جِئَن اِيندَي ئي مَوٽِئَين، مَينڌِرَا ! وَڏِي جَاڙ ڪَيَاءِ وَرُ نَه هُئَين؟ وَلَهَا ! هُوندَ جَٽِي، مُون جَاڳَاءِ تَه سُتَي جَا سَاڃَاءِ، سَوڍَا سِگهِيَائِي ٿِيَئي سُرُ مُومَلَ رَاڻَو جَاڙ = غفلت، ڀُلَ، غلطي، ظلم، قهر وَرُ = مڙس وَلَهَا = ڪانڌ، ڀتار، محبوب جَٽي = ترسي سَاڃَاءِ = پروڙ، خبر، سُڌ، سماءُ، ڄاڻ سگهيَائي = ترت، ٿڏي تي، جلدي، اتي جو اتي، فورن ٿيَئي = ٿيئي ها بيت جو پس منظر ~ او راڻا !! تون اندر داخل ٿيڻ شرط ئي وري واپس موٽي وئين، ڪيڏو ظلم ڪيئي مون سان. ~ تون ڀلا منهنجو مڙس نه هئين ڇا !!؟ او منهنجا محبوب ڪجهه ترسي مون کي جاڳائين ته ها. ~ سوڍا !! جلد ئي توکي خبر پئجي وڃي ها ته آخر مون سان ستل هئو ڪير؟ سمجهاڻي مومل پنهنجي محبوب کي ميار ڏيندي ٿي چئي ته راڻا جنهن بستري تي تون مان سمهندا هئاسين. ان ڪمري ۾ جڏهن تون داخل ٿئين ته مون سان گڏ ڪنهن کي ستل ڏسي جلد واپس هليو ڇو وئين، ڪيڏو قهر ڪيئي مون سان. تون ته منهنجو مڙس هئين تنهنجو حق هو ته مون کي جاڳائين ها ۽ ڪجهه دير ترسي ڏسين ها ته مون سان گڏ بستري تي ڪير ستل هو؟ توکي جلدي خبر پئجي وڃي ها. ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو ته پنهنجي زندگيءَ جا اهم فيصلا نهايت غور ويچار، سوچ سمجهه ۽ ڌيرج سان ڪيو. فيصلي ڪرڻ وقت تڪڙ ۽ اُٻهرائي نه ڪرڻ گهرجي نه ته سڄي زندگي پوءِ روئڻو ۽ پڇتائڻو ٿو پئي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل