فرزانه پنهور جنهن سائنسي دنيا ۾ پاڻ ملهايو

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ منصورنثار طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2014۔

  1. منصورنثار

    منصورنثار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جون 2012
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    112
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ جي عورت ۽ زراعت کي ترقي ڏيارڻ لا ڪوششون ڪندڙ ۽ امريڪي آڇ ٿڏيندڙ سائنسدان هارياڻي

    فرزانه پنهور جنهن سائنسي دنيا ۾ پاڻ ملهايو

    منصور نثار

    سنڌ جي عورت هر دور ۾ پاڻ مڃايو آهي ڪالهه جڏهن هي دنيا جدتن کان ڪوهين پري هئي تڏهن به پاڻ کي ان مقام تي رسايو جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي سنڌ جي عورت جو تعارف پنهنجي شاعري ۾ سورمي طور ڪرائڻو پيو اڄ جڏهن دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي لحاظ کان اهو ڪجهه ڪري رهي آهي جنهن کي اڌ صدي اڳ تائين معجزن سان مشابهت ڏني ٿي ويئي تڏهن ته سنڌياڻيون ڪنهن به فيلڊ ۾ پوئتي نظر نه ٿيون اچن ڪٿي ڪا سنڌياڻي گڏيل قومن جي اعلى ايوان ۾ بينظير جي روپ ۾ پنهنجي ڌرتي جو ڪيس ورهندي نظر ٿي اچي ته ڪٿي ڪا سنڌياڻي ادب، شاعري کان سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي رهي آهي. مونکي ياد آهي ته مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هيو ته زراعت جي خالق ۽ باني به عورت آهي قديم دور ۾ جڏهن مرد شڪار تي هليا ويندا هيا ته عورتن گهرن جي اڱڻ تي مختلف اهي فصل پوکڻ شروع ڪيا جيڪي روزمره زندگي ۾ ڪم اچن ٿا ۽ پو ان جو سلسلو وڌندو ويو. سنڌ جي سرزمين بي پناهه زرخيز آهي ڪٿي سونا سنگ هوا ۾ لهرائيندي نظر اچن ٿا ته ڪٿي باغن ۾ ميوون جي مهڪ اچي ٿي توڙي جو وقت بدلجي ويو آهي وقت سان گڏ ضرورتون ۽ گهرجون به تبديل ٿيون آهن توڙي جو زراعت ۽ باغباني تي مردن قبضو ڪري ورتو آهي پر تنهن هوندي به عورت کان سوا جتي گهر اڻپورا لڳن ٿا تئين عورت کان پري زراعت به بي معنى نظر اچي ٿي اڄ به هارياڻيون ٻني ٻاري ۾ پنهنجي مردن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي زمين کي پگهر جو ريج ڏيئي رهيون آهن سچ اهو آهي ته عورت جي پگهر کان سوا شايد فصلن توڙي ميوون ۾ اهو ذائقو نه ٿو اچي نه ئي برڪت سنڌ جون ”جيڏيون“ جيتريون باصلاحيت، باهمٿ، باشعور هجن ٿيون ايتريون شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ جون عورتون هجن ڇو ته سنڌ جيڏين کي گهٽ وسيلن ۽ سهولتن جي اڻاٺ باوجود جڏهن به ڪجهه ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته انهن نه صرف هر شعبي ۾ پاڻ مڃائي ڏيکاريو آهي پر انهي سان گڏ دنيا جو ڌيان پڻ پاڻ ڏانهن ڇڪايو آهي، چاهي پو اها آسو ڪولهڻ هجي يا کڻي فرزانه پنهور هجي، آسو ڪولهڻ تازو ئي ميڊيا ذريعي سامهون آئي آهي جيڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ جي ٻارڙن کي تعليم يافته بڻائڻ لا پاڻ پتوڙي رهي آهي ان کان اڳ فرزانه پنهور پڻ سنڌ جي پٺتي پيل عورتن کي اڳتي آڻڻ لا جهجهو ڪم ڪري چڪي آهي ۽ هن جو شمار سنڌ جي تحقيقدان ۽ سائنسدان عورتن منجهه ٿئي ٿو، جنهن خاص طور تي زرعي شعبي ۾ پنهنجي سائنسي صلاحيتن سان انقلاب آڻي ڏيکاريو. جڏهن ته هتي سائنس جو ذڪر ٿئي ٿو ته مان هڪ ڳالهه اها به چوندو هلان ته سنڌ ايڪسپريس جي سائنس پيج لا لکندي پڻ هميشه منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ايندي آهي ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن انهي سائنس پيج تي صرف ۽ صرف سنڌي سائنسدانن جي ڪارنامن جا ئي ذڪر هوندا جنهن لا سائنس پيج ذريعي به اهو بار بار لکي چڪو آهيان ته سنڌ ۾ سائنس کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي پر جڏهن ٻئي طرف سنڌي سائنسدانن جي زندگي تي نظر وجهندو آهيان ته مون کي ايڏي ته حيرت ٿيندي آهي ته شايد پنهنجي ترقي جي ذريعن سائنسدانن جي اهميت کي اڃا تائين ڄاتو ئي ڪونهي، نه ئي انهن جي نالن جي خبر هوندي يا وري ائين چئجي ته انهن جي خدمتن مان ڪجهه پرائڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر کين ڀيٽا به ڏئي نه سگهيا آهيون، جيڪي اسان جي ڀيٽا جا ته کڻي محتاج ناهن پر پر اهو اسان جو فرض ٿئي ٿو ته انهن کي ياد ڪريون جن ۾ تازو ئي آغا وقار جو نالو هر ڪنهن جي ذهن تي هوندو پر شايد ئي ڪو نوجوان فرزانه پنهور کي سڃاڻيندو به هجي يا وري ڪنهن لا فرزانه جو نالو نئون نه به هجي ڇو ته فرزانه پنهور هڪ طرف پنهنجي سائنسي ڪمن جي ڪري ته سڃاڻپ رکي ٿي پر ٻيو وري هو مقبول ترين تحقيقدان ايم ايڇ پنهور جي جيون ساٿياڻي پڻ رهي آهي. فرزانه پنهور سنڌ سان تعلق رکندڙ اها واحد سائنسدان عورت آهي جنهن کي امريڪا پاران پنهنجي ٿنڪ ٽينڪ جو حصو بڻائڻ جي آڇ پڻ ڪئي وئي هئي پر هن ”نه مهرباني“ چئي ان کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ ان ڳالهه کي ڏسي ڪري اهو ڪيڏو نه الميو ٿو لڳي ته جيڪڏهن انهي کان سنڌي نئون نسل واقف نه هجي. جڏهن ته هن جنهن شعبي يعني زراعت ۾ تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي جنهن ڪري مان هن کي سائنسدان هارياڻي سمجهندو آهيان ڇو ته ٻهراڙين ۾ اوهان ڏٺو هوندو ته ڪي عورتون ٻني ٻاري جو ڪم ڪنديون آهن جن کي هارياڻي چيو ويندو آهي ۽ فرزانه پنهور به زراعت جي شعبي ۾ ڪيتريون ئي زرعي جنسون متعارف ته ڪرائي چڪي آهي پر هو پنهنجي زرعي فارم جي مالڪي پڻ ڪندي رهي آهي جنهن مان به اهو واضح ٿئي ٿو ته هو به زرعي ڪم ڪار ڪندڙ عورت يعني هارياڻي آهي پر سائنسدان هارياڻي.

    فرزانه پنهور جو مختصر تعارف ڪجهه هن ريت آهي ته هن ڪيترن ئي مختلف موضوعن تي تحقيق ڪئي آهي ۽ ايگريڪلچرل سئائل ٽيسٽنگ ليباريٽري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ هن سنڌ ڄائي 15 سيپٽمبر 1957ع تي فضل الاهي چوڌري جي گهر ڪراچي ۾ اک کولي هئي، هو جن شعبي ۾ ڪم ڪري چڪي آهي انهن ۾ آرگينڪ ايگريڪلچر، بائيو ٽيڪنالاجي، جينيٽڪ انجنيئرنگ، پوسٽ هارويسٽ ٽيڪنالاجي، انوائرمينٽ، پالوشن، هارٽيڪلچر، فلوري ڪلچر، فاريسٽري، ايجوڪيشن، هيلٿ، فارم ڪيميڪل، اينينمل هسبنڊري، جينڊر ۽ ٻيا شعبا شامل آهن. سندس ”ٿر ۽ ڪوهستان رڻ جا وڻ ٽڻ“ مقالي جو سنڌي ترجمو ڪندي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو فرزانه جي پورهئي بابت ڪجهه ريت تي ٻڌائي چڪو آهي ته هو بائيو ڪيميسٽري ۾ ايم ايس سي آهي، ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ انجنيئرس ۽ جن موضوعن تي ڪم ڪيو آهي يا وري لکيو آهي انهن مان ڪجهه هن ريت آهن.هيرايل (گھريلو ڪيل) جانورن لاءِ کاڄ ۽ پاڻي راهِپَ (Aqua Culture)، جھينگي پالنا، ڪُڪڙ پالنا، سَهي پالنا- سَهي کاڄ، زرعي ڦوڳ مان جِيا-گئس (Bio-Gas) (ٺاهڻ)،ڍور ڍڳي ۽ رڍ لاءِ کاڄ، جوجُوبا تيل جي ڪيميائي بناوت ۽ ان جو واهپو،وڻجارڪ (ڪمرشل) ۽ صنعتي حساب ڪتاب رکڻ،گلاب ۽ (ٻين) گلن جو سُڪي وڃڻ، جوجُوبا جو اڀياس ۽ ان جو تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ واهپو،ڄام ڦل ۽ بَنگَنپالِي ۽ لنگڙي انب جو لاب کان پوءِ ڪيميائي دوائن وسيلي (مختلف بيمارين کان) بچاءُ،تيلي-ڪيميائي ۽ زرعي-ڪيميائي صنعت لاءِ هڪ نئون ذخيرو/وسيلو،مختلف زرعي فصل اپائڻ لاءِ لوڻياٺي زميني پاڻيءَ جو واهپو، اسرندڙ ڏيهن لاءِ جِيا-گئس ڪارخانا، پاڪستان (جي رهواسين) لاءِ پاڻي راهپ جو ڪتابڙو،ٿر ۽ ڪوهستان جا جانور وغيرا، ان کان علاوه هن سان ساٿ سان ايم ايڇ پنهور پنهنجي فارم ۾ نوان فروٽ پوکي سنڌ ۾ متعارف ڪرايا جڏهن ته ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب سومرا ڪنگڊم جي ارپنا به فرزانه پنهور جي نالي ڪري چڪو آهي.1987ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان بائيو ڪيميسٽري ۾ ايم اي ڪندڙ فرزانه پنهور کي امريڪا پاران گولڊ ميڊل ”ميڊل آف آنر“ سان نوازيو ويو هو جڏهن ته سوئٽزرلينڊ کيس ”دا رورل ڪريئيٽوٽي ايوارڊ“ سان نوازيو هو ان کان علاوه گڏيل قومن پاران کيس ”دا بيسٽ پريڪٽس ايواڊ“ ڏنو ويو هو، هو ٻيا ننڍا ننڍا اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ماڻي چڪي آهي جڏهن ته هو پنهنجو فارم به قائم ڪري چڪي آهي جنهن جو مقصد تحقيقي ڪم ۽ نت نيون شيون سامهون آڻڻ هو. فرزانه پنهور جي ذاتي لائبريري ۾ 17000 کان وڌيڪ ڪتابن جو ذخيرو ٻڌايو پيو وڃي، هو مسلسل تحقيقي ڪم جي سلسلي ۾ ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين جا دوران ڪندي رهي ۽ اتان جي تحقيدانن سان ملاقاتن کان علاوه تحقيقي ڪتاب جو مطالعو ڪندي رهي.

    فرزانه پنهور جي زندگي تحقيقي ميدان ۾ وڏي روشن روهي آهي هڪ انٽرويو ۾ سنڌ رورل وومين اپلفٽ گروپ جي صدر رهندڙ فرزانه پنهور جو چوڻ هو ته هو نه صرف عورتن جي ترقي چاهي ٿي پر زرعي مسئلن کان به آگاهي ڏيڻ چاهي ٿي، هن چيو ته ڪيترائي اهڙا زرعي ڪيميڪل آهن جيڪي ٻين ملڪن ۾ پابندي باوجود هتي استعمال ٿيندا رهن ٿا ۽ اهي انساني جانين توڙي ماحول لا هاڃيڪار آهن. زرعي ترقي جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته اهي ماڻهو جن جي ذميواري آهي ته اهي انهي ۾ گهٽ دلچسپي وٺي رهيا آهن. هو 2012ع تائين فيس بڪ (سندس نالي واري آ ڊي) تي سرگرم نظر آئي جتي پنهنجي ڪم ۽ شيلٽر هوم ۾ گذرندڙ زندگي بابت معلومات ڏيندي رهي پر ان بعد سندس ڪو پتو ناهي ته هو ڪهڙي جهان ۾ آهي جنهن سان سنڌ سائنسدان عورت کان محروم ٿي وئي آهي. جڏهن ته فرزانه پنهور بابت ايم ايڇ پنهور چيو هو ته ” فرزانه سان ملڻ کانپوءِ مونکي سڪون ۽ اطمنيان ٻيهر نصيب ٿيو ۽ آئون جتي جتي هوندو آهيان، هن جي موجودگي جو طلبگار هوندو آهيان، مون پنهنجي زندگي جو مقصد سمجهيو ۽ حاصل ڪيو آهي، تنهن ۾ هن جي ٻين سائنسي ميدانن ۾ تحقيق منهنجي ڪم ۾ مددگار ثابت ٿي آهي.“.
    سنڌ ايڪسپريس ۾ پهرين ڊسمبر 2014 تي ڇپيل..
    لنڪ
    http://sindhexpress.com.pk/epaper/i...ge=Magazine012&Date=20141201&Pageno=13&View=1

    ۽
    http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130214144&Issue=NP_HYD&Date=20141201
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ايم ايڇ پنهنجو جو زرعي تحقيق ۾ نالو ڪنهن کان به ڳجهو ناهي .... اڄ فرزانه پهنور بابت ايڏي معلومات ملي جنهن جي خبر ڪانه هئي. بهترين شيئرنگ ۽ اوهان تمام سٺي ڄاڻ وارو موضوع لکيو آهي.
     
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    واقعي تمام بهترين ڄآڻ ڏني آهي ۽ انشالله اهو وقت به اوز ايندو جڏهن دنيا ۾ سنڌي هر فن ۾ اڳتي هوندا
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اسانکي ان وقت جو انتظار رهندو
     
    منصورنثار هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصورنثار

    منصورنثار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جون 2012
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    112
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي
    انتهائي ڏک جي خبر....فرزانه پنهور لاڏاڻو ڪري وئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو