سَاٿِيُنِ سِين نَه جَاڳِيينءِ، پَوءِ ڪُڄَاڙَو رَوءِ اِيءُ پَرِ ڪُپَرِ هَوءِ، جِيئن هُو سَانگِي تُون سُمِهِين سُرُ حُسَيني (سَسُئي) سَاٿيُن = پنهونءَ جا ڀائر ۽ قافلي سان آيل دوست ۽ مٽ مائٽ ڪُڄَاڙَو = ڇو؟ ڇالاءِ؟ ڇاجي ڪري؟ پَرِ = ڪار، ريت، رويو ڪُپَر = ڪُريت، ڪُڌو ڪم، اڻ وڻندڙ، خسيس پڻو، هلڪڙائپ، ڪميڻائپ سَانگي = سفر تي ويندڙ بيت جو پس منظر ~ او سسئي پنهونءَ کي پاڻ سان گڏ کڻي ويندڙ قافلي وارا جاڳيا، سنڀرن پيا تون ان ويل ڪٿي هئينءَ؟ هاڻي ڇوٿي روئين؟ ~ هي ڳالهه ۽ هي ڪم ڪو چڱو ته ڪونه چئبو نه، جو هو سفر جي تياري ڪن ۽ تون سُتيپئي آهين. سمجهاڻي هن بيت ۾ ڀٽائيءَ سسئيءَ جي ڪيل غلطيءَ جي نندا ڪئي آهي ۽ کيس تنبيهه ٿو ڪري ته، تون تنهن ويل ڪٿي هئينءَ جڏهن قافلي وارا واپس وڃڻ جي تيارين ۾ لڳا پيا ها. هو وڃن پيا ۽ تون ننڊ پئي هئينءَ، هاڻي روئڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هاڻ ڳوڙها ڳاڙڻ سان ڪو پنهون موٽي ته ڪونه ايندو. ڀٽائي دراصل سسئيءَ جي ڪيل غلطي ياد ڏياريندي اسان کي سبق ٿو ڏئي ته نڀاڳي ننڊ سسئيءَ کان پنهون ڦرايو. اڄ به سنڌ جا لکين، ڪروڙين ماڻهون غفلت جي ننڊ ۾ آهن. شهر کسجي ويا، سنڌي سمنڊ قبضي ۾ آهي. درياهه تي قبضي جون تياريون هلندڙ آهن، سنڌ جا ٻاويهه معدنيات جا ذخيرا ڌارين جي قبضي ۾ آهن، ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت ختم ٿي رهي آهي. سنڌ کي ورهائڻ جا روز دڙڪا ۽ دهمان پيا ملن.ڪيئي آشا ڪماريون ۽ رنڪل ڪماريون ڪوٽن ۾ قيد ڪيل آهن پر اسان چپ سبي ڇڏيا آهن. اچو ته ڀٽائيءَ جي هن سڏ کي ورنايون نه ته پوءِ روئڻ ۽ رڙين ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو...!!؟ _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل