10 اهڙيون شيون جنهن کان بغير رهي نٿا سگهن.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪٿي چور سڃان ڪٿي ڍور سڃان“ مطلب ته سنڌ سميت ٻين غريب ملڪن ۾ ماڻهن کي کائڻ لئه پئسو ناهي، ماڻهن وٽ زندگيءَ جون ننڍڙيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لئه، ضروري وسيلا ناهن ۽ ماڻهن جي گهڻائي بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان وانجهيل آهي، ساڳي جاءِ تي ترقي يافته ملڪن جي ماڻهن جي بنيادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو ڪو مسئلو ناهي پر کين جديد دور جي سهولتن جو فڪر آهي. اهي سهولتون جنکي سنڌ ۾ هڪ امير گهراڻو ته ممڪن پورو ڪري سگهي پر عام ماڻهون جو انهن سهولتن لئه سوچڻ به گناه آهي.
    آءُ اهو نٿو چوان ته اسانکي انهن شين جو فڪر ڪرڻ گهرجي پر آءُ اهو چوانٿو ته اسانجي ملڪ ۾ ايتري ترقي ضرور ٿئي جو ماڻهون ننڍڙين ضرورتن لئه پريشان نه هجن ... کين ايتري آمدني هجي جو هو اڄ جي جديد دور جون شيون خريد ڪري استعمال ڪرڻ جهڙا ٿي وڃن ... ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو آهي جڏهن ملڪ ترقي ڪندا آهن، حڪومتون عوام جي ڀلائيءَ جا پروگرام کڻي اينديون آهن.
    ________________________________________
    10 اهڙيون شيون جنهن کان بغير آمريڪا، يورپ ۽ ترقي يافته ملڪن جا ماڻهون رهي نٿا سگهن.
    تازو دي نيوز پاران ڪيل سروي مطابق ته اڄڪلهه جي دور جا ماڻهون خاص ڪري آمريڪا جا باشنده هيٺين 10 شين کان بغير رهڻ کي پنهنجي خواهشن کي مارڻ جي برابر سمجهن ٿا.
    1. ڪمپيوٽر؛
    ڪهڙي به قسم جو ڪمپيوٽر پوءِ اهو ليپ ٽاپ هجي يا پورٽيبل يا نيٽ بڪ، تمام گهڻو ضروري ٿي پيو آهي، جنهنکا بغير آمريڪا جا باشنده پاڻکي اڪيلو ۽ نامڪمل سمجهن ٿا، انهن ڪمپيوٽرن جي خريد وفروخت جا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته هر ماڻهون چاهي ٿو ته هن وٽ پنهنجو ذاتي ڪمپيوٽر هجي.
    2. تمام تيز انٽرنيٽ ؛
    آمريڪا جي باشندن وٽ ٻيو ڪجهه هجي يا نه پر کين اها صحولت هجڻ کپي ته کين انٽرنيٽ استعمال لئه هجي ۽ اها به تمام تيز هجي ته جيئن سندن ٽائيم ضايع نه ٿئي.
    3. سمارٽ فون؛
    آمريڪا جا رهواسي چاهنٿا ته کين اهڙا فون هر هڪ وٽ هجن جنهن سان ميل پڙهي سگهجي، انٽرنيٽ جي سهولت هجي ۽ ٻيون جديد سهولتون هجن. انکان بغير سندن زندگي پڻ نامڪمل آهي.
    4. تعليم؛
    ماڻهون پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي تعليم لئه هر قرباني ڏيڻ لئه تيار آهن، هو ٻن ڪارن جي بجاءِ هڪ ڪار رکندا، ٻن گهرن جي بجاءِ هڪ گهر تي گذارو ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح گهڻيون ضرورتون گهٽائيندا پر پنهنجي ۽ پنهنجي تعليم تي وڌ کان وڌ خرچ ڪرڻ ضرور چاهيندا آهن.
    5. فلمون؛
    اڄڪلهه جون مزيدار فلمون جيڪي 3 ڊي ۾ ٺهن ٿيون، اهي ڏسڻ لئه ماڻهن جو شوق حد درجي تائين وڌندو پيو وڃي، سينيمائون هجن يا هوم ٿيٽر يا انٽرنيٽ ... فلمن جي شوقينن جو تعداد حد درجي تائين وڌي ويو آهي.
    6. ٽي وي؛
    آمريڪا جا واندا يا نوڪرين وارا يا گهرن ۾ وقت گذارڻ وارا ماڻهون، ٽي وي ڏسڻ جا ديوانه آهن، گهر ۾ ٻي ڪا سهولت هجي يا نه پر ٽي وي زندگيءَ ۾ تمام ضروري ۽ اهم حصو ٿي ويو آهي. بغير ٽي ويءَ جي گهر گهر ناهي، ڪمرو ڪمرو ناهي.
    7. موسيقي ؛
    آمريڪا جا ماڻهون، انٽرنيٽ هجي يا ، موبائيل فون هجي يا ٽي وي هجي يا ڪمپيوٽر هجي يا سي ڊي ۽ ڊي وي ڊي جا دڪان هجن، انهن تي ماڻهن جي رش ۽ خريداريءَ جو ريشو ٻڌائي ٿو ته ماڻهون ماني گهٽ کائن ٿا موسيقي گهڻي ٻڌن ٿا.
    8. جانورن کي پالڻ؛
    آمريڪا جا ماڻهون ڪتا، ٻليون ۽ ٻيا جانور پالڻ ۾ اڳ کان اڳرا ٿيندا پيا وڃن جانورن جي کاڌي جي دڪانن جو ڪاروبار ٻڌائي ٿو ته ڏينهن به ڏينهن ماڻهون تمام گهڻي تعداد ۾ جانورن جي پالڻ جو سامان وٺن ٿا ۽ جانورن کي نه پالڻ واري ماڻهونءَ کي احساسن کان خالي سمجهنٿا.
    9. پيئڻ ؛
    آمريڪا جا ماڻهون شراب، بيئر يا الڪوحل استعمال ڪرڻ جا تمام گهڻا شوقين ٿيندا پيا وڃن، گهر ۾ ٽي وي ڏسڻ مهل، ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ وقت يا موسيقي ٻڌڻ وقت يا هوم ٿيٽر ڏسڻ دوران شراب پيئڻ هڪ ضرورت ٿيندي پئي وڃي.
    10. ڪافي؛
    ڏٺو ويو آهي ته آمريڪا جا 56 فيصد ماڻهون ڪافي پيئن ٿا . بلڪه هاڻي ته ڪافي پيئڻ ۽ پيئارڻ تمام ضروري ٿيندو پيو وڃي. آمريڪا جا ماڻهون تازي ڪافي پنهنجن گهرن ۾ ئي ٺاهن ٿا، شراب گهڻو پيئڻ وارا ماڻهون يقينن ڪافي به گهڻي پيئن ٿا.
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: 10 اهڙيون شيون جنهن کان بغير رهي نٿا سگهن.

    سائين توهان صحيح لکيو ته”ڪٿي چور سڃان ڪٿي ڍور سڃان“ اسان وٽ انگريزن واريون شيون ضروري نه آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر بي حس حڪمران خوب ڄاڻين ته هتان جي عوام کي عام شيون اڻ لڀيون ڪري ئي بهتر طريقي سان ئي حڪومت ڪري سگهن ٿا۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 10 اهڙيون شيون جنهن کان بغير رهي نٿا سگهن.

    اسانجي حڪمرانن جو نعرو آهي ته عوام کي ايترو ستايو جو هو پنهنجا بنيادي حق به وساري ويهي ۽ جڏهن عوام کي گرمي لڳندي آهي ته بجليءَ جي گهرج ڪندا آهن ته حڪومت اٽِي جو يا ٻيو ڪو جان ليوا بحران پئدا ڪندي آهي، جڏهن ماڻهون اٽِي جي نه هجڻ تي احتجاج ڪندا آهن ته حڪومت بجليءَ جي کوٽ پئدا ڪندي آهي ۔۔۔ اهڙي نموني عوام جو رستو هڪ ته حڪومت سڳوريءَ جو رستو ٻيو ۔۔۔
    ٽام ۽ جيريءَ جو مقابلو جاري آهي ۔۔۔
     
  4. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: 10 اهڙيون شيون جنهن کان بغير رهي نٿا سگهن.

    سائين پاڻ به انهن شين کان سواءِ رهي سگهون ٿا ۔ ها بس هڪ شي کان سوا نه ٿا رهي سگهون
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 10 اهڙيون شيون جنهن کان بغير رهي نٿا سگهن.

    اها هڪڙي شئي ڪهڙي؟
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 10 اهڙيون شيون جنهن کان بغير رهي نٿا سگهن.

    سائين اسان وٽ مٿئين طبقي وارن ماڻهن لاءِ ساڳئي آمريڪا وارن ماڻهن جون گهرجون آهن۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو