تَوکَي مَعَلُومُ مُنهنجِيُون، سَوڍَا سَڀَيئِي آڳَانڍَو اَروَاحَ کَي، آهيَين اُهَوئِي وِهِڪَ مُون وَيئِي، پُڇَايَو پُڇَان پَهِي سُرُ مُومَلَ رَاڻَو سَڀَيئي = راز، ڳجهه، ڳالهيون، اندر جا احوال آڳَانڍَو = اَڌار، لاڳاپو، ڀرجهلو، ٽيڪ، پناه، ڏڍ، اميد، آسرو، آٿت اَروَاحَ = جمع آهي واحد ٿيندو روح – هنيون، هنيانءُ، دل وهڪَ = ننڊ، آرام، چين، سڪون، فرحت پَهي = واٽهڙو، قاصد، پانڌيئڙو، نياپي کڻي اچڻ وارو بيت جو پس منظر ~ او راڻا !! تون منهنجي اندر جا، دل جا ۽ مَنَ ۾ پلجندڙ سڀ راز ۽ ڳجهيون ڳالهيون ڄاڻين ٿو. ~ تون ئي ته منهنجو ڀرجهلو، ٽيڪ، پناه، ڏڍ، اميد، آسرو ۽ آٿت آهين. ~ جڏهن ڪاوڙجي ويو آهين ته سُک، سڪون ۽ چين کڻي ويو آهين. نيڻن کان ننڊ موڪلائي وئي آهي. مان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهونءَ کان پئي تنهنجا ڏس پڇان، تون الائي ڪاڏي هليو ويو آهين. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ۾ راڻي جي رسي وڃڻ کان پوءِ مومل جي بي چيني، بيقراري، انتظارن، اوسيئڙن ۽ اوجاڳن کي فوڪس ڪيو آهي. محبوب ته سر ساه جو مالڪ ٿئي ٿو جنهن جي پل به پري ٿيڻ سان روح رهڙجي ٿو پئي ۽ اندر اڌ ٿو ٿي پئي. جنهن جي جدائي جيءُ جهوري ٿي وجهي. اندر مان اڌما، اولاڪا ۽ طوفان مچن ٿا. جنهن جو پل جو وڇوڙو به ورهين جيانلڳي ٿو. محبوب جڏهن ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي ٿو ته ڄڻ ڪائنات رسي ٿي وڃي. هي ٿڌيون هوائون، فطرت جون رنگينيون، خوبصورت نظارا، دلڪشيون ۽ حسناڪيون زهر لڳن ٿيون. پکين جون لاتيون، خوشبووئون، هٻڪارون ۽ مهڪارون اوپريون ۽ اڻ وڻندڙٿيون لڳن. تنهنڪري اسان به پنهنجي دل جي ڌڻي ۽ من جي محبوب کي ڪڏهن ڪاوڙجڻ جو موقعو ئي نه ڏيون، نه ته مومل جيان اسان جي نيڻن جي ننڊ به حرام ٿيويندي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل