الطاف شيخ بندر ديسان ديس : الطاف شيخ

'الطاف شيخ جا سفرنامه' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    الطاف شيخ جو سفرنامو ”بندر ديسان ديس“ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. ”بندرديسان ديس“ ڪِتاب ڏُور اوڀر جي ملڪن، خاص ڪري جپان، سنگاپور، ٿائلنڊ ۽ سمنڊ تي گذاريل جهاز جي زندگي جو احوال آهي. هن ڪِتابَ جو پهريون ڇاپو 1978ع ۾ نيوفيلڊس وارن ۽ ٻيو ڇاپو 1980ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن ڇپرايو. ان بعد 2011ع ۾ خيرپور جي ”پوپٽ پبليڪيشن“ وارن ٽيون ڇاپو شايع ڪيو آهي پر هي پهرين کان وڌيڪَ سنواريل ۽ وڌايل آهي. هن ڪِتاب (بندر ديسان ديس) جو مهاڳ/پيش لفظ سنڌ جي شاعره مريم مجيدي ۽ جيجل اخبار جي اسلام آباد واري نمائندي ۽ مشهور ڪالم نِگار رزاق کٽيءَ لکيو آهي. هن ڪِتاب ۾ الطاف شيخ ڪيترا اهڙا مضمونَ لکيا اهن جيڪي اسان ڪناري تي رهندڙ م اڻهن لاءِ نرالا ۽ حيرت انگيز آهن جهڙوڪ: جهاز تي حلال ۽ حرام گوشت جا مسئلا، تيل مان نقلي وار (Wigs)، پلاسٽڪ جون شيون ۽ عطر پڻ ٺهي ٿو، چين جي مارڪيٽن ۾ جيئرن ڀولڙن جا ميڄالا وڪرو ٿين ٿا، جپان ۾ وڏيرڪي سسٽم جي جھلڪ، جپانين جون حيرت انگيز عادتون….. وغيره.

    تيزيءَ سان بدلجندڙ هاڻوڪي دنيا جي پيش منظر ۾ الطاف شيخ هن املهه ڪِتابَ کي نئين سري سان سنواري ۽ ان ۾ نوان واڌارا ڪري ان کي ڇپرايو آهي. هن ڪِتابَ ۾ 176 صفحا آهن ۽ ان کان علاوه 16 رنگين تصويرن جا پڻ آهن. هن ڪِتاب جا ڪجهه دلچسپ بابَ آهن:
    جپان هڪ نرالو ملڪ
    بئنڪاڪ هڪ بدنام بندرگاهه
    آهي ڪا رنڙ،م ڪا بيواهه يا مڙس جا موچڙا کاڌل…..
    ڪارو، ڳاڙهو ۽ اڇو سمنڊ
    پاڪستاني گڏهه پاڻهي جيان پهچيو وڃن.
    جپان جون گيشائون ڪير آهن….
    آئون رنڊي ضرور آهيان، پر…..


     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    پراڻو ۽ مڪمل ڪتاب ڪٿي آهي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    ادا سائين ھي ڪتاب مڪمل ته ناھي.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مڪمل ڪتاب لاء سائين الطاف شيخ کي عرض ڪيو آهي .. جلد اپلوڊ ڪبو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. چندر

    چندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2013
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    104
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    فزيشن
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    انتظار جون گھڙيون ڪڏھن ختم ٿينديون ادا؟؟ :):):)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو