ڪَريَو مُهَاڙَ مَلِيرَ ڏَي، رَوءِ اُڀِي چَوءِ سُهِجُ سُورِيءَ ڀَانيَان، سُومِرَا ! سَندَوءِ مِلِڪَ مَارُوءَ آهيَان، جَورِ نَه ٿيَان جَوءِ سَو قَلَبُ ڪَوٽِ نَه هَوءِ، جَو هُتَيجَنِ هَٿِ ڪَيَو سُرُ مَارُئي مُهَاڙَ = مُنهُن رَوءِ اُڀي چَوءِ = رويو بيٺي چئي سُهجُ = سک، فرحت، سهولت، آرام، آسائش، عيش عشرت سُوريءَ = ڦاهيءَ سَندَوءِ = تنهنجا، تنهنجو مِلِڪَ = ملڪيت جَور = زوريءَ، زبردستيءَ سان، ڏاڍ سان، داٻي سان قَلَبُ = دل هَوءِ = آهي هُتَيجَن = هُتَي وارن، هُتَان جي مارن بيت جو پس منظر ~مارئي ملير ڏانهن منهن ڪري بيٺي روئي چئي ته : او عمر !! تنهنجا سک، فرحتون، عيش ۽ آسائشون مون کي ڦاهيءَ جيان زهر لڳن ٿيون. ~ مان ته پنهنجي ئي مارن جي ملڪيت آهيان، اهو خيال ئي دل مان لاهي ڇڏ ته تون ڪو زبردستي مون سان لائون لهندين. ~ هيءَ دل تنهنجي ڪوٽ جي اوچين ديوارن ۾ ڪڏهن قابو نه رهندي جيڪا مان هلندي مارن کي ڏئي آئي آهيان. سمجهاڻي ڀٽائي مارئيءَ جي عزت، عظمت، عزم ۽ حوصلي جو ذڪر ڪري سنڌ جي انهن سڀني غيرت مند سورمين کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، جيڪي ڪنهن به ڏاڍ، جبر، ۽ ظلم ذريعي ڪنهن جي آڏو نٿيون جهڪن. ڀٽائي مارئيءَ جي ڪردار وسيلي سنڌ جي ڪروڙين سنڌياڻين جو مٿانهون مقام جوڙي دنيا آڏو سنڌي عورت جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ عمر سومرو بادشاهه هو وٽس عيش عشرت، آسائشن، طعام، ويس وڳن ۽ مال ملڪيت جي ڪمي ڪونه هئي پر مارئي سڀني عياشين کي ٿُڏي مارن جي اڃ ۽ بک کي ترجيح ڏني. اچو ته هن بيت جي روشنيءَ ۾ اڄوڪي سنڌ جي ماريُن، رنڪل ڪمارين، آشاڪمارين ۽ انجلين جي زور زبردستي کنڀي ڪوٽن ۽ ڪوٺين ۾ قيد ڪرڻ جي مذمت ڪندي، هنن سنڌي نياڻين کي وحشي ۽ حوس پرست پيرن، ڀوتارن ۽ جرڳائي وڏيرن جي قيد مان آزادي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ڇا هنن قيدياڻين لاءِ ٿيل ڪجهه مظاهرا، هڙتالون، جلوس، ڌرڻا، اخباري بيان ۽ ڪالم ڪافي آهن....!!!؟ _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل