تعليم جي اهميت

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    پروفيسر مدد علي جهتيال
    ڇا ته زمانو هو جو پڙهيل لکيل ماڻهن جو مان، شان ۽ مرتبو هو، اڻ پڙهيا ماڻهو پڙهيل ماڻهن کي ڏسي حسرت جو احساس محسوس ڪندا هئا ته ڪاش اسان به پڙهيل هجون ها. جڏهن ماڻهن جو هڪ ٻئي سان رابطو خطن ذريعي ٿيندو هو، شل نه ڪو ٽپالي ڪنهن جو خط کڻي اچي، ان کي پيا منٿون ڪندا هئا ته ادا پوسٽ ماسٽر، ادا ٽپالي، بابو مهرباني ڪري اسان کي خط پڙهي ڏي، ان ئي زماني ۾ شاگردن ۽ انهن جي والدين جو استادن سان چاهه ۽ عزت ڀريو رشتو هوندو هو، شاگردن جا والدين استاد کي چوندا هئا، منهنجي پٽ کي سڌاري ڏي، مارينس ڪُٽينس اسان توکي ڪجهه نه چونداسين، بس اسان کي پنهنجو ٻار پڙهائي ڏي. اڄ جي جديد دور ۾ ٻار جي ايتري ته سفارش ۽ پاش آهي جو ڪنهن ٻار کي استاد دڙڪو ڏئي ٿو ته ٻئي ڏينهن شاگرد جا والدين ڪاوڙيا ٿا اچن. شاگرد استاد کي ڪنهن گليءَ ۾ ڏسندو هو ته گلي ئي مٽائي ويندو هو، اڄ جو شاگرد استاد کي ڏسي اڃا وڌيڪ ڦوشربازي ڪري ٿو ۽ پاڻ کي ڏيکاري ٿو ته آئون امير، بدمعاش ۽ آفيسر جو پٽ آهيان، شاگرد ۾ اها همت ئي نه هوندي هئي ته هو استاد جي سامهون ڪو ڪوڙ هڻي يا غلط ڳالهه ڪري، اڄ جي دور ۾ ڪوڙ سچ جي تميز ئي نه رهي آهي، هو استادن سان به ڪوڙ هڻن ٿا ته پنهنجي والدين سان به.

    هن وقت معاشري ۾ استاد به ساڳيو نه رهيو آهي، استاد به پنهنجو وقار، مان مرتبو برقرار رکي نه سگهيو آهي، استاد صحيح پڙهائي نه ٿو، استاد شاگرد سان گڏ ويهي سگريٽ ڇڪي ٿو، هڪ ٻئي سان ڇڙواڳيءَ واريون ڳالهيون ڪري ٿو، ايتري حد تائين جو هڪ ٻئي سان عشق، محبت ۽ پيار جون ڳالهيون ڪري ٿو، جنهن جي ڪري اڄ جو استاد، استاد نه رهيو آهي.

    خليفي هارون رشيد جي دور جي ڳالهه ڪندا آهن ته سندن ٻن پٽن لاءِ کين استاد جي ضرورت محسوس ٿي، پنهنجي وزيرن، مشيرن کي چيائون ته منهنجي پٽن لاءِ اهڙو استاد آڻيو جو هو سڀاڻي ان قابل ٿين جو مان مري وڃان ته پويان خلافت کي سنڀالي سگهن. ان دور ۾ عاصم نالي غريب جو پٽ وڏين مشڪلاتن کانپوءِ پڙهيو، کيس پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، ان کي ڳوٺ جو سبزي کپائيندڙ دڪاندار تنگ ڪندو هو ته تون پڙهي ڇا ڪندي، ڪهڙو وڏو ماڻهو ٿيندين، منهنجي دڪان تي ڪم ڪر. هڪ ڏينهن سبزي فروش دڪاندار ان جا ڪتاب کڻي پاڻي ۾ اڇلايا ته وڃ هاڻي ڪتاب کڻي پڙهه ڪتابن جا اکر وڏا ٿي ويا اٿئي، اهي سڀ تڪليفون برداشت ڪندي هو پڙهندو رهيو. ڳوٺ جو هڪ تاجر گلي مٿان ڪمرو ٺهرايو، اهو ڪمرو ايترو ته هيٺ هو جو ڳوٺ وارا ڪا وڏي شيءِ اندر گلي ۾ کڻي نه سگهندا هئا، ان کي ڳوٺ مان ڪو به منع (جهلڻ) وارو نه هو ته تون هي ڇا پيو ڪرين، ان تاجر کي عاصم ئي اچي چيو ته تون هي غلط پيو ڪرين، تنهن تي تاجر کيس دڙڪا ڏنا ۽ چيائين ته تون جڏهن بادشاهي ڏوليءَ تي چڙهي آئين ته آئون پنهنجي ڪوٺي پنهنجي هٿن سان ڊاهيندس.

    وقت ويو گذرندو، عاصم پڙهي دنگ ڪيو، ايترو ته هوشيار ۽ ذهين نڪتو جو، پوري علائقي ۾ کيس عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽ اهو چيو ويندو هو پڙهيل لکيل آهي ته عاصم ئي آهي. انهيءَ وقت ۾ خليفي هارون رشيد کي پنهنجي ٻن پٽن لاءِ استاد گهربل هو، وزير ۽ مشير اچي هن وٽ پهتا ته ”اوهان اسان سان هلو ۽ هلي خليفي هارون رشيد جي ٻارن کي پڙهايو، عاصم راضي ته ٿيو پر انهن کي چيو ته منهنجا والدين ڪمائڻ جهڙا نه آهن، انهن کي ڪير ڪمائي کارائيندو، تنهن تي وزيرن کيس چيو ته تون پنهنجي والدين جو فڪر نه ڪر، اسان انهن کي خرچ پکو ڏينداسين، هلو انهن کان به موڪليايون ٿا، عاصم والدين کان موڪلائي خليفي هارون رشيد جي درٻار ۾ پيش ٿيو، خليفي هارون رشيد کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته منهنجي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ استاد آيو آهي، ان فورن عاصم کي پاڻ وٽ گهرائي پنهنجي ڀرسان ويهاريو، درٻار ۾ ويٺل ماڻهن جڏهن اهو ڏٺو ته حيران ٿي ويا ته خليفو هارون رشيد پنهنجي گورنرن، وزيرن، مشيرن کي به پنهنجي ڀر ۾ نه ويهاريندو آهي، هن کي ويهاريو اٿس، ان کانپوءِ جڏهن حويلي ۾ ڄاڻ ٿي ته استاد پهچي چڪو آهي ٻارن کي پڙهائڻ واسطي ته اهي پڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ استاد کي ڏسڻ لاءِ بيتاب هئا، استاد جڏهن حويلي پهتو ته ان کي انعامن سان نوازڻ سان گڏوگڏ نهايت ئي گهڻو احترام ڪيو ويو.

    استاد ٻارن کي مسلسل ٻه سال پڙهائيندو رهيو، ٻن سالن کانپوءِ استاد خليفي هارون رشيد کي عرض ڪيو ته آئون هاڻي پنهنجي والدين سان ملڻ لاءِ وڃڻ چاهيان ٿو، اوهان اجازت ڏيو ته آئون پنهنجي والدين سان ملي اچان، جنهن تي خليفي هارون رشيد کيس چيو ته ٻارن جو پهريان امتحان ورتو ويندو، ان کانپوءِ اوهان کي اجازت ملي سگهي ٿي، استاد چيو ته مون کي قبول آهي، اوهان پنهنجي ٻارن جو ڀلي امتحان وٺو. خليفي هارون رشيد ٻارن کي درٻار گهرايو، درٻار سامهون ٻن ٻارن جو امتحان ورتو ويو، اهي ڪامياب قرار ڏنا ويا، جنهن تي خليفي هارون رشيد کي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان خوشيءَ ۾ اعلان ڪيو ته استاد کي انعامن سان نوازڻ سان گڏوگڏ هن کي بادشاهي ڏولي ۾ پنهنجي ڳوٺ موڪليو وڃي. استاد کي ڏولي ۾ ويهاريو ويو، جڏهن ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو ته ڳوٺ وارن کي تمام گهڻي خوشي ٿي، انهيءَ سان گڏوگڏ سبزي فروش جيڪو هن کي تنگ ڪندو هو اهو پريشان هو ته هاڻي آئون ڇا ڪيان، مون ته هن کي طرح طرح جون تڪليفون ڏنيون هيون، هي مون کي نه ڇڏيندو، استاد ڳوٺ جي قريب پهتو ته سبزي فورش ڀڄندو اچي پيرن تي ڪريس ته مون کي عاصم معاف ڪر، مون کي معلوم نه هو ته تعليم وٺڻ جا ايترا فائدا آهن، ٻئي طرف ڳوٺ جو تاجر گهٽي ۾ کڻايل ڪمرو پنهنجي هٿن سان پاڻ پيو ڊاهي، ان به اچي معافي گهري.

    جديد دور جي تعليم جي ڳالهه ٿي ڪجي ته سڀ سهولتون هوندي به اڄ جو ٻار دل لڳائي نه پيو پڙهي، جيستائين هو دل لڳائي نه پڙهندو، تيستائين اسان جو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. عالمي اداري جي رپورٽ مطابق 56 سيڪڙو ٻار اسڪول وڃن پيا، 44 سيڪڙو ٻار مڪمل غير حاضر رهي ٿو. ان ۾ وڌيڪ اهو به چيو ويو آهي ته استادن جي اهليت ۽ تربيت به غير اطمينان بخش آهي. تعليم کاتي جي وزارت به سڻڀي وزارت بڻجي چڪي آهي، جنهن جو سبب عالمي ادارن جي فنڊنگ آهي. عالمي ادارا فنڊنگ ڪن ٿا ته تعليم جو گراف وڌي ۽ ان ۾ بهتري اچي، نتيجو اهو ٿو نڪري جو هزارين اسڪولن ۾ بائونڊري ۽ مٺي پاڻي جي به سهولت نه آهي. هزارين اسڪول بند آهن، هزارين استاد ويزا تي آهن ۽ هزارين استاد ٽرينڊ ئي نه آهن جو ٻارن کي صحيح طريقي سان پڙهائين.

    تعليم کي تباهه ۽ پٺتي رکڻ کي غفلت نٿو چئي سگهجي، اهو هڪ تمام وڏو ڏوهه آهي، جيڪو ان جا ذميوار ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته تعليم کاتي جي انتظامي عهدن تي ايندڙ عملو ئي پنهنجي منصبي فرضن کان منهن موڙي ڪرپشن ۾ ڪاهي پوي ته پوءِ تعليم کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو.

    اڄ جو دور مقابلي جو دور آهي، شاگرد کي پنهنجي اصل مقصد يعني تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، خاص ڪري جيستائين نياڻيون تعليم حاصل نه ڪنديون، تيستائين اسان جو ملڪ ترقي نه ڪندو. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ”مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو، عورت پڙهي ته گهر پڙهيو“.

    جيستائين تعليم کاتي کي پوئتي ۽ تباهه ڪندڙن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي نه ٿيندي، تيستائين اسان جو تعليمي نظام درست نه ٿيندو. سنڌ جا هزارين اسڪول کولرائي يا جيڪي کليل آهن، انهن مٿان مانيٽرنگ نظام قائم ڪيو وڃي، مانيٽرنگ ڪاميٽي ۾ ڳوٺ جو معزز شخص، مسجد جو پيش امام ۽ سماجي ورڪر کنيو وڃي، تعليم کاتي ۾ انتظامي عهدا اهليت ۽ سينارٽي بنيادن تي ڏنا وڃن، تعليم کاتي ۾ سفارشي ڪلچر هڪدم ختم ڪيو وڃي. استادن جي تربيت لاءِ هميشه لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن، استاد تنظيمن کي پابند ڪيو وڃي ته هو صرف تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪن، استادن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن، تڏهن ئي تعليم ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. ماضي جي غلطين تي روئڻ ۽ پٽڻ بدران حالتن سان مقابلو ڪري اڳتي جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو وڃي.

    helpjhatial@yahoo.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو