جَان جِئَين تَان جَلُ، ڪَانهَي جَاءِ جَلَڻَ رِيءُ تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪَانهَي وَيلَ وِهَڻَ جِي سُرُ حُسَيني (سسئي) جيئَن = جيسين جيئري آهين، جيسين سسيءَ ۾ ساهه ٿي جَلُ = جلندي رهه، سڙندي پڄرندي رهه وَيلَ = مهل، گهڙي، وقت بيت جو پس منظر ~ جيسين جيئري آهين ۽ جيستائين سسيءَ ۾ ساهه اٿئي، تيستائين پرينءَ لاءِ سڙندي پڄرندي رهه. ~ اهو نه ڏس ته ٿڌ آهي يا گرمي هر وقت، هر پل، هر گهڙي اڳتي ڪاهيندي وڌندي هل. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ذريعي سڄي زندگي سوچڻ، لوچڻ، لوڙڻ، اڳتي وڌڻ ۽ جدوجهد ڪندو رهڻ جو ڏس ڏئي ٿو. اُهي فرد يا قومون ڪڏهن به محبوب ۽ منزلون حاصل ناهن ڪري سگهندا جيڪي ٿڪجي ۽ هار مڃي ويهي رهن ٿا. سنڌي قوم هينئر واڳن جي وات ۾ آهي، گهيري ۾ آهي. هڪ پاسي پنهنجا ويڪائو وڏيرا، پير، مير، جاگيردار،رئيس، ڀوتار ۽ غدار حڪمران سنڌ سان سچا ناهن، ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ رهندڙ جِجو بلاڙا سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جي سانباهن ۾ آهن. هوڏانهن وري ڌارين جا ڪٽڪ روز پيا سنڌ ڏانهن ڪاهيندا اچن. ڌاري آبادڪاري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ان کي ٻنجو ڏيڻ وارا سنڌ دشمن حڪمران مال ميڙڻ ۽ ڪرسي بچائڻ ۾ پورا آهن. سنڌ م مهاجر، بهاري، پنجابي، پٺاڻ، گلگتي، بلتستاني، برمي ۽ ٻيون ڌاريون قومون ڌڙا ڌڙ آباد ٿي رهيا آهن. سنڌي ماڻهون هڙتالن، مظاهرن ۽ پريس بيانن تائين محدود آهن. اچو ته ڀٽائيءَ جي هن سڏ کي سمجهي هن ذلت کان امن، انصاف ۽ آجپي تائين سک ڇڏي ڏکن جا هيراڪ ٿيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل