پهاڪن کي انٽرنيٽ ذريعي عام گفتگو ۾ ٻيهر رائج ڪرڻ جي ڪاوش

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سوجهرو طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2014۔

  1. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    سلام،
    ڪافي عرصو، شايد، لڳ ڀڳ 2 سال کن ٿي ويا هوندا، جڏهن مون هتي ڪُجهه پوسٽ ڪيو هو. ايتري وقت کانپو هتي واپس اچي ڪري سڀني کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي ته هي فورم ترقي جا ڪيترائي ڏاڪا طئي ڪندو رهيو آهي. ڪافي سڌارا نظر اچي رهيا آهن. تنهن کان علاوه تڪنيڪي حوالي سان به سنڌ سلامت جيڪي ڪم سنڌي لا ڪندي رهي آهي، انهن تي پُڻ سندس فيسبُڪ پيج ذريعي نظر رهي آهي. جس هُجي اوهان دوستن کي ان لا.

    سنڌي لا جيڪا ٿوري گهڻي ڪوشش ڪندا هئاسون، سا اڄ به سُست رفتاري سان ئي سهي، پرجاري ضرور آهي. سنڌي پهاڪن کي نوجوانن جي روزمرهه جي گفتگو ۾ شامل ڪرڻ جي لا مون سوشل ميڊيا جي استعمال جو سوچيو ۽ هاڻ اُن تي ڪم پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جن دوستن منهنجيون هتي پوسٽس پڙهيون هيون، شايد انهن کي ياد هجي ته انهن ڏينهن ۾ مان سنڌي پهاڪا، ورجيس، اصطلاح گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئم. ڪافي گڏ ڪري ورتا اٿم، پر تنهن هوندي به مطمئن نه آهيان، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي سمنڊ مثل آهي، جنهن اهڙن موتين جو هڪ وڏو خزانو آهي.

    سوچيم پهاڪن کي گڏ ڪري پاڻ تائين رکڻ ته زيادتي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته علم ورهائڻ واري شي آهي. 500 کان مٿي پهاڪا گڏ ڪري چڪو آهيان. جيترا گڏ ڪيا اٿم سوچيان ٿو اُهي هاڻ ورهائڻ شروع ڪيان. گڏ ڪري رکڻ ته ظلم ئي ٿيندو. سو فيسبُڪ جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيم. سوچان ٿو هتي به دوستن سان ونڊڻ گهرجي اهو پيج.

    فيسبُڪ پيج جي يُو آر ايل: https://www.facebook.com/sindhiproverbs

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 نومبر 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا توهان فيسبوڪ تي مطلوبه تصوير کي کوليو ۽ پو ان تي رائٽ ڪلڪ ڪري ڪاپي اميج تي ڪلڪ ڪريو ۽ هتي (سنڌسلامت ٽيڪسٽ ايڊيٽر) ۾ پيسٽ ڪريو. :)
     
  3. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    وڏي مهرباني ادا، مون پوسٽ اپڊيٽ ڪئي اٿم، اُميد ته پسند ايندي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين
    لک قرب
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ڪم پيا ڪيو ... اوهان کي جس هجي
     
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بهترين ڪم..
    پر ادا جيڪڏهن هر عنوان يا پهاڪي جو الڳ موضوع موڪليو ته جيئن توهان کي به پاوليون (سنڌسلامت وارا پئسا) ملن :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هاهاهاهاها . پاوليون...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    هاهاهاها، حاضر سائين، پر ايتريون ساريون پاوليون ڇا ڪبيون؟ ڪافي سارا پهاڪا هڪ هنڌ هوندا ته هڪ ئي نظر ۾ گهڻو ڪجهه سکي وٺندو ماڻهو. هر پهاڪي لا الڳ پوسٽ هجڻ سان ماڻهو هر هر نئين پيج تي وڃي وڃي بيزار ٿي پوندو. مان سمجهان ٿو بهتر آ ته پهاڪن کي گروپ جي صورت ۾ پوسٽ ڪيو وڃي. هڪڙي پوسٽ رکي اٿم، انشا الله، جلد پهاڪن جو ٻيو گروپ (پوسٽ) جلد خدمت ۾ حاضر ڪندم.
     
  9. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو