• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اختر حفيظ جڏهن تون کِلين ٿي : نزار قاباني / اختر حفيظ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

rYHzkjX.jpg

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ٽيانوي (93) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”جڏهن تون کلين ٿي“ جديد عربي ادب جي شاعر نزار قاباني جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو آهي، هي ترجمو نوجوان ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اختر حفيظ ڪيو آهي.

اسان ٿورائتا آهيون پياري دوست سارنگ چانڊيي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ لک قرب محترم اختر حفيظ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

جديد عربي ادب ۾ نزار قاباني شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو سموري دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. هُو پنهنجي اعلى شاعريءَ جي ڪري نه فقط پوري عرب ۾ پر سڄي دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جتي مزاحمتي پاسو شاندار آهي، اتي سندس رومانوي پاسو اڃا به وڌيڪ وزندار آهي. شام ڄائو هي شاعر پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو لنڊن ۾ رهيو پر هن اتي ويهي به جيڪي نظم لکيا اهي اڄ به ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن تي راڄ ڪن ٿا.هن کي جديد عربي ادب جو عظيم رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر سمجهيو ٿو وڃي. هُو سموري حياتي عورتن جي حقن جو علمبردار رهيو ۽ هن تي فيمينسٽ هجڻ جا الزام به لڳندا رهيا پر انهن سڀني شين کان بي پرواهه ٿي هُو پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي هڪ اعلى مقام ڏيندو رهيو.

عربي ادب جو هي شاعر30 اپريل 1998ع ۾ گذاري ويو پر هن جا نظم اڄ به سموري دنيا جي ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن تي نقش ٿيل آهن ڇاڪاڻ ته جيڪي خيال ۽ تصور هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيا آهن، انهن کي قيد ڪري ڪنهن هڪ خطي تائين محدود نٿو ڪري سگهجي پر اهي هُن سموري جهان لاءِ اُڻيا آهن ۽ اِهي تيستائين جيئرا رهندا جيستائين هن جا نظم دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو پڙهندا رهندا.


 
اهو كافي ناهي ته
تون پيدا ئي خوبصورت ٿي هئين
هك ڏينهن منهنجي ٻانهن مان گذرڻو هو
توکي وڌيك حَسين ٿيڻ لا

نزار قاباني جي ڇا ڳالهه ڪجي .. ترجمي ۾ به سُٺو نڀائو
 
Back
Top