سنڌ جا استاد سراپا احتجاج ڇو آهن؟؟

'راءِ شماري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪائنات جو وجود علم، هنر ۽ فن سان سلهاڙيل آهي ۽ هر علم، هنر ۽ فن جو باني،پارکو ۽ پکيڙيندڙ به وري انسان ئي آهي. ان سڌريل انسان کي استاد سڏجي ٿو. درس و تدريس وري زندگيءَ جو اهڙو ته عظيم شعبوآهي جنهن کان سواءِ زندگيءَ جي ڪار وهنوارکي سَولو ۽ آسان بڻائڻ ڏاڍو مشڪل ۽ ناممڪن آهي. سنڌ جي هزارين سال پراڻي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ اسان کي اهو ٻڌائي ٿي ته سنڌ ملڪ سدائين علم ۽ هنر جي فن سان شاهوڪار ۽ مالامال رهيو آهي ۽ سنڌ دنيا جي ٻين قومن ۽ تهذيبن جي رهنما ۽ رهبر رهي آهي. اڄ ان سنڌ جو حال اهو آهي ته گھر گھر ۾ گھمسان ڳلي ڳلي رت ۾ وهنتل آهي ۽ بدامنيءَ، ڦُرلٽِ ۽ جهالت جو راڪاس هر وقت لامارا ڏيندي ۽ اسان جي رت چوسيندي نظر اچي رهيو آهي. اسان جو معاشرو قانون، اخلاق، اصول ۽ رواداريءَ واري واٽ وڃائي ڇڙواڳيءَ ۽ مفادپرستيءَ واري راھَ اختيار ڪري چڪو آهي. عظيم رشتن، ريتن رسمن ۽ سمورن اخلاقي قدرن جو تقدس پيئمال ٿي چڪو آهي. استاد جهڙو عظيم ۽ لازوال ڪردار پڻ اڄ ڪلھ نيزي نوڪ مٿان آهي. اسان جي سنڌي معاشري ۾ڏينهون ڏينهن استاد جي ساک ڪرندي پئي وڃي. ان ڪرندڙ ساکَ جا ذميوار اسين خود استاد به آهيون جو اسان پنهنجي فرائض کي صحيح طريقي سان سرانجام ڏيڻ ۾ ڪوتاهيءَ جا مرتڪب ٿيا آهيون. اٽي ۾ لوڻ برابر گوسڙو، لاپرواھ ۽ مفادپرست ماسترن جي قوم دشمن ڪردار پڻ عظيم استادن جي ڪردارکي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اڄ جي معاشري ۾ استادن جي وڏي تعداد کي انهن اٽي ۾ لوڻ برابر غيرذميوار گوسڙو ماسترن جي ڪري بدنام ڪيو پيو وڃي. سنڌ جو موجوده سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو ڄاڻي واڻي استادن کي حقارت ڀري نگاھَ سان ڏسي اهڙيون ته تعليم دشمن ۽ استاد دشمن پاليسيون جوڙي رهيو آهي جن جي ڪري استاد پڻ بدنام ٿيو آهي ۽ ٻئي طرف مستقبل قريب ۾ سنڌ جو تعليمي سرشتو مڪمل طور تي تباھ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ڇوته استاد جهڙي عظيم ڪردار کي ڄاڻي واڻِي بلاجواز نشانو بڻايو پيو وڃي سُڪَنِ جي آڙ ۾ ساوَنِ کي به پيو وڃي جنهنڪري لڳي ائين ٿو ته سنڌ جي تعليم کاتي جو نظام ايترو ته بگڙي چڪو آَهي ۽ اڃان بگڙي ويندو جو ان کي نئين سر سڌارڻ لاءِ وڏا جَتَنَ ڪرڻا پوندا. سول سوسائٽي ۽ اڄ جي جھموري قوتن ۽ ساڃاھ وند مڙني ڌرين کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي سيڪريٽريءَ پاران زوريءَ مڙهيل مئنيجمينٽ ڪئڊر خلاف سنڌ جا استاد آخرڪار سراپا احتجاج ڇو بڻيل آهن؟. ڇا سنڌ جا هڪ لک ستونجاھ هزار پرائمري ۽ سيڪنڊري استاد سڀ جا سڀ نااهل آهن؟ يا انهن سڀني استادن جون پروفيشنل ۽ اڪيڊمڪ تعليمي قابليتن واريون سَندُون ڪوڙيون آهن؟ جو نئين مئنيجمينٽ ڪئڊر تحت سيڪريٽري تعليم هزارين استادن جي پروفيشنل ٽرينگ بي_ايڊ جي بنياد تي جڙيل سينيارٽي کي پنهنجي هڪ نوٽيفڪيشن جي ٽيڪنيڪل لئنگوئيج جي ذريعي هڪ ئي ڌڪ هڻي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
    تازو ئي ڪجھ هفتا اڳ سيڪريٽري تعليم، سنڌ جي تعليم ۽ تعليمي ادارن جي نظام ۽ سرشتي کي بهتر بنائڻ لاءِ جيڪو ناقص مئنيجمينٽ ڪئڊر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ان نوٽيفڪيشن ذريعي نه فقط وِيھَ پَنجِويھَ سالَ ۽ ان کان مٿي سروس رکندڙ سينئر استادن جي سينيارٽي متاثر ٿي آهي پر انهن جومستقبل پڻ داوَ تي لڳي ويو آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته قانون ۽ آئين جي ابتڙنئين موجوده مئنيجمينٽ ڪئڊر تحت مقرر ڪيل 17 گريڊ جو تعلقه ايجوڪيشن آفيسر 18، 19 گريڊ جي اسڪولز جي پرنسيپالز، هيڊ ماسترز، هيڊ مسٽريسز جي مٿان انتظامي حڪم هلائي تعليم ۽ تعليمي سرشتي کي سڌاريندو. ٻئي طرف هن مئنيجمينٽ ڪئڊر کي مڪمل طور تي نافذ ڪرڻ سان هزارين پرائمري توڙي سيڪنڊري استاد ٽائيم اسڪيل ۽ پروموسن حاصل ڪرڻ کان هميشه لاءِ محروم ٿي ويندا جنهن ڪري ئي استاد روڊن تي سراپا احتجاج آهن.
    جيئن ته (1) پرائمري توڙي جي_ايس_ٽي استادن کي بي_ايڊ ۽ سروس جي سينيارٽيءَ جي بنياد تي ٽائيم اسڪيل ۽ 100 سيڪڙو خالي پيل ايڇ_ايس_ٽي جي پوسٽن مان 75 سيڪڙواستادن کي 16 گريڊ ترقي ڏني ويندي آهي جنهن کي هاڻي پائيٽ اداري جي چئن سالن واري بي_ايڊ آنرزٽرينگ سان مشروط ڪيو ويو آهي. جيڪا ڳالھ غير منطقي ۽ غير اخلاقي پڻ آهي ڇو ته سينئر استاد 20 سال اڳ ئي بي_ايڊ ڪيون ويٺا
    آهن. استادن جو ٽائيم اسڪيل پڻ ان ڪري ختم ٿي ويندو جو استادن جي ڪئڊرس جانالا نئين مئنيجمينٽ ڪئڊر تحت تبديل ڪيا ويا آهن. هي به هڪ ٽيڪنيڪل مسئلو آهي جنهن کي وڪيل ۽ قانون جا ڄاڻون چڱيءَ ريت سمجھن ٿا.
    (2) جيئن ته بي ايڊ پاس ايڇ_ايس_ٽي توڙي ٻين ڪئڊرس کي سندن سينيارٽيءَ جي بنياد تي 100 سيڪڙو 17 گريڊ گزيٽيڊ هيڊماسترس جي خالي پيل جاين مان 75 سيڪڙو جاين تي پروموشن ڏنو ويندو آهي جيڪو پڻ نئين مئنيجمينٽ ڪئڊر تحت 75 سيڪڙو مان گھٽائي 20 سيڪڙو ڪيو ويو آهي جيڪو استادن جي سينيارٽيءَ تي کليل وارُ، راتاهو ۽ ڌاڙو آهي اهڙي غلط فيصلي سان استادن جو مستقبل اونداهو ٿي ويو آهي.
    (3) جيئن ته 100 سيڪڙو 17 گريڊ جي گزيٽيڊ سبجيڪٽ اسپيشلسٽس جي خالي پيل جاين مان پڻ 60 سيڪڙو سينئر ايڇ_ٽي_استادن کي تعليمي قابليت ايم_اي ۽ اي_ايس_سي ۽ سندن سينيارٽيءَ جي بنياد تي سبجيڪٽ اسپيشلٽ طور ترقي ڏني ويندي آهي موجوده مئنيجمينٽ ڪئڊر جي لاڳو ٿيڻ سان اهڙي ترقي هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي ۽ ڪو به استاد سبجيڪٽ اسپيشلٽ ٿي نه سگھندو اهو ئي اصل سبب آهي جنهن ڪري سنڌ جا استاد پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن. تنهن ڪري سمورين قومي پارٽين، ساڃاھ وند ڌرين ۽ سموري سول سوسائٽيءَ کي استادن جي جائز مطالبي جي هرصورت ۾ حمايت ڪرڻي پوندي. سنڌ جو ڪو به غيرتمند، باضمير ۽ فرض شناس استاد ڄاڻي واڻي پنهنجي فرض کان غافل نه ٿو رهي سگھي سنڌ جو باوقار استاد انهن اٽي ۾ لوڻ برابرگوسڙو ماسترن جي هرگز حمايت نه ٿوڪري ۽ نه ئي مستقبل ۾ انهن جي حمايت ڪندو حڪومت سڳوري ۽ اعلا اختيارين کي پنهنجي گريبان ۾ جھاتي پائي استادن جي آواز۽ دانهن کي سنجيدگي ۽ ٿڌيءَ دل سان ورنائڻو پوندو. اهو ڪم حڪومت سڳوري ۽ ڪاموراشاهيءَ جو آهي ته پنهنجي صفن مان ڪرپشن جو خاتمو آڻڻ سان گڏ گوسڙو ماسترن کي به گھر ڀيڙو ڪن باقي چند گوسڙو فردن جي ڪري سموري معززاستاد برادريءَ کي پنهنجي غيرضروري عَتابَ جو نشانو هرگز نه بڻايو وڃي
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شڪيل احمد مري بلوچ

    شڪيل احمد مري بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  3. شڪيل احمد مري بلوچ

    شڪيل احمد مري بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  4. ميميجيجي

    ميميجيجي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اوھان بلڪل صحيح پيا چئو ھاڻوڪو تعليم دشمن سيڪريٽري پنھنجي ڪرپشن لڪائڻ ۽ وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ لاء بندوق جو رخ ھن گوسڙو استادن وارو شوشو کڻي استادن جي طرف موڙي ڇڏيو آھي جنھن ۾ ھن صاحب سڪن سان گڏ ساون کي ب شامل ڪيو آھي ۽ چند ويڪائوٖ گوسڙو سنڌي صحافين ۽ گوسڙو استادن کي صحوليتون ڏئي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي واويلا مچائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آھي.جيڪي ن صرف سنڌ جي تعليم پر سنڌ دشمني پڻ ڪري رھيا آھن جنھن جا ڏاڍا خراب نتيجا نڪرندا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا بنيادي طور تي اسان جا استاد زميوار آهن جيڪڏهن اسڪول وڃي ٻارن کي پڙهائين ت ڪو لهي ڪون پوندا پر اّهساس هجي ڪوم جي بربادي جي خبر هجي ت وڃن ن باڪي نشو پتو ت خانداني ورهاڱي ۾ ڏنل اٿن باڪي هاڙ تعليمي سيڪريٽري جهلي ت ڪون ٿو
     
  6. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    سيڪريٽري زرداري صاحب جو مائٽ آهي هاڻي ڪير چئي ان کي جيئن وڻينس ٿو ايئن ٿو ڪري منسٽر به بيوس آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    سانئن سيڪريٽري ماسترن کي روڪيو ت ڪونهي ن اسڪول وڄنڻ کان ادا بس استادن کي اسان جا پنهنجا ماڻهو ب هٿي ڏيو ويٽا آهن..
     
  8. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    ماسترن جي ڪهڙي مجال آهي جو هو اسڪول ڪو نه ٿا وڃن سڄي حرامپائي ڊي او ۽ اي ڊي او ۽ سپروائيزرن جي آهي جيڪي پيسا وٺي ماسترن کي گهوسٽ بڻائن ٿا انهن جي خلاف سيڪريٽري ڪاروائي ڇو ڪو نه ٿو ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو