سنڌ ۾ وڌندڙ بد امني کي ڪيئن روڪجي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ ۾ وڌندڙ بد امني کي ڪيئن روڪجي؟

    سنڌ جي موجوده حالتن کي ڏسي ائين ٿو محسوس ٿئي ته هتي قانون نالي ڪا شيءِ رهي ناهي ۽ ماڻهو نڌڻڪا ۽ بيوس بڻيل آهن. اغوا، ڦر ۽ قتل جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. خوف ۽ حراس جو عالم اهو آهي ته ماڻهو سج لٿي کان پوءِ گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿا. هاڻ ته ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ ناهن، جو کين جاڳي رات گذارڻي پوي ٿي. تازو ئي ڪجهه ڏينهن اڳ ضلع دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ ٻورڙي جي چار رهواسين کي هٿياربندن پکين وانگي پڪڙي هڪ ئي وقت گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ مان هڪ ئي وقت چار لاش کڄڻ وقت قيامت صغريٰ جو منظر هو ۽ هر اک آلي هئي. هي سنڌ جي ڪنهن هڪ ڳوٺ جي ڪهاڻي نه آهي، پر سنڌ جي هر واهڻ وستي جي اها ساڳي حالت آهي، جو ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو قتل ٿي وڃن ٿا. سنڌ جو مظلوم عوام اقتدار ڌڻين کان اهو سوال ٿو ڪري ته سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر، قبيلائي تڪرار ۽ بد امني ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ ڪڏهن سنڌ ۾ امن ۽ خوشحالي جا گل ٽڙندا؟ سنڌ کي هڪ امن ۽ محبت واري ڌرتي بڻائڻ جي لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو سنڌ جي خوشحالي ۽ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جيڪڏهن سنڌ جون ساڃاهه وند ڌريون ان حوالي سان اڳتي اچن ته بد امنيءَ جو خاتمو اچي سگهي ٿو. مونکي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان گڏجي قدم وڌائينداسين ته سنڌ ۾ ماتم بجاءِ خوشيءَ جا گيت گونجندا.
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ ۾ وڌندڙ بد امني کي ڪيئن روڪجي؟

    گيت ته واقعي گونجندا پر وس وارا چاهين نه۔۔۔۔۔۔
    چوڻ وارا ته اهو به چوندا آهن ته سنڌ جا هي حال تڏهن ٿيندا آهن جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت ايندي آهي۔۔۔ ڇو ته هتان جا روايتي وڏيرا ئي آهن جيڪي ٻين تي پنهنجو داٻو ويهارڻ لاءِ اهڙن ڌاڙيلن کي باقائده سپورٽ ڏيڻ کان سواءِ هٿيار تائين مهيا ڪندا آهن۔۔۔ ۽ شرمندگي جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه پيپلز پارٽي جي منسٽرس جي آشيرواد سان ٿيندو آهي۔۔۔
    دادو ۾ هن وقت عام عوام جيترو ڌاڙيلن کان ڊڄندا آهن ان کان وڌيڪ ملهه ڏئي مرگهي وٺڻ جي مثال وانگر هتان جي ووٽ ڏئي منسٽر بڻائيندڙ پير مظهر الحق کان ڊڄندا آهن۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو