لَڪَڙِيَارِيُون آڱِرِيُون، ٻَارَوچَاڻَو ڀَيرُ اَچِي پَسَو جَيڏِيُون، تَازَو پُنُهونءَ پَيرُ وَيچَارِيءَ سِين وَيرُ، جَتَنِ جَيڏَوئِي ڪَيَو سُرُ حُسَيني (سَسُئي) لَڪَڙيَاريُون = لڪڙيءَ جهڙيون سنهيون، نازڪ ڀَيرُ = ڊول، ڍنگُ، نمونو، هلت وَيرُ = ظلم، ڪيسُ، قهرُ بيت جو پس منظر ~ سسئي پنڌ ڪندي پنهونءَ جا پيرا به کنيون ٿي وڃي. اجهو کيس هڪ پَير نظر آيو آهي جنهن جون آڱريون سنهيون ۽ نازڪ ٿيون لڳن. پَيرَ جو نمونو ٻروچن جي پَيرَن جهڙو آهي. ~ سو پنهنجي سرتين کي سڏي پئي چئي هيڏانهن اچو هي ڏسو مان سڃاڻان ٿي منهنجي پنهل جو پير آهي. ~ هن معصوم، نازڪ ۽ نفيس عورت سان ڪيچ مڪران جي ٻروچن کانئس پنهون ڦري وڏو ظلم ڪيو آهي. سمجهاڻي سنڌ ۾ اڳئين دور کان وٺي اڄ تائين به ڪا واردات ٿيندي آهي ته پيرا کنيا ويندا آهن. ٻهراڙين ۾ ته اڄ به هي رواج عام آهي. بيت جي پس منظر ۾ اڄوڪي سنڌ تي هڪ نظر : ڀٽائي سسئيءَ طرفان کنيل پنهونءَ جَي پيرن جي ڳالهه ڪري ڄڻ سنڌي قوم کي خبردار ڪري رهيو آهي ته توهان سان به جيڪي اڄ تائين وارداتون ٿيون آهن ڇا انهن جا پيرا اوهان کنيا آهن...!!؟ ماضيءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو قتل عام ڪيو ويو، مال ملڪيتون ۽ سون ڦريو ويو, لائيبرريون ساڙيون ويون ۽ عزتون لٽيون ويون پر اسان پيراڪونه کنيا..!! اڄ به ساڳيا ڪيسَ، قهر، ڏاڍ ۽ جبر جاري آهن. اڄ به سنڌ جي رنڪل ڪمارين ۽ آشا ڪمارين کي زوريءَ کنڀي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. ماڻهون بک وچان پنهنجا گڙدا ۽ ٻار وڪڻي رهيا آهن. اڄ به زمين، تيل، گيس، ڪوئلي ۽ معدنيات تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن. اڄ به. هوا ۾ لاش لڙڪن ٿا ۽ اڄ به ڳڀرو پٽن جا چچريل لاش پيا ملن. اچو ته هنن سڀني وارتائن جا گڏجي پيرا کڻون، نه ته هن ڌرتيءَ تان ئي اسان جا پيرا ڪڏهن گم ٿي ويندا...!!!! _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَها ٿِيا قَضاڪَ! اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ! اَکَڙِينِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيـهِيُنِ جو.