سَسُئِي حُسَينِي گَهوڙَنِ هَنيُون گَهڻِيُون، اُٺَنِ هَنئِي آنءُ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    گَهوڙَنِ هَنيُون گَهڻِيُون، اُٺَنِ هَنئِي آنءُ
    جَا نِينهُن ڳِنَهندِي نَانءُ، سَا مُون جِئَن پَوَندِي مَامِرَي


    سُرُ حُسَيني (سَسُئي)

    گَهوڙَن هَنيُون = مصيبت جون ماريل - اڳئين دور ۾ ٻاهران ايندڙ لشڪر يا فوجون جڏهن سنڌ تي حملو ڪندا هئا ته گهوڙن تي چڙهي ايندا هئا. مقامي ماڻهون گهوڙن تي لشڪر ڏسي هڪٻئي کي خبردار ڪندا هئا "گهوڙا ڙي گهوڙا" معنا ٻاهريان حملي آور پهچي ويا، مصيبت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو.هتي گهوڙا محاوري طور ڪتب آندو آهي.

    اُٺَن هَنئي = اٺن ذريعي مصيبت جي ماريل - سسئيءَ جا ڏير پنهونءَ کي اٺن تي کڻي ويا ها، سو هتي به " اٺن هنئي" محاوري طور ڪتب آندو ويو آهي.

    نينهُن = عشق، پيار، محبت

    ڳنَهندي = گهرندي، طلبيندي

    جئَن = جيئن

    مَامرَي = ڏچي ۾، عذاب ۾، اذيت ۾

    بيت جو پس منظر

    ~ سسئي ٿي چئي ته مون جيان مصيبت جون ماريل ڪيئي هونديون پر مون کي ته هي پنڌ ۽ جاکوڙون اٺن جي ڪري پلئه پيون.

    ~ سو سرتيون اوهان به جي ڪنهن سان لَنئُون لائي ۽ پيار ڪيوَ ته پوءِ هنن عذابن، اوسيئڙن، اوجاڳن ۽ اذيتن لاءِ تيار رهجو.

    سمجهاڻي

    ڀٽائي هن بيت جي شروعات ئي "گهوڙن هنيون گهڻيون" سان ڪئي آهي انهيءَ جو مطلب ٿيو ته ڀٽائي سسئيءَ جي هن علامتي بيت ذريعي ڌرتيءَ جي ماڻهن کي خبردار ٿو ڪري ته اڳئين دور ۾ سنڌ تي گهوڙن ذريعي حملا ڪيا ويندا هئا سي حملي آور ٻاهريان هوندا هئا. ساڳئي بيت ۾ اٺن جو به ذڪر آهي جيڪي هتان جا مقامي آهن.ڀٽائي دراصل سنڌ تي ٻٽي ظلم يعني قومي ۽ طبقاتي ڏاڍ ۽ جبر جي نشاندهي ڪئي آهي.
    سنڌ کي غلام رکڻ وارا پنجابي ۽ پناهگير ٻئي ٻاهريان آهن ۽ ٻنهي جا وري مستقل مفاد به ساڳيا آهن.جن اسان جي ٻولي، وسيلن، معدنيات، سمنڊ، درياه ۽ هر شئي تي قبضو ڪري پنهنجو غلام بنائي رکيو آهي. هوڏانهن وري سنڌ جا اصلوڪا ڄاوا مقامي غدار وڏيرا، پير، مير، ڪرپٽ ڪامورا ۽ وقت جا غدار سنڌي حڪمران پڻ ساڻن ٻٺُ آهن. سنڌ ٻٽي ظلم جو شڪار آهي.
    سو اچو ته ڀٽائيءَ جي هن فڪر تي غور ڪيون ۽ هن ٻٽي ظلم جي خلاف مزاحمت ڪيون، آواز اٿاريون ۽ ويڙهه ڪيون.

    _____
    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
     
  2. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    واه ڀٽائي...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو