سَهَسِين سَيبَا ڪَنجُرَي، لَوئِي لِيڙُون لِيڙَ وَاسَي وَارَ نَه وَيڙِهيَان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ مَارُوءَ جِي مُهَاڙَ رءِ، اَندَرِ نَاهِ اُڪِيرَ هَهِڙَو حَالُ هَميرَ، وَٺِي شَالَ وَيڙِه وَڃَان سُرُ مَارُئي سَهَسين = سوين سَيبَا = ٽوپا ڪَنجُرَي = چولي ليڙُون ليڙَ = هنڌان هنڌان ڦاٽل، ڇنل، کٿل، ٽڪر ٽڪر ٿيل، ٿڳڙيون ٿيل وَاسَي = لڳائي، تيل ڦليل لڳائي، سرهاڻيون، عطر، عنبير، مشڪ لڳائي، هار سينگارڪري مَرُ = ڀل، ڀلي چِيڙَ = منجهيل، چنبڙيل، اڻڀا وار مُهَاڙَ = مُنهُن، چهرو، ديدار، زيارت اُڪيرَ = سڪَ هَميرَ = امير، حاڪم، سردار، وقت جو بادشاه عمر سومرو وَيڙه = جهنگ - هتي معنى ٿيندي مارن جو ملڪ بيت جو پس منظر ~ مارئي ٿي چئي ته عمر منهنجي مارن جي پارايل چولي ۾ سوين چتيون ۽ ٽوپا آيل آهن ۽ منهنجي لوئي به ليڙون ليڙون ۽ ٿڳڙيون ٿي وئي آهي. ~ وارن کي ڌوئي انهن ۾ ڪي سرها عطر عنبير، مشڪ ۽ تيل لڳائي ڪي هار سينگار به ڪونه ڪنديس. ڀلي اهي ايئين ئي اڻڀا ۽ چنبڙيل هجن. ~ مون کي ڪنهن مارو ماڻهونءَ جي منهن ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ لڳي آهي. ~ او بادشاه !! مان چاهيان ٿي ته هنن ئي حالن ۾ پنهنجي مارن سان وڃي ملان. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت اڄ کان ٽي سؤ سال اڳ جو لکيل آهي. ان وقت ٿر جي معاشي ۽ اقتصادي حالتن ۽ مارن جي بک ۽ بدحاليءَ جي عڪاسي ٿو ڪري. مارئي پنهنجي لڄ ۽ لوئي بچائيندي پنهنجي ڦاٽل ۽ چتيون لڳل چولي کي اڃان وڌيڪ ٽوپا ڏئي پنهنجا انگ ڍڪي ٿي. سندس لوئي به ته ليڙون ليڙون ٿي وئي آهي. سندس وار ميرا، اڻڀا ۽ هڪٻئي ۾ چنبڙي ويا هن پر عمر جا صابڻ، عطر، عنبير، سرهاڻيون ۽ خوشبودار تيل ڦليل لڳائي ڪي هار سينگار به نٿي ڪري.عمر جي بدصورت ۽ بدشڪل ڏسڻ کان پاڻ بچائيندي ڪنهن ماروءَ کي ڏسڻ لاءِ سڪي ٿي. سو اچو ته ڀٽائيءَ جي عظمت ۽ مارئيءَ جي عزم ۽ حوصلي کي سلام ڪندي ليکو ڪيون ته : ٽي سؤ سال اڳ جيڪا ٿر جي رحم جوڳي حالت هئي سا ڪيتري بدلي آهي...!!؟ اڄ به ٿر ۾ ساڳيو ڏڪار آهي ٿري ماني ڳڀي لاءِ سِڪن ٿا. ٿري عورتن جي بکن ۾ ٿڃ سڪي وئي آهي ۽ معصوم مري رهيا آهن. وقت جا ظالم، غدار ۽ دلال حڪمران هن سچ کي لڪائڻ لاءِ ڪاميٽين مٿان ڪاميٽيون پيا جوڙين. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل