ درد، سور اُٿيَاڪُ = جاڳيل، اٿيل – عشق گَيَو = ڪاڏي ويو، ڪاڏي گم ٿي ويو، ڪاڏي هليو ويو بِرهُه= نينهُن، عشق بَيبَاڪُ = بي پرواهه، بي ڊپو، بي خوف چُرُ ڦُرُ = آنڌ مانڌ، لُڇَ پُڇَ، ولوڙ، بيچيني، بيقراري، لڳت چَاڪُ = وڍي وجهڻ، ڪپي وجهڻ، ڦٽيل، زخمي، وڍيل بيت جو پس منظر ~ هي جنهن ڪالهه دل ۾ درد ۽ اندر ۾ عشق جاڳائيو هو سو ڪاڏي هليو ويو؟ ڪاڏي گم ٿي ويو؟ ڪاڏي وڃائجي ويو؟ ~ هي عشق جيڪو ڪنهن جي به پرواهه ناهي ڪندو، ڪنهن کان ڊڄندو ناهي، سو ته اندر ۾ اڌما، سور ۽ درد ڏئي نيڻن کان ننڊ کسي ويو آهي. ~ هن عشق ته اندر اڌ ڪري ڇڏيو آهي. ڪپي ۽ وڍي ڇڏيو آهي. سو اهي زخم ۽ ڦٽ ته هاڻي سمهڻ ئي نٿا ڏين. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ۾ پنهونءَ جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ کان پوءِ سسئيءَ جي سورن، دانهُن، دردن، اذيتن، اوسيئڙن ۽ اوجاڳن جو ذڪر ڪيو آهي. سسئي پئي چئي ته اڃان ڪلهه جي ڳالهه آهي جڏهن هن دل ۾ پنهونءَ جو پيار جاڳيو هو ۽ عشق آڙاهه ٻاريا ها. پنهون ته مون کي ماري، وڍي، ڪپي ويو پر هاڻي هي درد ۽ سور ته سمهڻ ئي نٿا ڏين. هي عشق جنهن وٽ ايندو آهي تنهن کان سک، آرام ۽ چين ڦري وٺندو آهي. هن عشق ته ڪيئي گهر اجاڙي ڇڏيا، ڪيئي زندگيون تباهه ڪري ڇڏيون. ڪي ڪهاڙين ۽ بندوقن جو بک ٿيا، ڪي جيلن، کولين گولين جو بک ٿيا ۽ ڪن کي وري جيئري ئي جلائي ساڙي ماريو ويو پر عشق جي منزل اڃان اڳتي آهي. سو اچو اسان به سوچون ته اسان جنهن محبوب ۽ منزل کي پنهنجو آدرش بڻايو هو، جيڪا commitment ڪئي هئي، واعدا ۽ وچن ڪيا هئاسين، ڪي خواب اڻيا هاسين ۽ انهن کي پسڻ جا سپنا ڏٺا هئاسين انهن کي ساڀيان ملي الائي نه...!!!؟ _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل