لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪَي ڪَوهِيَارَا وِرِمِيَا؟ جِنِين سَندِي سِڪَ، رُنَمِ رَاتِ رَتَ ڦُڙَا سُرُ حُسَيني (سَسُئي) لَڪيُون = جبل جا لَڪَ - جتان جبل ڪٽي رستا ٺاهيا ويندا آهن. آن = اوهان، توهان ڀَر = نزديڪ، لڳ، ويجهو، ڀرسان لِکَ = ذرو، ٿورو، ڪجهه دير، ٿوري وقت لاءِ، ڪا گهڙي، ڪي پل، ساعت ڪَوهيَارَا = جبل جهاڳيندڙ - هتي معنى ٿيندي پنهونءَ جي قافلي وارا ورميَا = ترسيا هئا، بيٺا هئا، ساهي کنئي هُيَن. بيت جو پس منظر ~ سسئي جبل جَي لڪن کان پنهونءَ جَي قافلي بابت پڇا ڪندي چئي ٿي ته منهنجي پنهل جي قافلي وارا هتي ڪجهه دير لاءِ ترسيا هئا ڇا؟ ~ وري پاڻ ئي ٿي چئي ته اهي جنين جي سڪ ۾ مون سڄي رات اکين مان رت جا ڳوڙها ڳاڙيا آهن. سمجهاڻي ڀٽائي جيڪا سسئيءَ جَي رت جَي ڳوڙهن وهائڻ جي ڳالهه ٿو ڪري سا دراصل ڀٽائي هن ڌرتيءَ جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر تي سندس ئي اکين مان رت جَي وهيل ڳوڙهن جي ڳالهه ٿو ڪري. ڀٽائي سنڌ جو عاشق آهي تنهنڪري هي رت سندس ئي اکين مان ٽميو آهي. ڇو ته اسان جا قافلا سسئيءَ جي قافلن جيان اڳتي وڌڻ بجاءِ ڪٿي گم جو ٿي ويا آهن. سنڌ جي گذر جي وسيلن زمين، سمنڊ، درياهه، تيل، گيس، ڪوئلي ۽ ٻين معدني ذخيرن تي ڌاريا قابض آهن. سنڌ جي سڀني وڏن شهرن تي قبضو ڪري سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون پيون ٿين. سنڌ جي اصلوڪن وارثن هندو، ڪولهي، ڀيل ۽ مينگهواڙن جي نياڻين کي زوريءَ مسلمان ڪري هتان لڏائڻ جون سازشون پيون ٿين. ٿر ۾ ڪاري سون جا مالڪ بک وگهي مري رهيا آهن. سنڌ جي ڳڀرو پٽن کي زوريءَ کنڀي سندن چچريل لاش ڏنا پيا وڃن. اڄ سنڌ ننڌڻڪي، يتيم ۽ لاوارث بڻيل آهي. سنڌ جي هر گهر ۾ ماتم متل آهي ۽ سڄي قوم رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل