اُڀَي اُڀَارِيَامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَيئِي وَيَا هِڪُ مَيَو، ٻيَو مَينڌِرَو، رَاتِ سَڄِي سَارِيَامِ ڳَوڙَهَا ڳَلِ ڳَاڙِيَامِ، سُورجَ شَاخُون ڪَڍِيُون سُرُ مُومَلَ رَاڻَو اُڀَي= بيٺي، اُڀپيرين اُڀَاريَام = اڀرندي ڏٺام نَکَٽَ = تارا، ڪتيون، سيارا نَيئي = لڙي، لهي، گم ٿي مَيَو = اُٺ - جنهن تي راڻو چڙهي مومل سان ملڻ ايندو هو. ڀٽائيءَ رسالي ۾ اُٺ جا پنجاهه کان وڌيڪ نالا ڏنا اهن جن مان هڪ هي به آهي. مَينڌرَو = راڻو سَاريَام = وهايم، هاريم، ڳاڙيم، ٽميم بيت جو پس منظر ~ مومل ٿي چئي ته :جيئن ئي سانجهي ٿي ته مون رَاڻَي جو انتظار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سڀ ڪتيون ۽ تارا اڀرندي پي ڏٺم. پر هاڻي ته سڀ لڙي پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهُنموٽي ويا. ~ هيڏي جبل جيڏي رات ۾ ته رڳو ليئا ۽ جهاتيون پي پاتيون ته ڪٿان ٿو اٺ منهنجي محبوب مينڌري کي کڻي اچي. ~ سڄي رات مون روئندي روئندي ۽ ڳلن تان ڳوڙها ڳاڙيندي گذاري، تان جو صبح ٿي ويو ۽ سجاچي نڪتو. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي رومانس ۽ پيار سان ٽمٽار بيت مومل جي لڇ پڇ، آنڌ مانڌ، اوجاڳي ۽ انتظار ۾ گذاريل رات جي نهايت دلڪش روئيداد ۽ منظرنگاريءَ جي عڪاسي ٿو ڪري. رات ٿي وئي آهي ۽ هر طرف اوندهه جي ڪاري چادر ڇانئجي وئي آهي. ماڻهون سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان پوءِ ٿڪجي، پنهنجي پنهنجي محبوب جي ڀاڪرن ۽ هنجن ۾ ستل آهن. ڪي وري خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويا هن. مومل کي ننڊ ناهي راڻو جو اڃان ناهي آيو. آسمان تي تارن جي ٽم ٽم جاري آهي هڪڙا وسن ٿا ته وري ٻيا ٻرن ٿا. هر پاسي سانت ۽ خاموشي آهي پر مومل جي نيڻن کان ننڊ موڪلائي وئي آهي. سڀ تارا ۽ ڪتيون اڀرندي پي نهاريائين. هاڻي ته ڪافي دير ٿي چڪي آهي. رات لڙي وئي آهي ۽ تارا به سڀ مومل کان موڪلائي هليا ويا، اڃان راڻو ناهي آيو. مينڌري کي جيڪو ميو کڻي ايندو هو ان جو به ڪو ڏس پتو ڪونهي. مومل جي نيڻن مان نيرَ جاري آهن، سندس بيچيني وڌي وئي آهي. لڙڪ لارن سندس چولي، هنڌ ۽ وهاڻن کي ڀڄائي ڇڏيو آهي.اجهو هي باک ڦٽي آهي ۽ سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ کي چمي ڏيڻ لاءِ آتا آهن. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل