جَيڏِيُون مُنهِنجَي جِيءَ سِين، رَاڻَي رِڻُ ڪَيَو قَلَبُ ڪَاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پُرزَا ٿِي پَيَو ٻُجَهان ٻَهَرِ وَيَو، هِنيَون هَنڌِ نَه هَيڪَڙَي سُرُ مُومَلَ رَاڻَو جَيڏيُون = سرتيون، سنگتياڻيون، سهيليون جِيءَ = جان، جسم، بدن رِڻُ = ظلم، قهر، غضب، برباد، تباهه قَلَبُ = دل ڪَاڪ = نديءَ جو نالو - جنهن جي مٿان مومل ڪاڪ محل جوڙايو هو ڪَنڌن = ڪنارن، ڪپرن، پاسن پُرزَا = ذرا ذرا، ڇيهون ڇيهون، ٽڪر ٽڪر ٻُجَهان = ٻڌان ٿي، سمجهان ٿي، ڀانيان ٿي ٻَهَر = ٻاهر بيت جو پس منظر ~ مومل پنهنجي سهيلين سان اندر جو حال اوريندي چئي ٿي ته او سرتيون رَاڻَي منهنجي جان ۽ جسم سان وڏو ڪِيسُ ۽ قهر ڪيو آهي. ~ منهنجي دل هن ڪاڪ ۾ ڀڄي پرزا پرزا، ڇيهون ڇيهون ۽ ٽڪر ٽڪر ٿي پئي آهي. ~ سمجهان ٿي ته دل مون وٽ ڪونهي پر سيني مان ٻاهر نڪري شايد رَاڻَي کي ڳولڻ وئي آهي. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي رومانس سان ڀرپور بيت رَاڻَي جي رسي وڃڻ کان پوءِ ڪاڪ محل اندر مومل جي مٿان جيڪا وڇوڙي ۽ جدائيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي آهي ان جي عڪاسي آهي. اڄ ڪاڪ تي ويراني ڇانيل آهي هر چهرو اداس ۽ غمگين آهي، هر اک آلي آهي. جتي ڪنوارين ڇوڪرين جا ٽهڪ ٻڌبا هئا اتي روئڻ ۽ سڏڪن جو آواز پيو ٻڌجي.مومل جو سڀ ڪجهه جو ڦرجي ۽ لٽجي ويو آهي هُوءَ تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي. ڪاڪ ڪنهن صحرا جو ڏيک پئي ڏئي. راڻو جو رسي ويو آهي ته مومل جي دنيا به اجڙي وئي آهي. تڏهن ته لڙڪ لاڙيندي سرتين کي دانهن ڏيندي ٿي چئي ته سرتيون رَاڻَو مون سان قهر ڪري ويو آهي. منهنجي سونهن سوڀيا، سندرتا، حسن، ٽهڪ، ارڏايون ۽ خوشيون سڀ پاڻ سان کڻي ويو آهي.سرتيون منهنجي دل ٽٽي، ڀڄي ذرا ذرا ٿي پئي آهي ۽ اُهي ٽٽل دل جا ذرڙا ذرڙا به مون وٽ ناهن، لڳي ٿو ته شايد رَاڻَي کي ڳولڻ ويا هن. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل