رَاڻَو ڀَانيَو رَاندِ، وَڃِيَو ڪِئَن وِڙُ رَائِيَين وَرُ وِڏُوڻَو اِيَهِين، جِئَن پَرُ پُڄِتَوءِ پَاندِ هَئَي ڀَڳَئي هَيڪَاندِ، سَوڍَو سَارِيندِينءَ گَهڻَو سُرُ مُومَلَ رَاڻَو ڀَانيَو = سمجهئي، تو ايئين سمجهو وِڙُ = ڪميڻو، بي شرم، جڙتو راڻو رَائيَين = ريجهائين، ورونهه ڪرين، دل وندرائين وَرُ = ڪانڌ، ڀتار، مڙس وِڏُوڻَو = ڏمريو، ڪاوڙيو پَرُ = ڌاريو، پرائو پُڄتَوءِ = پلاند ۾ هَيڪَاند = هڪ سان وفاداري، هڪ جو ٿي رهڻ بيت جو پس منظر ~ او مومل !! تو راڻي جي پيار کي مذاق، مشڪري ۽ ٻاراڻي راند ڪري سمجهيو هو جو پاڻ سان گڏ هڪ غير مرد کي سمهاري پي دل وندرايئي. ~ توسان تنهنجو محبوب تڏهن ڪاوڙيو جو تون ڪنهن پرائي کي پنهنجو ڪيو. ~ هاءِ !! مومل تو راڻي سان ڪيل پنهنجو وچن ۽ واعدو ڀڃي ويٺينءَ هاڻي پئي راڻي کي رويون ياد ڪجان. سمجهاڻي راڻي کي جڏهن گهڻيون راتيون پئجي ويون ته مومل اڪيلي سمهي سمهي بيزار ٿي پئي سو سندس وڏي ڀيڻ سومل کي مرداڻا ڪپڙا ۽ پٽڪو پارائي پاڻ سان سمهاريائين. هڪ رات اوچتو جڏهن راڻو آيو ته هي ڏسي حيرت م پئجي ويو ته مومل سان ڪو غير مرد ستل آهي. سو پوئتي موٽي ويو ۽ هميشه جي لاءِ ڪاوڙجي ويو. مومل کي هي مذاق ڳچيءَ پئجي وئي. ڀٽائي هن بيت م مومل جي ڪيل ٻاراڻي حرڪت ۽ غلط عمل جي نندا ڪندي محبوب سان ڪيل وچن کي ڪا معمولي شئي سمجهي نظر انداز نه ڪرڻ جي هدايت ٿو ڪري. سو اچو ته پنهنجي پرينءَ ۽ ٻين ماڻهن سان ڪيل واعدي، وچن ۽commitment کي ڪن معمولي ڳالهين تي قربان نه ڪيون. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل