جَيڪَا ڪَندي مَنجُهه، مُون جِيئَن ٻَارَوچَن سِين مَٿَان ڳَلَنِ هَنجُ، سَا ڪِينَ لَاهِيندِي ڪَڏِهِين سُرُ حُسَيني (سَسُئي) مَنجُهه = راز، ڳُجهه، اندر جو احوال هَنجُ = لُڙڪُ، ڳوڙهو - هنج لفظ هنجون مان ورتو ويو آهي جنهن جو مطلب لڙڪن لارون آهي. بيت جو پس منظر ~ جيڪا مون جيئن پنهنجي اندر جا راز ۽ ڳُجهيون ڳالهيون ٻين سان سليندي. ~ سندس ڳلن تان لڙڪن لارون سُڪَنديون ئي ڪونه. سمجهاڻي هر انسان وٽ سوچ ۽ شعور آهي، اها سوچ ئي دراصل اندر جي لوچ، پيڙا، ڀوڳنا ۽ اذيت آهي. جانور سوچي نٿو، انسان سوچي ٿو ۽ اها سوچ ۽ ولوڙ انسان کي باقي مخلوقات کان مختلف، منفرد ۽ اوچو مقام عطا ڪري ٿي. ان سوچ، احساسن، نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن کي ڀلا جنهن تنهن سان ته اظهاري نٿو سگهجي نه. اندر جا ڳُجها راز، ڪي لڪيل ڳالهيون، ڪا commitment ڀلا سڀني سان ڪيئن سلي سگهجي ٿي؟ هن بيت ۾ ڀٽائي سسئيءَ جَي اندر جَي رازن ۽ ڳجهين ڳالهين کي ٻين تائين پهچائڻ پوءِ پڇتائڻ ۽ ويهي روئڻ وارين ڳالهين تان پردو کنيو آهي. سسئي هندو هئي ۽ ٻانڀڻياڻي هئي، سا ڳالهه جڏهن پنهونءَ جي مائٽن تائين پهتي ته هنن سسئيءَ کي قبولنه ڪيو. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
بهترين ونڊ سائين،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، خوبصورت ڊزائين سائين سليمان وساڻ جي ۽ خوبصورت سمجهاڻي سائين مظفر منگي جي سدا خوش هجو ٻئي
اَدِيُونَ! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ مُنهِنجار چورِيا؛ لارُنِ جا لَنؤ لائِي، سا ڪِيئن آڇِيان عامَ؟ لَڳِيس جنهن جي لامَ، سو دِلاسا دوست مُنجي.